HAQ MOJOOD









































منھنجو ھڪ سچل..!

سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو لاوارث ڪينھن، گھٽ ۾ گھٽ ادبي لحاظ کان. اسان سياسي لاوارثيءَ جو شڪار آھيون، اسان معاشي، سماجي لاوارثيءَ جو شڪار آھيون پر جي اسان پنھنجي ثقافتي، ادبي ورثي تي نظر وجھون ته اسان کي نظر ايندو ته اسان پاڪستان ۾ وسندڙ ٻين مڙني قومن کان وڌيڪ سگھاري فڪري، ادبي وراثت جا وارث آھيون. پر ھڪ نئون الميو جيڪو ھن وقت جڙي رھيو آھي ۽ جنھن جا اثر ايندڙ وقت ۾ ظاھر ٿيڻا آھن، سو اھو ته سنڌ جو وچون طبقو ثقافتي ڪسمپرسيءَ جو شڪار ٿي پنھنجي اولاد کي سنڌي پڙھائڻ کان پڙ ڪڍيو بيٺو آھي. ان جو نتيجو اھو نڪرندو جيڪو پنجابي ماڻھن جو پنجابيءَ کان منھن موڙڻ مان نڪتو. سندن ٻوليءَ جي اوسر رڪجي وئي، نتيجي ۾ سندن ثقافتي اوسر به ڌڪجي وئي. نه ته اقبال، فيض، جالب، جھڙا وڏا شاعر اردوءَ ۾ شاعري ڇو ڪن ھا! ڇا ٿا سمجھو جي فيض ۽ جالب، پنجابيءَ ۾ پنھنجو ڪلام چون ھا ته، پنجابيءَ ڪيتري نه اوسر ڪري ھا. اسان کي سنڌيءَ سان ائين ٿيڻ ناھي ڏيڻو.
منصور ثاني سائين سچل سرمست به سنڌ جو ۽ سنڌي ماڻھوءَ جو خمير آھي. سچل جي ٻولي به، حافظ شيرازيءَ جيان، سلوڻي ۽ عام فھم آھي. وچين طبقي سان واسطو رکندڙ ’ڊگري يافته‘ ماڻھن کي جيڪڏھن چئجي ته توھان لطيف سرڪار جو مطالعو ڪريو ته ٺهه پهه جواب ايندو، ’ڀٽائيءَ جي سنڌي ڏکي آھي!‘ ھلو ڀلا جي ڀٽائي سرڪار جي سنڌي ڏکي آھي ۽ صرف ان سبب ڪري توھان لطيف سائين کي نٿا پڙھو ته پوءِ ڀلا سچل سائينءَ کي پڙھيو اٿوَ؟ سندس ٻولي ته عام فھم، صفا سلوڻي آھي. گھڻو ڪري ماڻھن جو جواب وري به نھڪر ۾ ايندو آھي. مسئلو لطيف سائينءَ جي ٻولي سولي يا ڏکي ھجڻ جو ناھي. مسئلو اھو آھي ته اڪثر مڊل ڪلاسي ماڻھو يا ته ثواب خاطر پڙھندا آھن يا مارڪن خاطر. لطيف سرڪار، سچل سرمست جي مطالعي ۾ ڪھڙو ثواب يا ڪھڙيون مارڪون! علم جي مفھوم کي اسان نھايت سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي. علم معنيٰ سرٽيفڪيٽ، ٺپا، ڊگريون!
سچل سائين فارسيءَ ۾ پڻ ڳچ ڪلام چيو آھي. توڻي جو سنڌيءَ تي فارسيءَ جو وڏو اثر رھيو آھي پر فارسي داني ھيئنر سنڌ ۾ پويان پساھ پئي کڻي. ماڻھن کان ڪاٿي ٿو پڄي جو ھو پنھنجي لساني، فڪري شاھوڪاريءَ تي محنت ڪندا رھن. مولوي حضرات ۽ انگريزي سندن سڀ ڪم ڪريو ڇڏي. الله به خوش، عبدالله به خوش!
ھن ڪتاب ۾ جيڪي فارسي شعر آھن تن مان گھڻائي سچل سائينءَ جي ڪلام ’ديوان آشڪار‘ منجھان کنيل آھن. ڪنھن به شاعر جي شعرن جي چونڊ ھڪ اوکو ڪم آھي. ھيءَ چونڊ ڪرڻ وقت صرف اھا ڳالهه ذھن ۾ رکي وئي ھئي اھڙن شعرن جي چونڊ ڪجي جنھن مان سچل سرمست جي سرمستي، منصوريت ۽ لاڪوفيت جي پروڙ پوي. سچل سائينءَ جو ڪجهه فارسي ڪلام سنڌيءَ توڻي اردو ۾ ترجمو ته ٿيو آھي پر شايد، نوي واري ڏھاڪي کان پوءِ، ان ڏس ۾ ڪو گھڻو ڪم ناھي ٿي سگھيو. 
ھن ڪتاب جو مقصد پڙھندڙن کي سچل سائين ڏانھن رجوع ڪرائڻ آھي.ھيءَ سندس سرمستيءَ جو چَسُ وٺڻ جي نينڊ آھي. ھيءُ، لطيف سرڪار چواڻي، ’پنھون ٿيس پاڻ‘، واري عشق جي منزل کي سڃاڻڻ جو ھڪ سڏ آھي. هيءُ ڪتاب انسانيت کي ٽڪرن ۾ ورھايل نه پر ڪُل ڪري ڏسڻ جو عرض آھي. عمر خيام چوي ٿو:
ھفتاد دو ملت اند درين دين ڪم و بيش
از ملت ھائي عشق دارم درپيش
(ھن مذھب ۾ لڳ ڀڳ ٻاھتر فرقا آھن. پر مان عشق جي فرقي سان واسطو رکان ٿو).
الغرض، ھيءُ ڪتاب پنھنجي ثقافتي ورثي تي فخر ڪرڻ ۽ مڊل ڪلاسي ڪلچرل ڊپريشن مان نڪرڻ جو ھڪڙو نياپو آھي.
اين شراب عاشقان را ھر که خورد
مست آمد دائما ھوشيار نيست
(شھباز قلندر)
عاشقن جي اھا شراب جنھن چکي، اھو ھميشه لاءِ سرمست ٿيو پوي، وري ڪڏھن ھوشياريءَ ۾ نٿو اچي.

شفقت قادري

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 845
Kitab Jo Nalo : HAQ MOJOOD

Compiled, Researched & Translated By : Shafqat Kadri

First Edition © 2017
Pages : 158
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH