SHAHEED GENRAL HOSH MOHAMMAD SHEDI



















آءٌ تاريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اها ڳالهه چوندي ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته سنڌ جي تاريخ وڏن وڏن سانحن ۽ حادثن جي تاريخ آهي. سنڌ جي تاريخ سان فاتحن به اهڙو حشر ناهي ڪيو، جهڙو خود اسان سنڌين ڪيو آهي. هر فاتح اهو ته ضرور ڪيو آهي ته لکن ڪروڙن بيگناهه سنڌي ماڻهن جي لاشن مٿان بيهي نه رڳو پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو آهي، پر تاريخ جي ورقن کي پڻ مظلومن بجاءِ ظالمن جي حق ۾ استعمال ڪندي فاتحن ۽ سندن هٿ ۾ جهليل لال لهوءَ ۾ آلي تلوار کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل بازي ڪئي آهي، ان جو وڏو مثال هي آهي ته انگريز فاتح جنرل چارلس نيپيئر تلوار هٿ ۾ کڻي بي گناهه سنڌي ماڻهن جون سسيون لڻيون ۽ سنڌ کي فتح ڪيو ته ٻئي طرف سندس تاريخدان ڀاءُ وليم نيپيئر قلم هٿ ۾ کڻي پنهنجي ڀاءُ جي فتح ۽ قتل عام کي جائز ڪوٺيندي (Conquest of Sindh) ”سنڌ جي فتح“ نالي ڪتاب لکي تاريخ جي ورقن کي سنڌين جي حق ۾ استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجي فاتح ڀاءُ جي حق ۾ استعمال ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان سنڌي ڌارين جي لکيل ان تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بجاءِ ان کي قبول ڪيو ويٺا آهيون.
جڏهن مون هوشو شهيد بابت حقيقتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيون ته ميرپورخاص جي هڪ مير صاحب سان ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو هاڻي مرحوم ٿي چڪو آهي ۽ ان وقت حال حيات هو. حال احوال وٺندي چيائين، ”نوجوان ڪر خبر ڪيئن اچڻ ٿيو آهي.“ چيم: ”سائين! هوشو شهيد بابت ڪتاب لکڻ جو سوچيو اٿم؟“
اوهان جو تعلق شيرِ سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر جي گهراڻي سان آهي. سوچيم اوهان وٽان ڪو مواد ملي پوي.“ هن ٺهه پهه وراڻيو: ”بابا هوشو ته اسان (ميرن) جو نوڪر ۽ غلام هو، نوڪرن ۽ غلامن جي ڪا تاريخ ٿيندي آهي ڇا؟ انهن تي ڪهڙا ٿو ويهي ڪتاب لکين.“ ۽ ان ڏينهن منهنجو ارادو هڪ اڻ کٽ ۽ اڻ ٽٽ يقين ۾ بدلجي ويو ۽ مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته هاڻي هوشو شهيد جهڙي نوڪر ۽ غلام تي ضرور هڪ تاريخي ڪتاب ترتيب ڏيندس يا لکندس ۽ ان سلسلي ۾ مون پنهنجو ڪم جاري رکيو. مون کي جتي به ڪو ڏس پتو مليو، اتي ويس. ٽنڊي قيصر کان وٺي تلهار تائين، ميرپورخاص کان ماتلي تائين، خيرپور ميرس کان وٺي ٽنڊي باگي تائين، حيدرآباد کان وٺي بدين تائين، جتي به هوشو شهيد جي نسل توڙي خاندان جو ڏس مليو، اتي وڃي ڪائي ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪيم ۽ هي ڪتاب تيار ڪيم. جيتوڻيڪ پنهنجي پَر ۾ مون هڪ ڪتاب لکي ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي، پر پوءِ به احساس اٿم ته هي ڪتاب اڃا تائين اڌورو ۽ اڻپورو آهي.
اسين سنڌي ماڻهو ڏاڍا پرمتڙيا ۽ روايت پرست آهيون، شاندار ماضيءَ تي فخر ڪندڙ ۽ پڪا پختا قبر پرست بڻجي چڪا آهيون، تاريخ ۾ ڇپيل ماضيءَ جي بهادريءَ وارن قصن ۽ ڪارنامن تي هنبوڇيون هڻي رهيا آهيون. مون کي پنهنجو مثال ياد آهي ته جڏهن به ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو ملندو هو ته، راجا ڏاهر کان وٺي هوشو شيديءَ تائين ماضيءَ جي بهادر ۽ سورهيه سرويچن جا قصا ۽ ڪارناما ٻڌائي ماڻهن کي تاريخ جي ورن وڪڙن وارن پيچرن تي بي يار و مددگار اڇلائي ڇڏبو هو، پر حال جو ڪوبه اهڙو بهادري ۽ سورهيائپ وارو قصو ۽ ڪارنامو ڏسڻ ۾ نه آيو، جنهن کي بنياد بڻائي ماڻهن کي نئين ۽ سنئين رستي تي هلائجي.
مون هوشو شهيد تي هي ڪتاب مرتب ڪري ڪو وڏو ڪوٽ نه کٽيو آهي، پر مون کي فخر آهي ته مون هڪ اهڙي سنڌي شهيد جي زندگيءَ بابت تحقيقي ڪم ڪيو آهي جيڪو سنڌ جو نه ته ڪو نالي وارو بادشاهه هو ۽ نه وري ڪو حاڪم يا حڪمران هو، نه عباسي يا ڪلهوڙا خاندان جو ڪو چشم و چراغ هو ۽ نه ئي وري ڪو مير گهراڻي جو ڪو خانداني ٻار هو. پر هو سنڌ جي آزاديءَ جو هڪ اهڙو سچو پچو متوالو ۽ شيدائي هو جيڪو پنهنجي سڄي ڄمار تاريخ جي چچريل ۽ چيڀاٽيل ورقن ۾ گمنام رهيو. بس دشمن آڏو صرف هڪڙي ئي للڪار ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ کيس تاريخ جي امر ورقن ۾ ڄڻ هڪ نئون جنم ڏنو. هڪ اهڙو جنم جيڪو سوين ڪتاب لکندڙن کي به شايد ملي سگهندو هجي!
شهيد هوشو شيدي کي صرف هڪ نعري ايترو ته نروار ڪيو جو جيڪڏهن ڪنهن حڪمران جو نالو کڻڻ بجاءِ هر سنڌي نوجوان شهيد هوشو شيديءَ جو نالو کڻڻ تي مجبور ٿيندو. اهو آهي تاريخ جو انصاف...! هي اڏول انسان، ٽالپر حڪمرانن ۽ انهن جي پوئين لاءِ کڻي هڪ نوڪر يا غلام هجي پر هن جي هڪ نعري ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي آڏو مان هيءُ ڀيٽا طور پيش ڪندي فخر محسوس ٿو ڪريان ۽ پنهنجو سمورو تخليقي پورهيو شهيد هوشوءَ جي قرباني جي نذر ٿو ڪريان، ڇو ته هن ميدان جنگ ۾ دشمن آڏو سورهيائپ جو اهڙو ته لازوال مظاهرو ڪيو، جنهن تاريخ ۾ کيس امر بڻائي ڇڏيو ۽ هڪ گمنام سپاهيءَ مان کيس سنڌ جو هيرو بڻائي ڇڏيو.

منصور قادر جوڻيجو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 690
Kitab Jo Nalo : SHAHEED GENRAL HOSH MOHAMMAD SHEDI

Research & Compiled by: Mansoor Qadir Junejo

New Revised First Edition  © Roshni 2015
Pages : 191
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.200.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG