PIREEN JAI DES MAIN PARDESI (Travelogue)
هڪ دلچسپ سفرنامو
امتياز منگي صاحب جو ’وچ ايشيا‘ جي شهرن جو سفرنامو، جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي، ڇپائيءَ کان اڳ هن ان جي ڊمي ڪاپي مون ڏي موڪلي ۽ مون کان ان تي مهاڳ/ پيش لفظ/ تبصرو يا ڪجهه سٽون لکڻ جو وعدو ورتو. ڏٺو وڃي ته اهڙي ڪم لاءِ ڪنهن به ڪتاب ۾ موجود مضمونن جي فهرست ئي ڪافي ٿئي ٿي .... وڌ ۾ وڌ ٻه ٽي باب وچان وچان پڙهڻ سان آئيڊيا ٿيو وڃي ۽ ان ڪتاب بابت لکيو وٺجي. مون امتياز منگي کي ٻن هفتن جو واعدو ڪيو، پر ٻه هفتا گذرڻ بعد لکڻ ئي اڄ ٿو شروع ڪريان، اهو ان ڪري جو امتياز جي هن سفرنامي جي شروعات ئي مون کي اهڙو جڪڙي ڇڏيو يا کڻي چئجي ته موهي وڌو، جو آئون هن سفرنامي جو هڪ هڪ صفحو پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي ويس.
امتياز سان منهنجي نه ملاقات آهي ۽ نه ڏٺو اٿم، پر اهو ضرور چوندس ته سندس هي تاشقند، بخارا، سمرقند پاسي جو سفرنامو بيحد خوبصورت آهي. ماشاءَ الله جواب ناهي. هي هڪ سطحي قسم جو سفرنامو ناهي، جنهن ۾ مسافر کي جيڪي ڪجهه نظر ايندو آهي اهو لکندو ويندو آهي. دلچسپ سفرنامو اهو به ٿيندو آهي، جو ڪا شيءِ ڏسڻ سان مسافر وائڙو ٿي ويندو آهي، يا خوش ٿيندو آهي ته پڙهندڙ به انهن احساسن کي شيئر ڪندا آهن، پر هي سفرنامو ايڏو ته اونهو ۽ وسيع لڳي ٿو، جو لکڻ واري هر شيءِ جيڪا ڏسي ٿو، ان بابت اسان کي ماضيءَ ۾ به وٺي وڃي ٿو. يعني هو Flash Backs ۾ ان عمارت، ان شخص يا ان واقعي جي تاريخ، جاگرافي ۽ پيدا ٿيل خبر جو ذڪر پڻ ڪري ٿو. مثال طور تاشقند شهر تان هن کي ذوالفقار علي ڀٽي جو معاهدو ياد اچي ٿو. هو تاشقند ٺاهه تي روسي اديبن جا رايا ڏئي ٿو. اهڙي طرح سمرقند ۽ بخارا ۾ پهچڻ سان هو تيمورلنگ کان ظهيرالدين بابر جون ڳالهيون لکي، هنن شهرن بابت شاعرن جا شعر ٻڌائي ٿو. ٻين لفظن ۾ هي سفرنامو پڙهي، جيڪي هاڻ وچ ايشيا جي ملڪن جو سير ڪرڻ لاءِ نڪرندا، انهن کي صحيح معنيٰ ۾ سفر جو مزو ايندو. انهن شهرن، عبادت گهرن، تاريخي عمارتن کي ڏسڻ سان هنن کي انهن جي بئڪ گرائونڊ جي خبر پئجي سگهندي. امتياز پنهنجي سفرنامي ۾ هر شيءِ جي ڀرپور معلومات ڏئي ٿو... جيتوڻيڪ هو پاڻ ان کي اڃان به مڪمل نٿو سمجهي، جو هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”سفرنامو ڪو علاؤالدين جو ڏيئو ناهي، جو مڪمل معلومات ڏئي سگهجي، جيترو ڏسبو اوترو لکبو. باقي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ يا ته ڪتاب يا گائيڊ يا هر ماڳ تي فراهم ڪيل هئنڊ بوڪ، گهڻو مفيد آهن.“
سمرقند، بخارا، تاشقند جهڙن شهرن جا اسان وٽ سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ سفرناما آهن. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اسان سنڌين (واپارين) جو وچ ايشيا جي ملڪن سان تمام گهڻو ۽ گهرو واسطو رهيو آهي. ڪير نٿو ڄاڻي ته اسان جا سنڌي هندو واپار خاطر ڪٿان ڪٿان نه وڃي نڪتا. هو پهرين سنڌ کان نڪري بمبئي تائين ويا ۽ پوءِ هڪ طرف خشڪي رستي وچ ايشيا جي ملڪن کان وڃي نڪتا، ته ٻي طرف سمنڊ رستي لنڪا (سلون)، جاوا (انڊونيشيا) ۽ چين کان وڃي نڪتا ۽ پوءِ ته برازيل، برمودا ۽ هوائي ٻيٽن کان به وڃي نڪتا. تڏهن ته اڄ کان 300 کن سال اڳ هنن سنڌي واپارين بابت شاهه لطيف چيو:
ويا چين، بنگال ڏي، ماڻڪ رکي من.
يا جاوا، سماترا (ملايا ۽ انڊونيشيا) پاسي ويندڙن لاءِ اها چوڻي مشهور ٿي ته:
”جو وڃي جاوي، سو ڦر نه آوي،
جي آوي ته پٽ پوٽا کاوي.“
شڪارپور جي واپارين يا حيدرآباد جي سنڌ ورڪين کي رڳو پئسو ڪمائڻ جو شوق هو، يا انهن ڏورانهن ملڪن مان قيمتي تحفا ۽ سامان آڻي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ پنهنجي محل جهڙن گهرن کي سينگارڻ جو شوق هو. کين جي سفرناما لکڻ جو شوق هجي ها ته اڄ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ سڀ کان گهڻا سفرناما انهن شهرن جا هجن ها، جن مان امتياز منگي گهمي ڦري اچي هي سفرنامو لکيو آهي.
اسان جي سنڌي هندن جي ٻين ملڪن ۾ واپار وڙي ۽ لائيف اسٽائيل بابت ڄاڻ به پاڻ نه لکي، پر انڊيا ۾ راڄ ڪندڙ برطانيا کان آيل انگريزن جي ڪتابن، ڊائرين ۽ خطن مان کين متعلق پروڙ پوي ٿي. انڊيا ۾ ”انگريز راڄ“ شروع ٿيڻ بعد انگريزن کي واپار ۽ حساب ڪتاب لاءِ جتي جتي ضرورت پئي ٿي، هو اتي سنڌي هندن کي وٺي ويا ٿي، يا کين انهن ماڳن تي اڳواٽ موجود ٿي ڏنائون. جيئن ته سنگاپور، ملايا، ڪينيا، يوگنڊا، سري لنڪا، برما وغيره. پر سنڌ جا هي رهاڪو انگريزن جي اچڻ کان اڳ ٻاهر جي دنيا ۾ ٽڙي پکڙي چڪا هئا. مشهور سنڌي هندو واپاري سيٺ نائومل جو واپار انگريزن جي سنڌ اچڻ کان اڳ بصري ۽ بخاري ۾ ڄميل هو.
جيمس وولف جو بخارا بابت هڪ مشهور ۽ دلچسپ ڪتاب A Mission to Bukhara آهي، جنهن جي پهرين ايڊيشن ته 1853ع ۾ لنڊن مان نڪتي هئي. 300 کن صفحن جي هن ڪتاب ۾ وولف لکي ٿو ته، ”فقط بخارا شهر ۾ 250 کان مٿي شڪارپور جا واپاري واپار ۾ رُڌل آهن.“ هو 1840ع ڌاري شڪارپور ۾ پڻ آيو هو. اهڙيءَ طرح هنگريءَ جو هڪ سياح آرٽيس ويمبري پنهنجي تاشقند، بخارا، سمرقند کان ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري شهرن جي سفرنامي “Travels in Central Asia” ڪتاب ۾ لکي ٿو ته 1860ع ڌاري تاشقند شهر ۾ 93 ۽ سمرقند ۾ اٽڪل 100 سنڌي هندو واپاري رهيا ٿي. تاشقند ۾ ته شڪارپور کان ايندڙ قافلن جي ڊاٻي لاءِ ٽي سرايون به ٺهيل هيون.“
بهرحال شڪارپور جي جهونن سنڌي واپاري جي ”وچ ايشيا“ جي شهرن ڏي ورتل واٽن کي، لاڙڪاڻي جو امتياز منگيءَ فالو ڪري نه رڳو پاڻ گهمي آيو آهي، پر اسان لاءِ هڪ سفرنامو به پيش ڪيو اٿس، جيڪو نه فقط دلچسپ آهي، پر معلوماتي ۽ گائيڊ وانگر رهنمائي ڪندڙ پڻ آهي.
امتياز منگي سنڌ يونيورسٽيءَ مان فزڪس ۾ M. Sc ۽ لا LL.B ڪئي ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپارٽمينٽ امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد روينيو کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي. اڄ ڪلهه هو اسان جي ئي ڳوٺ هالا نوان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. پاڻ هن کان اڳ به ٽي سفرناما لکي چڪو آهي جيئن ته
• يارن سان گڏ يورپ ۾
• اپسرائن جي شهر استنبول ۾، ۽
هي سندس ٽيون سفرنامو آهي. ههڙا سٺا سفرناما لکڻ واري ۽ مطالعي ۽ ميوزڪ جي شوقين امتياز منگيءَ کي اهو ئي چوندس ته هو پنهنجا سفر جاري رکي ۽ سفرناما لکڻ جهڙو ڪم جاري رکندو اچي ۽ ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏ اخبارن ۾ پڻ پنهنجي سفر جو احوال قسطوار ڏيندو رهي، ته جيئن گهڻي کان گهڻا پڙهندڙ هن جي لکڻين کي enjoy ڪرڻ سان گڏ، هن جي ڏنل دلچسپ ڄاڻ مان پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهن.
الطاف شيخ
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 832
Kitab Jo Nalo : PIREEN JAI DES MAIN PARDESI (Travelogue)
By : Imtiaz Mangi
First Edition © Roshni 2017
Pages : 252 (16 Colour Pages)
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو










































Comments
Post a Comment