ORAAH (Novel)
حليم جي اڪيلائي ۽ اوڙاهه
سنڌي ادب ۾ حليم بروهي جي سڃاڻپ عام طور اهڙي مزاح نگار طور رهي آهي، جنهن سنجيده موضوعن کي به مزاح جو رنگ ڏنو، پر تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته حليم جي سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترائي آهن.
حليم بروهي ستر واري ڏهاڪي ۾ ’اوڙاهه‘ نالي ناول لکيو، جنهن کي ان دور جي مايوس نسل جي ترجماني چيو وڃي ٿو. پر حليم وري به پنهنجو پاڻ کي پڏائي وڏو ڪو ناول نگار ڪونه سڏايو. حليم جي طبيعت ئي ڪجهه اهڙي هئي جو هو خاموشي سان تخليقي ڪم ڪري وري ڪنهن ٻئي تخليقي ڪم سان لڳي ويندو هو. ان وقت جي سرگرم ادبي دنيا جي ڪيترين ئي تسشهيري رسمن سان کيس ڪابه دلچسپي نه هوندي هئي.
حليم بروهي پنهنجو هي ناول ’اوڙاهه‘ 1975 ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ته کيس ڪيترين ئي تنقيدن جو منهن ڏسڻو پيو، ڇو ته هن ناول ۾ هڪ اهڙي فرد جي ڪهاڻي سمايل آهي، جنهن کي هي سينواريل سماج سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي مينٽل اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جهڙو سمجهي ٿو. هن ناول جو هيرو پنهنجي پاڻ لاء هڪ هنڌ چوي ٿو: " جيئن ڪنهن در جا انجيس ڍرا ٿي ويا هجن ۽ در پنهنجي جاءِ ڇڏي چائنٺ کان ٿورو هٽي ويو هجي، تيئن ئي منهنجو ذهن به پنهنجي جاءِ تان ٿڙي حقيقتن کان ٿورو هٽي ويو آهي. جيڪڏهن مون پاڻ سائڪو اينالائسز ڪيو يا جيڪڏهن مان پاڻ کي سسٽميٽڪلي سائڪو ائنالائيز ڪري ويس ته مان ٺيڪ ٿي سگهان ٿو. "
حليم بروهيءَ جو ’اوڙاهه‘ سنڌ جي هڪ پوري نسل جي اڪيلائي يا ذهني پيڙاءَ جو مڪمل دستاويز آهي، جيڪو صرف ستر اوري ڏهاڪي جي تصوير ڪشي نٿو ڪري، پر جيڪڏهن غور سان پڙهبو ته ’اوڙاهه‘ جا ڪردار هاڻوڪي دور ۾ به اسان جي آسپاس گهمندي ڦرندي نظر ايندا.
’اوڙاهه‘ ناول جي ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ جي بيهڪ ڏسي بي اختيار ذهن ۾ حليم بروهيءَ جي هلڪي ويٽنامين جهڙيءَ ڏاڙهي واري تصوير ذهن ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ سندس چمڪندڙ شرارتي اکيون نمايان آهن ۽ اهي لفظ بي اختيار زبان تي اچي وڃن ٿا ته ’اوڙاهه‘ جهڙو ناول حليم ئي لکي سگهي ٿو.
نثار کوکر
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 840
Kitab Jo Nalo : ORAAH (Novel)
By: Haleem Brohi
Second Edition © Roshni 2017
First Edition by: Brohi Publication 1975, Hyderabad, Sindh
Pages : 144
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو






























Comments
Post a Comment