SHAHEED SOOFI SHAH INAYAT


















تنهن زماني ۾ سنڌ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي: اُتر سنڌ جي راڄڌاني بکر (سکر) هو، ۽ وچولي سنڌ راڄڌانيءَ ٺٽي ۾ هئي، ۽ لاڙ تنهن زماني ۾ چوٿين سرڪار طور ملتان، صوبي جو حصو هئي، جيڪا مغلن جي حُڪم تي 1679ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي اثر ۾ هئي.
اهڙيءَ طرح وچولي سنڌ به چئن سرڪارن تي ٻَڌل هئي، جيڪي ٺٽي، چاچڪان، نصرپور، چاڪر هالا جي نالي سان مشهور هيون، ۽ جيڪي صوفي شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي سبب يار محمد ڪلهوڙي جي قبضي ۾ آين.
هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن مغل سلطنت جو زوال ٿي چُڪو هو ۽ مرهٽا، سِک ۽ راجپوت بغاوتن سندس چيلهه چِٻي ڪري وڌي هئي. اورنگزيب جي موت سان سندس اؤج جو سج لهي چُڪو هو ۽ هاڻي دهليءَ جو نئون مغل بادشاهه، فرخ سير اُن جي وڌيڪ وکرڻ  واري عمل کي روڪي نه پي سگهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جهڙي ڏورانهن علائقي ۾، مطلق العنانيت ۽ جاگيرداراڻي لاقانونيت جو دؤر هو. نوابَ، جاگيردار، پِير ۽ سيد زميندارن طرفان، ڪُڙمين جي لُٽمار جي بازار گرم هئي. انهن اَڻوڻندڙ حالتن ۾، صوفي شاهه عنايت الله ڀرپاسي جي ڪچليل ڪُڙمين کي هڪڙي دائري ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي درگاهه جي سموري زمين، گڏيل پورهئي ۽ فصل جي پيداوار جي بنياد تي ڪُڙمين ۾ مُفت ورهائي ڇڏيائين، ۽ درگاهه جي لنگر لاءِ گهُرج پٽاندر ڪٽوتي ڪيائين. اُن لنگر تان دائري جا سمورا ماڻهو مفت ماني وٺي کائيندا هئا. اهو هڪڙي قسم جو ڪميون سماج هو، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو هو ۽ ان موجب سندس پيداواري حصو هدندو هو. دائري جا ڪڙمي فقير سڏرائيندا هئا، ۽ اهي فقير، جاگيرداري نظام جي اڪثر لعنتن کان آجا هئا.
هڪدم صوفي عنايت جي دائري ۾ آيل ڪُڙمين فقيرن جي سوڀ ۽ ناماچاري، جهنگ جي باهه جيان ڀرپاسي جي ڪُڙمين ۾ ڦهلجڻ لڳي. بلڙي شاهه ڪريم جهڙي هزارين  ايڪڙن جي مالڪ درگاهه جا مُريد ڪُڙمي به شاهه عنايت جي دائري ۾ شامل ٿيڻ لڳا ۽ ڀرپاسي جا ٻيا ڪُڙمي به پنهنجي زميندارن کان ان قسم جون رعايتون گهُرڻ لڳا. ۽ اِيئن لاڙ سنڌ جو زميندار طبقو، صوفي عنايت الله جي ڪُڙمين ۾ ڦهلجندڙ مشهوريءَ کي هاڃيڪار سمجهڻ لڳا. نتيجي ۾ علائقي جا وڏا زميندارَ، سندس خلاف سازش سَٽڻ ۾ جُنبي ويا. انهن سازشي زميندارن ۾ بُلڙي شاهه ڪريم جو سيد عبدالواصع، شيخ سراج الدين (بهاؤالدين ذڪريا مڪتب)، بابر پليجو، نور محمد پليجو، حمل بن لاکو جت ۽ ٻيا بااثر زميندار شامل هئا. هنن ٺٽي جي صوبيدار مير لُطف الله خان کي درخواست ڏني، ته سرڪاري حُڪمنامي پٽاندر، جهوڪ جي شاهه عنايت الله کي پئنچاتي زرعي طريقي (نظام) کان روڪيو وڃي. جيئن ته جهوڪ کي درگامي زمين دهليءَ کان معافيدار طور ملي هئي، تنهنڪري قانوني طور ڳالهه ٺٽي جي صوبيدار جي هٿ وس کان ٻاهر هئي، پر صوبيدار، زميندارن جي پُٺي ٺپريندي چيو ته، اُهي پاڻ شاهه عنايت سان نبري سگهن ٿا.
ٺٽي کان اجازت ملي ته زميندارن جهوڪ تي چڙهائي ڪئي. جيتوڻيڪ فقير ڪُڙمين ڏاڍي سورهيائيءَ سان مقابلو ڪندي، زميندارن جو حملو روڪيو، پر ڪيترائي فقير مارجي ويا. هنن وٽ ڪنهن قسم جو ڪو هٿيار نه هو. مرندڙن جي وارثن دهليءَ ۾ فرخ سير جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو. فرخ سير حملي جي ڏوهاري زميندارن کي دهليءَ جي عدالت ۾ پيش ٿي، صفائي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. نتيجي ۾ شاهي عدالت مان سزا ملڻ جي ڊپ کان اڪثر لاڳاپيل زميندار روپوش ٿي ويا، ۽ بادشاهه حُڪم ڏنو ته ڏوهارين کان زمين کسي مرندڙن جي وارثن ۾ ورهائي وڃي. اِن عملَ سان جهوڪ جي فقيرن جا حوصلا وڌيا ۽ دائرو ويتر سگهارو ٿيو. هاڻي ڀرپاسي مان زميندارن جا ستايل ڪُڙمي، پناهه ۽ مدد جي مقصد سان شاهه عنايت الله جي چؤڌاري گڏ ٿيڻ لڳا.
انهيءَ مقدمي تي زميندارن ڪوشش ڪندي، ٺٽي جي صوبيدار مير لُطف الله خان کي بدلي ڪرايو، ڇو ته هنن موجب هو ڏاڍو رحمدل حاڪم هو، ۽ اُڻ جي جاءِ تي نواب اعظم خان کي ٺٽي جو صوبيدار بڻايو ويو، جيڪو صوفي عنايت الله ۽ سندس فقيرن جو جاني دشمن هو. سنڌ جي زميندارن، پِيرن، سيدن ۽ مُلن گڏجي شاهه عنايت الله خلاف ڪُفر جي فتويٰ ڪڍرائي ۽ وري هلچل شروع ڪئي، پر هالا جي مخدوم خاندان، شاهه عنايت خلاف اُن هلچل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ کان کُتو جواب ڏنو.
ڪُفر جي فتويٰ جو سهارو وٺي، نواب اعظم خان، شاهه عنايت الله تي بادشاهه خلاف بغاوت ۽ آزاديءَ جي تهمت مڙهي ۽ بادشاهه فرخ سير کي سندس خلاف ڀڙڪايائين. بادشاهه فرخ سير کؤجنا بنا، نواب اعظم خان کي حُڪم ڏنو ته صوفيءَ ۽ سندس فقيرن کي تلوار جي زور تي دٻايو وڃي.
پوءِ دهليءَ مان شاهي فرمان ملڻ بعد، اعظم خان جهوڪ تي هڪڙي وڏي فوجي چڙهائيءَ جي رٿابندي ڪئي. زميندارن جي فوجي مهنداريءَ لاءِ بکر جي ميان يار محمد ڪلهوڙي کي دعوت ڏني، ۽ ايئن جهوڪ وارن فقيرن جي، هڪڙي ننڍڙي پرامن ۽ نئين گروهه کي رياست جي هٿياربند فوجين چؤطرف گهيري ۾ آندو.
جنگي ميدان مان ملتان جي ميران سنگهه کتريءَ جي نالي، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي هڪڙي خط مان پتو پوي ٿو، ته جهوڪ جو گهيرو 12 آڪٽوبر 1717ع تي شروع ٿيو. جيتوڻيڪ ٺٽي جي نواب، اعظم خان جي فوج گهٽ هئي، پر اصل ميان يار محمد ڪلهوڙي جي فوجن ۽ صوفي فقيرن وچ ۾ ٿي. صوفي فقير، گهڻو ڪري ڪُهاڙين، بڙڇين، ڀالن ۽ خنجرن سان هٿياربند هئا. ۽ پهرين رات دشمن جو گهيرو ٽوڙي، ڏاڍيءَ بهادريءَ سان ڪلهوڙن جي فوجَ تي راتاهو هنيو، جنهن ۾ ڪجهه مشهور زميندار به مارجي ويا. انهن مارجي ويندڙن ۾ قاسم ولد گهرام، ٺٽي جو سيد بولو وڪيل ۽ احمد بوبڪائي شامل هئا، جن جو ذڪر يار محمد ڪلهوڙي، جنگي ميدان مان پنهنجي پُٽ جي نالي لکيل هڪڙي خط ۾ ڪيو آهي.
ايئن صوفي عنايت الله جي فقيرن، دشمن جي وڏيءَ فوج خلاف دفاعي جنگ وسيلي مقابلو شروع ڪيو. فقير سڄو ڏينهن دفاعي جنگ وسيلي، ڪلهوڙا فوجَ جي اڳرائيءَ کي روڪين پيا، ۽ رات جو درگاهه مان نڪري دشمن جي صِفن ۾ گهڙي راتاهو هڻندا هئا، ۽ دشمن جا هٿياربند به ڦُري وٺندا هئا. ٻه مهينا ايئن لَنگهي ويا، پر زميندارَ ۽ سندن ڀاڙيتو فوجَ، وڏي تعداد ۽ سُٺن هٿيارن سان هٿياربند هوندي به، جهوڪ جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا.
مير علي شير قانع موجب صوفي فقيرن وٽ، ان کانسواءِ ٻي ڪو چارو نه هو ته اُهي گوريلا جنگ وسيلي پنهنجو بچاءُ ڪن يا وري ختم ٿي وڃن. اِيئن چئن مهينن جي گهيري تائين، فقير دشمن فوج کان هٿيار ڦُري سگهارا ٿيندا ويا. اَٺ مهينا لنگهي ويا ۽ هنن حملو ڪندڙ فوجَ تي ڍڪر چاڙهي ڇڏيا! ۽ جنگ جو پاسو هاڻي فقيرن ڏانهن پلٽجڻ  لڳو.
شڪست ۽ مڪمل تباهيءَ  کان بچڻ لاءِ دُشمنَ هڪڙي نئين کيڏ کيڏيا. جنوري 1718ع تي ميان يار محمد ڪلهوڙي، قرآن شريف تي قسم کڻي، صوفي عنايت الله سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي پُٽ محمد خان ۽ شهداد ٽالپر کي آڇ ڏيئي موڪليو. جانباز فقيرن، صوفي عنايت الله کي صلاح ڏني ته زميندار ٺَڳ آهن، ۽ کين  جاگيرون، قرآن کان وڌيڪ پياريون آهن، تنهنڪري مٿن ڀروسو نه ڪيو وڃي، پر صوفي عنايت جو، نه رڳو قرآن تي پورو ويساهه هو، پر هو پنهنجي فقير مُريدن جو ناحق وهندڙ رَت به روڪڻ پيو چاهي، تنهنڪري امن جو ٺاهه ڪري، جهوڪ جا دروازا کوليا ۽ صوفي عنايت پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽيي سان گڏ، معاهدي جا شرطَ نبيرڻ لاءِ يار محمد ڪلهوڙي جي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ پاڻ پهچي ويو، جتي صوفي عنايت الله کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قرآن  تي قسم کڻندي به فوجَ جهوڪ ۾ گهڙي آئي! هڪڙي اندازي موجب پندرهن کان ويهن هزارن تائين، مُريد ڪُڙمين جو بيدرديءَ سان عام قتل ڪيو ويو! 47 جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت الله، سندس ڀاءُ ۽ ڀائيٽيي کي ماڻهن آڏو ڦاهي ڏني وئي، ۽ پوءِ صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِرُ ڌڙ کان ڌار ڪري، اُن جي عام نمائش ڪئي وئي ۽ پوءِ دهليءَ موڪليو ويو. پوءِ ڪجهه فقير اُن کي واپس جهوڪ کڻي آيا ۽ کيس سندس سَرير سان گڏ دفنايو ويو، ۽ ايئن ڪلهوڙن، هزارن ڪُڙمين جي رَت سان هولي کيڏي، لاڙ سنڌ تي به پنهنجو اقتدار قائم ڪري ورتو ۽ ايئن سڄي سنڌ سندن حڪمرانيءَ ۾ آئي.
12 نومبر 1984ع تي آئون جهوڪ پهتس، جيڪو ٽنڊي محمد خان- سجاول روڊ تي واقع آهي. اُتي منهنجي ملاقات شڪارپور جي هڪڙي بزرگ، فقير امام الدين ڊکڻ سومري سان ٿي، جنهن صوفي شهيد جي جدوجهد ۽ قربانيءَ تي تفصيلي روشني وڌي.
درگاهه جي وڏي اڱڻ ۾ ڪجهه فقير انتهائي سوڳ ۽  ڳنڀيرتا جي حالت ۾، هڪڙي دائري ۾ ڪنڌ جهُڪائي زمين تي ويٺل هئا. درگاهه هاڻي به اُن حالت ۾، ٽُٽُل ۽ جهُريل ڏسڻ ۾ پئي آئي. مون اهو کوهه به ڏٺو جنهن بابت چيو وڃي ٿو، ته ان کي فقيرن جي لاشن سان ڀريو ويو هو. هڪڙي نِهار وجهڻ تي لڳي پيو، ته ڄڻ اُها درگاهه اڃا به ماضيءَ جي تاريخي ڌُنڌ ۾ وڪوڙيل هئي.
هن عظيم مُجاهد جي عُرس واري موقعي تي، سانت ۽ ماٺار جو راڄ هو، اُتي نه ڪو فقير عبدالغفور هو ۽ نه علڻ فقير ۽ نه ئي ڪٿان عابده پروين جي ڪُوڪ ٻُڌڻ ۾ پئي آئي. جهوڪ جي اها ننڍڙي درگاهه، هاڻوڪي شگرمل جي پاڇي ۾، جتي هڪڙي ڏينهن ڪلهوڙن جي فوجَ ڇانوڻي هنئي هئي، هاڻي به سنڌ جي تاريخ تي ڪاوڙ جي اهڃاڻ طور بيٺل آهي ۽ ڏاهن جي دلين ۾ عبرت ماڻڻ لاءِ روحاني منظر جو ڏيک ڏئي ٿي.
شاهه لطيف اُن جي ترجماني هيئن ڪئي آهي:

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تنهن کان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
(شاهه)
”صوفي پنهنجي رَت سان منهنجي وجود جي ورق کي ڌوئي ڇڏيو ۽ تنهن وقت کان آئون محبوب جي اکين ۾ جهاتي پائڻ جي همت ڪري سگهيس.“

خورشيد قائم خاني

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 688
Kitab Jo Nalo : SHAHEED SOOFI SHAH INAYAT

Compiled by: Danish Nawaz

First Edition © Roshni 2015
Pages : 272
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.300.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG