Gautam Bhudh (Shahi Mahal Khaan Nirwan Taain)








































گوتم جو ويراڳ

بهار جي مند شروع ٿي، ته هڪ ڏينهن راجا پنهنجي پٽ وٽ آيو، چيائين: گوتم، اڄ تون مون سان هل، ته آءٌ توکي گهمڻ وٺي هلان. گوتم پيءُ سان گڏجي نڪتو. راجا پٽ کي واٽ تي ڪيتريون شيون ڏيکاريندو پئي ويو ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. چيائينس، 
”مٺا پُٽ، ڏس ته بسنت رُت ۾ ڪهڙي نه فرحت ٿي اچي!“ هيءَ ڌرتيءَ تي ڪهڙي نه ساوڪ لڳي ويئي آهي! هن مند ۾ چڱائي فصل لهندا ۽ پوکيندڙن کي چڱوئي مال حاصل ٿيندو. پٽ هڪ ڏينهن هي منهنجو بدن، چکيا جي آگ ۾ سڙندو ۽ پوءِ تون راڄ ڪندين. هيءَ زمين نه رڳو ماڻهن جي بُک لاهيندي، پر راجا جي خزاني ۾ به دولت وڌائيندي. ڏس ته هيءَ بهار جي مند ڪهڙي نه خوشي ڏيندڙ آهي! نوان پن، روشن گل ۽ ساوا گاهه وٺايو بيٺا آهن! هوڏانهن ٻڌ، نار جو  ڪهڙو نه مٺو آواز ٿو اچي!“
پيءُ پٽ گهوڙن تي هلندا هلندا هڪ شهر ۾ اچي پهتا. شهر کوهن ۽ باغن جو هو، جتي ڍڳن پئي هر کيڙيو ۽ نار جو پاڻي زمين تي پئي هليو. ٻئي هنڌ وري ٻج ڇٽيندڙن ٻج پئي ڇَٽيا. وڻن مان مٺا مٺا آواز پئي آيا ۽ ٻيلن ۾ ساهوارا ننڍا وڏا پئي ٽپيا ڪڏيا. ڪرڙيون، ماکيءَ جون مکيون، سرندڙ ساهوارا، سڀ بهار جي مند ۾ خوش هئا، انبن جي وڻن ۾ سورج پکي خوب پئي ٻَهڪيا. ننڍن پکين وري پوپٽن پٺيان پئي ڊوڙون پاتيون. پٽاپٽي نوريئڙن پئي شرطون پڄايون. مئنا ٽپ ٽپ پئي ڪئي. ڪنڊن ۾ تڏين چين چين پئي ڪئي، وَڇيون مينهن پٺيان پئي ڦريون، بازن آسمان ۾ پئي گول چڪر هنيا. مندر، جنهن جي ڀتين تي چٽسالي لڳل هئي، تنهن ۾ مورن پئي ناچ ڪيا. ڪبوترن ڪابڪن به پئي ڪو ڪو ڪئي ۽ ڀرسان ڪنهن شاديءَ ۾ دهلن جا آواز پئي آيا. مطلب ته، ٻاهران ائين پئي ڀانيو، ڄڻ سڀ هنڌ سک ۽ آنند آهي، سو جئن پئي شهزادي هيءُ رنگ ڏٺو، تئن پئي خوش ٿيو. پر شهزادي نظر هلائي ته ڏٺائين، ته ٻاهران هڪڙي ڳالهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي، پر اندر ۾ وري ٻيو قصو پيو هلي. ڏٺائين ته جيوت جي گلابي گل تي ڪنڊا به ڪيترائي لڳل آهن. نار جو مٺو پاڻي سر برابر پيو اچي، پر ناري وهي وهي پگهر ۾ ڀرجيو وڃي ۽ اُس ۾ بيهي بيهي بدن ڪارو ٿيو وڃيس. هر زمين کي برابر پيو پکيڙي، پر تتي سج ۾ ڍڳو وهي وهي ماندو ٿيو  وڃي. چڱيءَ طرح جاچي گوتم ڏسي ته مار! ڪِرڙي ڪُئليءَ کي پيئي کائي ۽ نانگ وري ڪِرڙيءَ کي پيو ڳڙڪائي ۽ باز وري ٻنهي کي چنبن ۾ چائيو وڃي. بلبل برابر باغ ۾ ٽڪلو ٽڪلو پيئي ڪري، پر بلبل پٺيان وري ڪاسائي پکي بڇ لڳايو بيٺو آهي، ۽ بلبل پاڻ وري سهڻن پوپٽن پٺيان پئي پوي. مطلب ته جتي ڪٿي هڪڙو ٻئي تي مارو ڪيو بيٺو آهي، ۽ مٿس وري ڪو ٽيون مارو ڪيو بيٺو آهي. جيوت، موت تي پيئي گذران ڪري ۽ سچ پچ سارو نظارو مٿاڇري تي پيو سهڻو ڏسڻ ۾ اچي؛ پر مٿاڇري جي تهه اندر هڪ دکدائڪ منصوبو موجود آهي، جو جيوَ هڪ ٻئي جو پيا خون ڪن، ڪينئن کان وٺي آدم تائين هر ڪو پيو هڪ ٻئي کي مات ڪري. آدم به پيو آدم کي بک ڪري. ڪيئن نه بکيو هاري ۽ سندس ڍڳا، جن جي ڪنڌ تي ڦوڦينڊا ڦٽي پيا آهن، سي به پيا وهن!
هيءُ سمورو حال ڏسي گوتم سرد آهه ڀري چيو، ”تڏهن حياتي به انهيءَ کي چئبو آهي! ڇا اها آهي عمدي دنيا، جيڪا بابو مون کي ڏيکارڻ وٺي آيو آهي؟ هاريءَ جي (ماني) پگهر ۾ ڀرجي کاري ٿي پيئي آهي! ڍڳو ڪيترو نه وهي وهي ماندو ٿيو آهي! ڪيئن نه جتي ڪٿي ڏٻري ۽ ڏاڍي جي لڙائي لڳي پيئي آهي! هوا ۾ منصوبو لڳو پيو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪو به اجهو نٿو ڏسڻ ۾ اچي. هي ڇا آهي؟ اڪيلو ويهي ڪو خيال ڪريان!“
ڪپل وستوءَ جي شهر ۾ سڀ سهڻائي لڳي ويئي هئي. راج ڪنور زيبدار رٿ تي چڙهي ٻاهر نڪتو، جنهن کي ٻه سهڻا سفيد گهوڙا هئا، جن تي سونا سنج هئا، ماڻهن کي اٿاهه خوشي وٺي ويئي. ته پياري راج ڪنور جو ٿا مکڙو پَسون. گوتم به ماڻهن جا ٻهڪندڙ چهرا ڏسي نهايت راضي ٿيو. ڀانيائين ته حياتي نهايت ڪا سُکي شيءِ آهي. چيائين، 
”واهه واهه، دنيا ته ڏاڍي وڻندڙ آهي، مون کي ڏاڍي ٿي وڻي! ماڻهو سڀ راجا نه آهن، ته به نهايت خوش آهن. هي منهنجون ڀينرون، جي پورهيو پيون ڪن، سي به ڏاڍيون مٺيون آهن. ڇو ٿيون مون کي هيترو پيار ڪن؟ مون سندن ڪهڙي خدمت ڪئي آهي؟ ٻار مون کي سڃاڻن ٿا ڇا، جو هئڙي سندر مرڪ سان ٿا اکڙيون کڻي نهارين؟ هيڏانهن هن ننڍڙي گل جهڙي نينگر، جنهن گلن جي ورکا ڪئي، تنهن کي اندر رٿ ۾ ويهاريو، ته مون سان رٿ ۾ هلي. واهه واهه! هئڙي ملڪ تي راجائي ڪرڻ ۾ ڪهڙو نه آنند هوندو. چاڻ! هلاءِ رٿ کي. هل اڳتي ته ڏسون باقي ڇا ڏسڻو آهي.“
سو خوشيءَ ۾ راج ڪنور رٿ ۾ هلندو رهيو. ماڻهن جا ڳاهٽ، جيڪي پٺيان هئا، جن ”جئه جئه“ جا آواز خوب پئي ڪيا. رستن تي ماڻهو خوش مزاج ۽ چمڪندڙ چهرن سان بيٺل هئا. نهايت آنند لڳو پيو هو. ڪنهن وقت اوچتو رستي جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو پنهنجي گندي جهوپڙيءَ مان نڪري اچي ٻاهر بيٺو. شڪل نهايت مريض هئس. ڪپڙا بت تي ڪو نه هئس ۽ غليظ اڳڙين ٿڳڙين سان ڀريو پيو هو. بلڪل جهور سنهو سُڪل انسان هو. بت هڏا ئي هڏا هئس ۽ پٺي جُهڪي پيئي هئس. اکين ۾ کڏون هيس، شايد ڪئين سال ڪو رت رنو هئائين ۽ پچين سان ڀريون پيئون هئس. ڏند هڪڙو به نه لڀيس، هڪڙو سڪل هٿ لٺ تي هئس، جنهن جي آڌار تي مس مس ٿي چُريو ۽ ٻيو هٿ ڇاتيءَ جي هڏن تي رکي پئي چيائين، ”ڀڳوان جي واسطي، ڪنگال کي ڪجهه ڏيو، مران ٿو، سڀاڻ يا پرينهن مس ڪڍان!“ وري جو اچي کنگهه ۽ دم کنيس، ته ماندو ٿي ويو. ٿوري وقت بعد وري به هٿ ڊگهيڙي پيو ساڳيا آواز ڪري. اهو حال ڏسي، ڪن ماڻهن هن مسڪين مريض مظلوم انسان کي سندس ضعيف پيرن کان وٺي ڌڪي کڻي رستي کان پري ڦٽو ڪيو ۽ چوڻ لڳس، ”بي ايمان، ڏسين ڪين ٿو، ته راج ڪنور ٿو لنگهي! وڃ پنهنجي جهنم ڏي.“
راج ڪنور گوتم جي نظر به وڃي ڪا هن ماڻهوءَ تي پيئي، تنهن پريان ئي پڪاريو، ”ڇڏيوس، ڇڏيوس! چاڻ، خبر ڪر، هوءَ ڪهڙيءِ شيءِ آهي. جا انسان وانگر پيئي ڏسڻ ۾ اچي، پر انسان آهي ته ڪين ڪي؟ جهڪيو پيو آهي، دکي آهي، هيبتناڪ روپ اٿس. ڇا اهڙي طرح به ماڻهو ڪڏهن ڄمندا آهن؟ هيءُ ڇا ٿو چوي: ”سڀاڻي يا پرينهن مري ويندس،“ ڇو هن کي کاڌو ڪو نه مليو آهي ڇا، جو هڏا به نڪري آيا اٿس؟ هن غريب تي ڪهڙي آفت اچي پئي آهي؟“ اُن چاڻ رٿيءَ جواب ڏنو، ”مٺا شهزادا، هيءُ ماڻهو ٻُڍو آهي. ڪو وقت هو، جو هن جي پُٺي سنئين هئي، هن جي اک روشن هئي ۽ اسي ورهين کان به مٿي لنگهي آيو آهي. چور ڪال هن جي ستيا چوسي ڪڍي آهي. هن جي طاقت لٽي سندس عقل ۽ ارادو ڦري ورتو آهي. هن جي جيوت جي ڏيئي مان تيل کپي ويو آهي. رڳو وٽ ڪاري پئي ٻري! اها آهي ٻُڍاپڻ! پر راج ڪنور، اوهين ڇو ٿا ڪو به خيال ڪريو؟“ تنهن تي راج ڪنور چيو، ”هي شاندار شهزادا، جيئن هي ٻُڍو آهي، تيئن جي ٻيا به هن جيتري ڄمار کائي چڙهيا، ته اُهي به ائين ٿيندا.“ گوتم پڇيو، ”پر جيڪڏهن آءٌ به ايترو  وقت جيئرو رهيس، ته منهنجو به اهڙو حال ٿيندو؟ ۽ جي منهنجي يشودرا به ايترو وقت جيئري رهي، ته هن جو به اهو حال ٿيندو؟ ڇا جالني، ننڍي هستي، گومتي ۽ گنگا اهي به ائين ٿينديون؟“ ”ها بندي نواز“، چاڻ جواب ڏنو. شهزادي چيو، ”ڦيراءِ تڏهن رٿ کي، ۽ هل وري گهر ڏانهن، مون اهو ڏٺو آهي، جو نٿي ڀانيم ته ڏسندس.“

ڄيٺمل پرسرام

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 360
Kitab Jo Nalo : Gautam Bhudh (Shahi Mahal Khaan Nirwan Taain)

by : Kirshan Kumar 
Translated by : Hussain Badshah 

Second Edition © 2017
Pages : 352
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 350.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH