HINDUN JA DDINR





































سنڌ، ڌرتيءَ جي گولي تي اُهو خوش نصيب خطو آهي، جتي تهذيبي گُلستان جا سڀ کان پهرين گُل ۽ گؤنچ ڦُٽا هئا. سنڌو ماٿريءَ جي ثقافت مان انساني مهذب رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي انتهائي حيرت انگيز ۽ باڪمال ثابتي ملي ٿي.
سنڌ جي مثالي تهذيب کي صدين جو منفرد تسلسل آهي، تنهن ۾ مذهب ۽ ماڻهپو، پنهنجي حسين سنگم سان عروج تي نظر اچن ٿا. موهن جي دڙي جو اِتهاس هجي يا اُن کان به اڳ جا زمانا هجن، يا وري اڄ جو ٽيڪنالاجيءَ وارو دَور هجي، سنڌ خطو، سناتن ڌرم [هندو ڌرم] جي نشانين ۽ اثرن سان جڳمڳ نظر اچي ٿو. انهن مان ’سواستيڪا‘
(ساکيو) نشان اهم آهي، جيڪو اڄ به هندو ڌرم جي اهم نشاني سمجهيو وڃي ٿو.
سر جان مارشل جي لکيت موجب، سنڌ ۾، موهن جي دڙي واري قديم شهر مان شِوَ جون ڪيتريون مورتيون مليون آهن. سندس لکيت موجب اتان مليل ڪافي مهرن تي شِوَ جي شڪل اُڪريل آهي، جنهن ۾ کيس آسڻ تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان پتو پوي ٿو ته، سنڌ جا آڳاٽا لوڪ، شِوَ جي پوڄا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ شِوَ جو ذڪر، جانورن جي ڀڳوان ’پسُوپتيءَ‘ طور پڻ ملي ٿو.
اها پڻ ثابتي ملي ٿي ته، قديم وقت ۾ سنڌ جا ماڻهو، ميلا ملاکڙا، ڏِڻ ڏهاڙا، تهوار ۽ ريتون رسمون شايانِ شان نموني سان ملهائيندا هئا. سرڳواسي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ ’قديم سنڌ‘ ڪتاب ۾ پوڄا جي حوالي سان جن ديوين ۽ ديوتائن جو ذڪر ڪيو آهي، تن ۾: وروڻ (پاڻيءَ جو ديوتا)، اِندر (برسات جو ديوتا)، رُدر (شِوَ جو رُوپ/ گجگوڙ جو ديوتا: جنهن کي عربيءَ ۾ ’رعد‘ به چئبو آهي)، اگني (باهه جو ديوتا)، سُورج ديوتا ۽ چندرما ديوتا کان سواءِ اُشا ديوي، ڌرتي ماتا، ڪالي ماتا ۽ ٻيون ڪيتريون ديويون ۽ شڪتيون شامل آهن، نامياري تاريخدان، آرڪيالاجسٽ ۽ اديب، سائين اشتياق انصاريءَ 2001ع ۾ ’ڌرتي ماتا‘
نالي ڪتاب به لکيو هو.
هڪ (ڪمزور) روايت موجب هندو ڌرم سان لاڳاپيل سنڌ جا آڳاٽا لوڪ، مُڙدن جو ڪِرياڪرم به اگني ديوتا ۾ عقيدو/ يقين رکڻ ڪري ڪندا هئا. تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو به اچي ٿو ته، ڪائنات جي پنجن تتوَن: اگني، جل، وايو، ڀوميءَ ۽ آڪاس جي پوڄا سنڌ کان شروع ٿي هئي. هتي راجا اِندر کان وٺي ٻين ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. اسان کي انهن ديوتائن ۽ دئيتن جو ذڪر هوليءَ، راکي ٻنڌڻ توڙي ٻين ڪيترن ڏِڻن جي پسمنظر ۾ ملي ٿو. اهڙيءَ ريت قديم سنڌي ماڻهن پاران پِپر، بڙ ۽ ٻين وڻن جي پوڄا جو ذڪر به تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهي.
لطيف سائينءَ ’سُر رامڪليءَ‘ ۾ هندو ڌرم سان لاڳاپيل جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايا آهن. هن جوڳين، سامين، ڪاپڙين ۽ ناٿ پنٿين جي سنگ ۾ سفر ڪيا هئا. سندن ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
ڪَن پٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوَٽيا، ڪن چِير،
سدا وهن سامهان، عاشق اُتر هِير،
تَسا ڏيئي تَن کي، ساڙيائون سرِير،
جي فنا ٿيا فقير، هلو تَڪيا پَسون تن جا.
-
اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪَک،
آديسي اُٿي ويا، رُڳي پئي اُڏامي رَک،
ساميءَ کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
سنڌ جا آڳاٽا لوڪ، سمنڊ ۾ اکا وجهي، سمنڊ ۾ واپار لاءِ ويل وڻجارن جي سلامتيءَ سان واپسيءَ جي واٽ نهاريندا هئا. ان کان سواءِ اُڏيري لعل جي پنٿ جا پوڄاري، درياهه جي پوڄا ڪندا هئا ۽ اُهي ’درياهه پنٿي‘ به سڏبا هئا. جنهن جو ذڪر لطيف سائينءَ، سُر سامونڊيءَ ۾ هن طرح آندو آهي:
اُڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارن جون،
آڻيو اَکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي!
-
جر ٿر ڏِيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻَڌي وائنٽيون،
الا! ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.
ان کان سواءِ اسان کي تاريخ جي مختلف ڪتابن توڙي بزرگ اديبن جي يادگيرين ۾ ڪيترين رسمن جو ذڪر ملي ٿو. انهن مان 
’جڻيي پائڻ‘ جي رسم به آهي. هيءَ رسم سنڌ ۾ اڏيري لعل جي پنٿ جا پوڄاري توڙي ساڌٻيلي جا معتقد ڪندا آهن، جنهن جو ذڪر لطيف سائينءَ هن ريت ڪيو آهي:
هِــنـدُو هـڏ نه آهيــن، جَـڻيـو تـو نه جُـڳاءِ،
تِلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سين!
يا وري ’سڳڙا پائڻ/ ٻَڌڻ جي رسم‘، خاص ڪري اُتر سنڌ واري پاسي اڄ به ادا ڪئي وڃي ٿي. جنهن جو ذڪر لطيف سائينءَ، سُرمارئيءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
’سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهُن ٻَڌائون‘
سوچيو هئم ته، ڪتاب ۾ سنڌ جي اهڙين آڳاٽين اهم ريتن رسمن جو به ذڪر ڪريان، جن مان ڪيتريون وقت گذرڻ سان گڏ معدوم ٿي رهيون آهن. پر انهن لاءِ هڪ ڌار ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، انهن کي هن ڪتاب جو حصو نه بڻايو آهي.
مختلف تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته، اڳي سنڌ جا زرعي ڪِرت سان واڳيل ماڻهو، اهي تهوار ۽ ڏِڻ شايانِ شان نموني ملهائيندا هئا. انهن ڏِڻن ۽ تهوارن تي سنڌ جي ڳوٺن ۾ خاص رونق متل هوندي هئي. خاص ڪري سانوڻيءَ جي تهوارن دوران سارنگ جا سهسين ساٺ، هَرن ۽ هُرلن جا هلٽ، چَڙن جي چُونگار ۽ چنگن جا لهرا پيا ٻڌبا هئا. اوطاقن تي ماڻهو گڏ ٿي خوشيون ونڊيندا هئا. ٻئي پاسي چُوڙيلين جي چُوڙين جا ڇڻڪا، ننڍين نيٽين جا ٽهڪڙا، ٻارڙن جا ٻاتڙا ٻول، مائرن جون لوليون... وري هوڏانهن مندرن ۾ بهراڻا کڄڻ ويل شرناين ۽ دهلن تي جهُمر ۽ ناچ ٿيندا هئا. مطلب ته سموري سونهن انهن ڏهاڙن تي پنهنجن سهڻن رنگن سان موجود هوندي هئي، ۽ اهڙا ڏِڻ، نه صرف ڌرمي تهوار، پر ڌرتيءَ جي تهذيب جا اهڃاڻ سمجهيا ويندا هئا. انهن مان لڳ ڀڳ سمورا ڏِڻ ۽ تهوار اڄ به ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ملهايا وڃن ٿا، جن مان خاص ۽ اهم ڏِڻن تهوارن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ امن ۽ آشتيءَ جا سبق ڏيندڙ ڪيترا تيرٿ ۽ آشرم موجود آهن، انهن مان ڪجهه مکيه آشرمن، تيرٿ آسٿانن تي ملهائجندڙ مکيه ورسين، ميلن ۽ ڏِڻن تهوارن جو تفصيل به هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي.
هڪ خيال موجب، اهي تهوار/ ڏِڻ، روحاني ماحول پيدا ڪرڻ کان سواءِ انسان کي (مختصر وقت لاءِ) دنياوي جهنجهٽن کان آجو ڪري، دل ۽ ذهن کي سڪون مهيا ڪرڻ جو بهترين موقعو آهن. اهڙا ڏِڻ عقيدتمندن جي اندر جي ڳُوڙهن رازن کي ڀڳوان تائين پهچائڻ ۾ رابطي جو وسيلو پڻ سمجهيا ويندا آهن. گڏوگڏ اهي تهوار فردي طور، خانداني يا برادري سطح تي امن امان ۽ پنهنجائپ کي هٿي پڻ ڏين ٿا. علم الانسان جي ماهرن (Anthropologists) جي راءِ آهي ته، انهن تهوارن ۽ ڏِڻن ۾ اهم سماجي، تهذيبي ۽ موسمي قدر سمايل آهن، ۽ اهي وري وري ملهائڻ سان اسان جي ڌرمي، سماجي ۽ تهذيبي قدرن جي سنڀال ۽ آبياري ٿئي ٿي.
ڪتاب ۾ شامل سمورن ڏِڻن، تهوارن ۽ ميلن جون تاريخون وڪرمي سنبت جي تاريخن مطابق ڏنيون ويون آهن، ته جيئن نئون نسل هن اهم ڪئلينڊر سان پنهنجو ناتو جُڙيل رکي سگهي. اهي تاريخون گهڻي ڀاڱي سندر شيوا منڊليءَ جي تيار ڪيل سُندر ٽپڻي سان ڀيٽي لکيون ويون آهن. سنڌ ۾ رائج سنڌو سنبت مطابق هر مهيني جي شروعات سهائي پَک کان ٿئي ٿي ۽ اونداهين تٿين ۾ مهينو ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪئلينڊر موجب ئي هن ڪتاب جا سمورا ڏڻ ۽ تهوار ترتيب ڏنا ويا آهن. هر تهوار/ ڏِڻ لاءِ مخصوص تٿ (تاريخ) طئي ٿيل آهي. البت ڪيترا تهوار علائقائي سطح تي ڏِڻن جي ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان به ملهايا وڃن ٿا.
اهي ڏِڻ، تهوار ۽ ميلا، سنڌ ۾ رهندڙ هندو جاتيون، جهڙوڪ: برهمڻ، راجپوت، لوهاڻا، کتري، سونارا، سوٽهڙ، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، جنڊاوڙا ۽ ٻيون برادريون ريتن رسمن جي ٿوري گهڻي فرق سان ملهائينديون آهن. سنڌ جا ڪولهي انهن تهوارن ۽ ڏهاڙن تي ’راسوڙا‘
ڳائي، دهل تي ناچ ڪري، نهايت شانائتي ثقافتي انداز ۾ ملهائيندا آهن. باگڙِي به انهن ڏهاڙن تي راند روند ۽ ناچ وغيره ڪري، خوب لطف اندوز ٿيندا آهن، جڏهن ته ٻيون ڪيتريون جاتيون اڄڪلهه انهن ڏهاڙن کي اڳوڻن نج ڳوٺاڻن ۽ ثقافتي اندازن بدران شهري اثرن هيٺ ملهائڻ لڳيون آهن.
هن ڪتاب تيار ڪرڻ لاءِ سائين علي نواز گهانگهري، روشني پبليڪيشن واري، ٻه مهينا اڳ چيو هو. روزانو شام جو ڪجهه وقت ڪڍي، ان ڪم کي لڳو رهيس ۽ محدود ڄاڻ ۽ وسيلن آهر هيءُ ڪچو ڦِڪو خام مواد تيار ڪري، اوهان اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان. ممڪن آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪي ڏِڻ، ڏهاڙا ۽ تهوار رهجي به ويا هوندا، يا ڪن تهوارن پٺيان روايتن ۾ هڪجهڙائي نه به شامل هجي، پر نوجوان نسل کي، سنڌ ۾ مروج ڏڻن ڏهاڙن جي پسمنظر ۽ پيش منظر کان آشنا ڪرڻ لاءِ ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم. پڙهندڙ مهربانن کي ڪتاب ۾ ڪي چُڪون يا غلطيون نظر اچن، ۽ جيڪڏهن اُهي مون کي انهن کان آگاهه ڪندا ته کانئن سِکندو رهندس ۽ سندن ٿورا به پيو ڳائيندو رهندس.
آءٌ سنڌ جي مهان ليکڪ ۽ افسانه نگار، سائين امر جليل جو ٿورائتو آهيان، جو پاڻ مختصر وقت ۾ ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنائون. پنهنجي سئوٽ ڊاڪٽر رڻجيت پانچاڻيءَ جو به شڪرگذار آهيان، جنهن ڪجهه خاص تهوارن جي پسمنظر ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي. ان کان سواءِ جن جن مهربانن ڪتاب لکڻ ۾ منهنجي مدد ۽ همت افزائي ڪئي، تن ۾ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ سميتا، ننڍي ڀاءُ کيمچند، ڊاڪٽر رميش مگهاڻي، صورتسنگهه ڀٽي، ڊاڪٽر دسرت ڪمار مالاڻي، منگل سنگهه راٺوڙ، ڀيڻ صائمه بلوچ، جئه پرڪاش جوشي ۽ جلال جان کان سواءِ ڪتاب لاءِ تصويرون مهيا ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن: 
منوج ڪمار ۽ ڊاڪٽر راجا شاد جو ٿورائتو آهيان.

تولارام سوٽهڙ
ٻاراچ، ٿرپارڪر

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 833
Kitab Jo Nalo : HINDUN JA DDINR 

By : Tolaram Suthar

First Edition © Roshni 2017
Pages : 112 (8 Colour Pages)
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH