NASLAN JO BUN BUNYAD (The Origin of species)













































































فطرت، زندگي ۽ انساني ارتقا جي  سائنس جي تاريخ

اها 1987ع جي گرمين جي ڳالهه آهي، آمريڪي سپريم ڪورٽ اندر ٻه طبقا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. هڪ طبقو پادرين جو هو ۽ ٻيون سائنسي سوچ رکندڙ، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جهڳڙو به عجيب نوعيت جو هو. يعني، ارتقا درست آهي يا تخليق؟ پادرين جو ٽولو جيڪو پاڻ کي تخليقي يا ”فطري سائنسي“ جو حامي چورائي رهيو هو. سو انهيءَ ڳالهه جي حق ۾ هو ته ”اڄ کان چند هزار ورهيه اڳ خدا تعاليٰ هيءَ ڌرتي تخليق ڪئي هئي ۽ انهي تي حياتي پڻ، جڏهن ته ٻيو گروهه سائنسي سوچ رکندڙ هو ۽ ارتقا تي بحث ڪرڻ ٿي چاهيائين، ان جي دعويٰ هئي ته ”زمين ڪائنات جي درجي بدرجي وجود جڻ جي سلسلي ۾ ٺهي هئي ۽ ان تي حياتي وڌيڪ ارتقائي منزلون طئي ڪري هاڻوڪي شڪل ۾ ظاهر ٿي آهي.“
مقدمي جي ڪارروائيءَ دوران ٻنهي طبقن پنهنجا پنهنجا موقف پيش ڪيا، ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي صحيح ۽ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا. ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ عدالت عدليه ٻن جي ڀيٽ ۾ ستن ووٽن جي اڪثريت سان ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ گڏوگڏ اهو حڪم پڻ صادر فرمايو ته ”جن پبلڪ اسڪولن ۾ ارتقائي سائنس نٿي پڙهائي وڃي، اتي انهيءَ جي پڙهائي جو بندوبست ڪيو وڃي.“ يعني ڪائنات جي وجودجڻ جي سلسلي ۾ مذهب ۽ سائنس کي قطعي طور تي جدا جدا ڪيو ويو. انهيءَ فيصلي تي ارتقا جي حامين جي سرهائي هڪ فطري ڳالهه هئي. پٿرايل بوتن (Fossils) بابت ڄاڻ رکندڙ جڳ مشهور ماهر اسٽيفن جي گولڊ چيو ته ”کيل ختم ٿي چڪو، ميدان هاڻي اسان جي هٿ ۾ آهي.“ هڪ ٻئي ماهر چيو ته ”تخليقات جا حامي هاڻي اسڪولن ۾ ارتقا سان گڏ تخليق جي موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ استادن کي مجبور ڪري نه سگهندا.“
تخليقات جي حامين تي انهيءَ فيصلي جو ڪهڙو اثر ٿيو؟ اچو ته جائزو وٺون، انهن جي فاضل وڪيلن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”تخليقات اڃا مئي نه آهي. اها زندهه آهي ۽ انهيءَ جي تدريس جا موقعا اڃا به ايترائي روشن آهن، جيترا اڳي هئا“ هڪٻئي حاميءَ چيو ته ”اهو ته فقط ڪورٽ جو فيصلو آهي. اسين سُتت ئي ٻيهر عدالت جو در کڙڪائينداسين ۽ ان کي پڪ آهي ته انهيءَ ڀيري اسين سُٺيءَ اڪثريت سان ڪيس کٽينداسون، ڇو ته ڪورٽ سڳوريءَ تخليقي نظريئي تي پابندي فقط پبلڪ اسڪولن لاءِ وڌي آهي ۽ اسان به اتي، جتي ارتقا جي تعليم ڏني وڃي ٿي، ليڪن پبلشر کي انهيءَ بابت ڪتاب ڇاپڻ کان جهليو نه ويو آهي، تخليقات جي پرچار تي بندش نه وڌي ويئي آهي. ارتقا جي هي جيت محض وقتي آهي، جيڪي ماڻهو وچٿرا هئا. يعني نه ته ڪٽر مذهبي ۽ نه ئي ارتقا کي حرف آخر سمجهندڙ، تن جو رايو هو ته ”انهيءَ فيصلي کانپوءِ استادن کي انهيءَ ڳالهه جو موقعو ملندو آهي وڌ ۾ وڌ جديد نظرين ۽ علمي موضوعن کان پنهنجي شاگردن کي آگاهه ڪري سگهندا ۽ اهڙيءَ ريت آزادانه بحث مباحثي لاءِ هڪ نئون ميدان جڙي پوندو.“ ڪيس ته خير پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، پر جهڳڙو نه نبريو، اچو ته ڏسون ته ان جي شروعات ڪيئن ٿي هئي؟
1925ع ۾ ارتقائي نظريئي کي آمريڪا جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اتان ئي هن نظرياتي جهيڙي جي شروعات ٿي، هاڻي اچو ته هڪ نظر انهيءَ نظريي تي وجهون ۽ ڏسون ته انهيءَ ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جيڪا جهڳڙي جو ڪارڻ بڻي، ارتقا جي لفظي معنيٰ آهي ”ڏاڪي به ڏاڪي فطرتي ترقي، واڌ يا اوسر“ انگريزيءَ ۾ ان کي (Evolution) چئبو آهي. هن نظريي موجب ”هن ڌرتيءَ تي موجود سمورا ٻوٽا ۽ جانور هڪ ڊگهي ارتقائي عمل مان گذري موجوده حالت ۾ پهتا آهن. زندگيءَ جو اوائلي روپ فقط هڪ سادو گهرڙو (Cell) آهي.“ اهڙو نظريو سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي سائنسدان لامارڪ (1825- 1745 (Lamarck ”فلاسافيه زولاجيڪا“ (Pholosophia Zoologica) نالي ڪتاب ۾ پيش ڪيو هو.
لامارڪ جو اهو نظريو اڃا به ڪجهه ڪوتاهين ۽ خامين وارو هو. پر پوءِ به انهيءَ تي گهڻي ڏي وٺ ٿي، آخرڪار انگريز سائنسدان چارلس ڊارون (1888ع، 1809ع) پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ عظيم الشان تحقيق کانپوءِ 1859ع ۾ پنهنجي  هيءَ تصنيف ”نسلن جا بُڻ بُڻياد“ (The Origin of Species) ۾ باقاعدي طور اهو خيال ڏنو ته ”ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ ۾ ارتقا ٿي آهي.“ ڊارون (Darwin) پهريون ڀيرو چٽن لفظن ۾ انهيءَ خيال کي رد ڪري ڇڏيو ته هي دنيا ڪنهن مخصوص تخليق جو نتيجو آهي. يا هن ڪائنات ۾ موجود سڀني شين کي خلقيندڙ ڪائي مافوق الفطرت هستي (Metaphysical Entity) آهي. ڊارون تمام سادن لفظن ۾ چيو ته ”انسان سميت هن سنسار ۾ موجود هر هڪ شيءِ اُن ۾ ڊگهي ارتقائي عمل جو نتيجو آهي جيڪو زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي روان دوان آهي.“ هن چيو ته ”انسان به اُن ارتقائي عمل ذريعي سادن جانورن منجهان ڦٽي نڪتو آهي.“ اهو نظريو پادرين جي ڪئمپ تي ڄڻ ته سائنسدانن پاران اڇلايل بم ٿي ڪريو. ڊارون جو اهو انڪشاف مقدس انجيل جي ”خصوصي تخليق واري نظريي“ (The Theory of Special Creation) جي بلڪل ابتڙ هو، جنهن مذهبي حلقن ۾ ڄڻ ته ممڻ مچائي ڏنو. اها ڳالهه اشرف المخلوقات حضرت انسان جي شان ۾ گُستاخيءَ جي برابر هئي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ مهمان، ۽ اوچي عاليشان هستي جي شان ۾ ايڏي وڏي گستاخي ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهي؟
سگمنڊ فرائڊ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”تاريخ ۾ سائنسدان هٿان، ٻه دفعا مذهب جي رسوائي ٿي آهي، پهريون ڀيرو اُن وقت جڏهن اهو معلوم ٿيو ته زمين ڪائنات جو مرڪز نه پر ڪائناتي نظام ۾ رڳو هڪ ٽٻڪي مثل آهي، اهو دؤر گئليلو ۽ بُرونو جو هو ۽ ٻيون ڀيرو ان وقت جڏهن علم حياتيات (Biology) انسان کي سندس خصوصي تخليق جي وقار يا عظمت کان محروم ڪري، عام حيوانات (Animal Kingdom) منجهان سندس ابتدا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.“
سوئيڊن جي مشهور اسڪالر ۽ نباتاتي سائنسدان ڪارل لِئنيس (1778ع- 1717ع Carolus Linnaeus) پنهنجي جڳ مشهور تحقيقي ڪم ”عالم حيوانات جي درجي بندي“ ۾ انسان کي به شامل ڪيو ۽ کيس (Homo sapien) جو نالو ڏنائين، اينگلس (Engels) پنهنجي ڪتاب (Origin of Family, Private Property and State) ۾ لکيو آهي ته ”انسان پاڻ کي پاڻ ئي انسان بڻايو آهي.“
ڊارون جي انهيءَ متي (Theory) ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پادرين ان سائنسي دريافت تي اعتراض ڪيا. الزام مڙهڻ شروع ڪيا ۽ هميشه وانگي هن نئين سائنسي تخليق ۽دريافت تي به ڪُفر جون فتوائون جاري ڪيون. سائنس خلاف اعلان جنگ ڪيو ويو! دراصل ارتقا جي متي کي مڃڻ سان اُن آسماني ڏاهپ (Divine Intelligence) جي نفي پئي ٿي، جنهن موجب هر جاندار کي سندس خاص ماحول مطابق گهڙي ٺاهي موڪليو ويو. هو همراهه ذاتياتي انا (Species Egoism) جي ڪوڙي شان ۽ احساس ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري پنهنجي اکين تي انڌ وشواس جي پٽي چاڙهي ويهي رهيا ۽ حقيقت جي ڪؤڙي گوريءَ کي هضم ڪري نه سگهيا. مسئلو ايڏو ته ڳنڀير ۽ ڀنڀٽ ڀڙڪائيندڙ ٿي پيو، جيڏو ڪوپر نيڪس جي انهيءَ سائنسي انڪشاف ته ”ڌرتي هن ڪائنات جو مرڪز ناهي، پر اها ته ”سورج منڊل“ جو هڪ ننڍڙو ۽ خسيس گرهه آهي!“
يونان جي تباهيءَ کانپوءِ رومي سلطنت وجود ۾ آئي ته اُن تي پادرين جي گرفت مضبوط هئي. رومن ڪليسا جو ڌاڪو هر شيءِ تي ڄميل هو. اُن وقت ئي عيسائيت جي سکيا هيٺ ”زندگيءَ جي خصوصي تخليق جو نظريو“ دنيا کي ڏنو ويو. هن نظريي مطابق: ”خدا تعاليٰ هيءَ ڪائنات فقط ڇهن ڏينهن ۾ جوڙي راس ڪئي، اُن ئي عرصي دوران ٻوٽن ۽ جانورن جون سموريون اسپشز species هڪ ئي سَٽَ ۾ تخليق ڪري ورتيون ۽ ستين ڏينهن پاڻ وڃي آرام ڪيائين. ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائينءَ هيءَ ڪائنات ائين ئي هلي رهي آهي، نه ڪا انهيءَ ۾ بنيادي تبديلي آئي آهي ۽ نه ئي ڪا وڏي ترقي، ”البته انهيءَ جي اصلوڪين حدن کان ٻاهر جيڪي ڪجهه تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، سي در حقيقت سڀ شيطاني شعبدا آهن، جن کان پادرين جي بقول، هر خدا پرست کي پناهه جي دعا پنڻ ۽ ان کي مڃڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن به شخص پادرين جي انهيءَ منطق خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ٿي ڪڍي ته ان کي ”ڪافر“، ”مُلحد“، ”دهرئي“، ”جادوگر“ ۽ ”بدعتي“ جي لقبن سان نوازي، کيس ڪُهايو ٿي ويو.
ساڳيءَ طرح 1859ع ۾ ڊارون جي هن ڪتاب ”نسلن جا بُڻ بُڻياد“ ڇپجڻ کانپوءِ پادرين طرفان اُن تي واويلا مچائڻ جو ڪارڻ به اهوئي هو ته اُهو ڪتاب پاڪ انجيل جي ”خصوصي تخليق واري نظريي“ سان مطابقت رکندڙ نه هو. بس کن پل ۾ مَمَڻ مچي ويو، ککر ۾ چڻ ته کڙو لڳي ويو. عيسائي ڪليسا گجڻ ۽ وسڻ لڳي، چؤطرف ڪُفر، مُلحد ۽ دهرئي جون فتوائون صادر ٿيڻ لڳيون، پريس، اخبارون، رسالا، سرڪاري ميڊيا وغيره سان گڏوگڏ ڪجهه سائنسدانن پڻ ڊارون خلاف واويلا شروع ڪري ڏني، ان ڏاهي ۽ ڏات ڌڻيءَ جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو. ڊارون خلاف رجعت پرست حلقن طرفان هيڏي ڇتي مخالفت ڪا نئين ۽ عجيب ڳالهه ڪانه هئي. دراصل اها جدلياتي تاريخ جي مخالفت جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي. جيڪا تاريخ جي هر دور ۾ رجعت پرست طبقو روشن خيال ماڻهن خلاف ڪندو آيو آهي، عيسائي ڪليسا جتي گرو ڊونو بُرونو کي انجيل جي سچائيءَ ۽ تقدس جي آڙ ۾ جيئرو جلائي ٿي سگهي، جتي گليلو کان ”پاڪ انجيل“ جي صداقت جي آڙ ۾ معافي، توبهه ۽ گيسيون ڪڍرائي ٿي سگهي ۽ سندس ڪيل سائنسي تحقيقن کي سندس ئي واتان ڪوڙو ۽ غلط چورائي ٿي سگهي، اُتي اها جيڪڏهن ڊارون کي مقدس انجيل جي آڙ ۾ ڪافر، مُلحد ۽ دهريو چوي ته اها ڪاعجب ۾ پوڻ جهڙي ڳالهه ڪانهي!
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي ڪتاب ”علم تحقيق“ ۾ لکي ٿو ته ڪافرن ۽ مُنڪرن جي تاريخ پراڻي آهي ۽ سندس فهرست به ڊگهي آهي، تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهرين مُنڪر ٽاليمي (Ptolemy) هو، جنهن روايتن ۽ سندس آقائن کان انڪار ڪندي ٻڌايو هو ته ”تارن جي چرچر جو سبب آسماني طاقتن جي مداخلت نه آهي، پررياضيءَ جون حقيقتون آهن. ”چارلس ڊارون انسان جي وجود ۽ نسلن جي واڌاري جي باري ۾ پاڻ کان اڳ وارن سڀني مقرر ڪيل راين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ”ڪافر اعظم“ جو خطاب حاصل ڪيو.“ ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”غور سان ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته جيڪي ماڻهو انقلابي هئا ۽ سچا انسان دوست هئا، اهي روايتن جي مُقلد نه پر منڪر هئا، ان ڪري انسان جي ڪنهن راءِ، اعتماد جي ڪنهن به مسند ۽ روايتن جي ڪنهن به تقدس جا انڌا پوئلڳ ٿي نه سگهيا ۽ ڪافر سڏيا ويا.“
تخليقات جي حامين ۽ ارتقا جي مخالفن هميشه کان اها جاکوڙ پئي ڪئي آهي ته ڪنهن به طرح سان ارتقائي نظرين کي جڙ کان اُکيڙي ڦٽو ڪجي، پر ڊارون، اَلفرڊ رَزل ويليس (1913- 1823) ۽ ٻين ڪيترن ئي ارتقائي ثبوتن، عوام کان ارتقا جو مکيه متو ڪاميابيءَ سان مڃرايو.
ارتقا جي مخالفن هروڀرو انهي کي ذاتي انا جو مسئلو کڻي بڻايو ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڪهي گڏجي هڪ پليٽ فارم تي اچي مڙيا. 1935ع ۾ ”ريليجن ائنڊ سائنس ايسوسيئيشن(Religion and Science Association)  جي نالي سان باضابطه طور تي هو پهريون ڀيرو هڪ متحده ميدان تي گڏ ٿيا. اهو گروهه پهريون”تخليقي سائنس گروپ (Creative Science Group) هو. ان کان صرف ٽي سال پوءِ هڪ ٻيو گروهه ڪريئيشن ڊي لوگاس سوسائٽيءَ“ (Creation De logos Society) جي نالي سان ميدان ۾ آيو، جيتوڻيڪ انهن تنظيمن جا نالا سائنس سان لاڳاپيل هئا. پر پوءِ به هو الهام، روحانيت ۽ اهڙن ٻين مذهبي قدرن يا علمن کي سٺو سمجهندا هئا ۽ مذهب کان علاوه هر شيءِ، مثال طور سائنس، ماديت ۽ جديديت کي ”شيطاني قوتن جو ڪرشمو“ سمجهندا هئا. موقعي جي مناسبت سان آڳاٽي زماني جو هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ڪجهه مذهبي ڏاها انهيءَ معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا ته گهوڙي جي وات ۾ ڪيترا ڏند ٿيندا آهن؟ بحث ۾ گرما گرمي ٿيندي ويئي. ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن ڪجهه، ايتري ۾ هڪ نوجوان اُتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ همراهه کي منجهيل ڏسي معاملي جي نوعيت بابت کانئن پڇيائين ۽ پوءِ صلاح ڏنائين ته ”ڇو نه گهوڙي جو وات کولي ڏند ڳڻي وٺجن؟ مسئلو پاڻ ئي نبري ويندو!” فلسفين جو اهو ٻڌو ته کين باهه وٺي ويئي ۽ اُن نوجوان کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائون ۽ چوڻ لڳا ته ”هن ڪافر کي ڏسو ته مذهب ۽ فقه کي ڇڏي شيطان جو عقلي رستو اختيار ڪيو اٿس!“
بهرحال، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي گروهن کي پنهنجي پر ۾ اوسر (ارتقا) خلاف ثبوت ملي ويا، جن جي آڌار تي سندن خيال موجب اهي ارتقا کي غلط ثابت ڪري پئي سگهيا. آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪيائون ته ”پبلڪ اسڪولن ۾ ڏني ويندڙ ارتقا جي تعليم غلط آهي.“ غير قانوني آهي ۽ مذهب جي خلاف آهي.“ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻُڌا ۽ سندن پاران پيش ڪيل ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو، ارتقا جي مخالفن طرفان پيش ڪيل شهادتون غير حقيقي، غير عقلي، غير سائنسي ۽ اڻ پوريون هيون ۽ ائين سندن پهريون ڀرپور حملو زائل ٿي ويو.
انهيءَ فيصلي تخليقن جي سوچ ۾ وڏو ڦيرو آندو. هاڻي هنن لفظ ”سائنس“ کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، نه صرف ايترو، پر انهيءَ کي يعني سائنس کي پنهنجي مطلب ۽ مفاد جو مفهوم ڏنائون. هر مذهبي ڳالهه کي سائنسي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ هر سائنسي حقيقت کي مذهب جو لبادو پهرايائون. هُنن انهيءَ اٽڪل بازي جو ڀرپور فائدو ورتو. آکاڻي کي سائنسي تعليم ۾ شامل ڪيو وڃي، مذهبي نظرين جو پرچار ارتقا سان گڏوگڏ ڪيو وڃي، وغيره وغيره ۽ ٻيو ڀرپور وار اهو ڪيائون جو چيائون ته ارتقائي متي ۾ پيش ڪيل سڀئي ڪڙيون مڪمل طرح هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ نه آهن، بلڪه اُهي ٽٽل ڪڙيون آهن ۽ سائنسي  بنيادن تي پوريون نٿيون بيهن، انهيءَ پوئين ”دليل“ البت ارتقا جي حامين کي جهنجهوڙي وڌو ۽ همراهه اڄ ڏينهن تائين انهيءَ سلسلي ۾ منجهيل پر ساڳئي وقت گم ٿيل ڪڙين کي ملائڻ لاءِ ڪوششن ۾ جُنبيل آهن ۽ ڀرپور طرح سان جاکوڙ ڪري رهيا آهن ته انهيءَ مامري جي تهه تائين ڪيئن پهچجي. انهيءَ سلسلي ۾ هنن کوڙ سارا ثبوت ڳولي لڌا آهن. هي اطلاع آهن ته کين اها وڃايل ڪڙي ملي آهي، جا گذريل 30 جولاءِ 1995ع تي بي بي سي ٽيليويزن تان هڪ خبر طور ٽيلي ڪاسٽ به ٿي ته هڪ آمريڪي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر دعويٰ ڪئي ته هن ڏکڻ آفريڪا ۽ جوهانبسرگ ويجهو غارن ۾ هڪ 30 ملين (ٽي ڪروڙ) سال پراڻو پنڊپاهڻ (Fossil) انساني جسم لڌو آهي، جيڪو بن مانس (Ape) ۽ انسان جي وچ ۾ گهربل ڪڙيءَ کي ملائي ٿو. انهيءَ پروفيسر دعويٰ ڪئي ته هاڻي هو انهيءَ قابل ٿي ويو آهي ته انساني ارتقا جي سڀني ڪڙين کي سهيڙي مڪمل ڪري سگهي. اُن کان اڳ 29 جولا 1994ع تي بي بي سي ريڊيو پنهنجي اردو سائنسي پروگرام ۾ ٻڌايو هو ته ايٿوپيا مان 44 ملين سال پراڻي انسان جا پٿرايل بوتا مليا آهن. هن سلسلي ۾ ڏينهون ڏينهن اسان جي معلومات ۾ واڌ ايندي رهي ٿي ۽ نئين کوجنائن جون خبرون اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي اسان تائين پهچنديون رهن ٿيون.
تازو برطانيا جي ارتقائي ماهر عورت ايلين مارگن وڏيءَ جاکوڙ ۽ تحقيق کانپوءِ انسان جي ارتقا بابت هڪ ڪتاب ”عورت جي پيدائش“ (Desent of Women) لکيو آهي. سندس لکڻي، دليلن ۽ پيش ڪيل سائنسي حقيقتن ۾ وڏي صداقت نظر اچي ٿي. هُن انسان جي ارتقائي ڪهاڻيءَ جون گُم ٿيل ڪڙيون، سائنسي تحقيق ۽ منطقي دليلن سان اهڙي نموني ته ملايون آهن جو اها ذري گهٽ مڪمل ٿي پيئي آهي. سندس پيش ڪيل خيال وڌ ۾ وڌ معقول، منطقي ۽ حقيقت ۽ سائنس جي وڌيڪ ويجهو لڳن ٿا.
جين پال سارتر (Jean Paul Sartre) پنهنجي ڪتاب “Being and Nothingness” ۾ لکي ٿو ته ”انسان جي عظمت انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته هو نامڪمل آهي ۽ پنهنجي نامڪمل هئڻ جو شعور به رکي ٿو. اها ئي ڳالهه کيس مجبور ڪري ٿي ته هو مستقل طور تي پنهنجي تڪميل جي جدوجهد ۾ پنهنجي تخليق ڪري ٿو.“
خصوصي تخليق واري نظريي جا حامي دعويٰ ڪن ٿا ته ڌرتي 7000 کان 6000 ورهيه پراڻي آهي. جڏهن زمين پيدا ڪئي ويئي ته اُن تي مڙني قسمن جي مخلوقات پڻ جيئن جو تيئن ۽ ساڳئي وقت موجود هئي. ٻوٽا، وڻ، گل، ميوا، دريا، آبشار، سمنڊ، جبل، ميدان، انسان، حيوان، پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا وغيره سڀ انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ هئا، جيئن اُهي اڄ آهن. انهن ۾ ڪوبه ارتقائي عمل نه ٿيو آهي، ان سڀ جي باوجود وٽن سڄيءَ ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٺوس ثبوت نه هو، جيڪو هو پيش ڪري سگهن.
آئرلينڊ جي آرچ بشپ جيمز اُشر (James Usher) 1650ع ۾ اعلان ڪيو ته هيءَ ڪائنات 4004 ق. م پراڻي آهي. لائٽ فوٽ (Dr. John light Foot) جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي، انگلينڊ، جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي، تنهن چيو ته ”هن ڌرتيءَ تي پهريون انسان جولين ڪئلينڊر موجب 4004 سال اڳ 23 آڪٽوبر صبح جو نائين بجي، جمعي جي ڏينهن مسو پوٽيما (عراق) ۾ ڄائو هو.“ جمعي جي ڏينهن تي سندس اصرار انهيءَ ڪري هو، ڇاڪاڻ ته عيسائي عقيدي موجب هيءَ ڪائنات جوڙڻ کانپوءِ ستين ڏينهن، يعني ڇنڇر جي ڏينهن خدا تعاليٰ آرام ڪيو هو، اُن ڏينهن ڪابه تخليق نه ڪئي هئائين، ڇو ته ڪائنات مڪمل طرح سان تخليق ٿي چڪي هئي ۽ انسان انهيءَ سلسلي جي آخري تخليق هئي.
انگلستان جي آرچ بشت سينٽ آگسٽين (St: Augustine) ڇهين صديءَ عيسوي ۾ پنهنجي ڪتاب ”خدا جو گهر“ ۾ ڪائنات جي پيدائش جو عرصو پنج هزار ورهيه قبل مسيح طئي ڪيو هو. جڏهن کائنس ڪنهن پڇيو ته، جيڪڏهن ڪائنات جي تخليق فقط پنج هزار سال پراڻي آهي ته پوءِ خدا تعاليٰ جيڪو هميشه کان موجود آهي، ڪائنات ٺاهڻ کان اڳ ۾ ڇا ڪري رهيو هو؟ انهيءَ جي جواب ۾ هن وراڻيو ته، ”وقت ڪائنات جي صفت آهي، تنهن ڪري ان جي تخليق کان اڳ وقت جو وجود ئي نه هو. خدا تعاليٰ انهيءَ عرصي ۾ تو جهڙن منافق ماڻهن لاءِ، جيڪي اهڙي قسم جا گستاخانه سوال ڪن ٿا، جهنم ٺاهي رهيو هو.“
سي اي ايم جوڊاس تخليقي نظريي بابت لکي ٿو ته، ”اڄ انهيءَ نظريي کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ قبول ڪرڻ کان جيڪا شيءِ جهلي ٿي، سا آهي هميشه کان وٺي موجود رهندڙ اها شهادت ته في الحقيقت ڪيتريون ئي جنسون پنهنجي جسماني بناوت جي حد تائين، پنهنجي ئي  طرح جي ڪيترن ئي جنسن کان درجي وار ارتقا ڪري وجود ۾ آيون.“
ارتقا جا حامي انهيءَ سلسلي ۾ چون ٿا ته مختلف قسم جي مخلوقات جا هٿ آيل انيڪ پنڊپاهڻ ٿيل ڍانچا (Fossils) لڳاتار بدلجندڙ دنيا، زمين، بدلجندڙ موسم، زمين اندر لڪل ڪوئلي، تيل ۽ گئس جا ذخيرا، ٻي معدنيات، ڌاتو وغيره. اهي سڀئي محض چند هزار سالن جا نٿا ٿي سگهن. انهن لاءِ اربين سالن جو عرصو گهربل آهي. بائيبل جي ڳالهه ڪڏهن به سائنس نٿي ٿي سگهي، ڇو ته سائنس رڳو عقيدي بجاءِ ٺوس حقيقتن ۽ تجربن تي ٻڌل علم آهي. اهو انساني شعور جي باک ڦٽڻ کان وٺي هيل تائين جي انيڪ ڏاهن ۽ کاهوڙين جي ڪيل مشاهدن ۽ تجربن جو نچوڙ آهي، اها ڪنهن واحد فرد جي ڪاوش جو نتيجو ڪونهي پر انهيءَ ۾ هر ڳالهه کي عقل، شعور ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن بائيبل جي ڳالهه کي مڃجي به کڻي ته به انهيءَ سان مسئلو حل نه ٿو ٿئي. اُٽلو نوان مسئلا اُٿي ٿا پون. سائنس جي ڪيل تحقيق ۽ تجربن کي رڳو عقيدي جي بنياد تي رد نٿو ڪري سگهجي. بلڪه تحقيق ۽ تجربن ته مرڳو عقيدي جي بنياد تي ٻڌل ڪيترين ئي ڳالهين کي نسورو ڪوڙو ثابت ڪيو آهي. هونئن به سائنس ڪنهن به ڳالهه کي حرف آخر نٿي سمجهي، اُن ۾ ترميم جي گنجائش بهرحال موجود آهي. تجربن جي آڌار تي سائنس اڄ جي اڻپوري ڳالهه کي سڀاڻي پورو بيان ڪري سگهي ٿي ۽ اڄ جو سچ سڀاڻي ڪوڙ به ثابت ٿي سگهي ٿو. سائنس، ڪنهن ڳالهه جي انا جو مسئلو بنائڻ يا ڪفر جون فتوائون جاري ڪرڻ بدران ان صحيح مشاهدي ۽ تجربي جي مدد سان ترقيءَ جي راهن تي ثابت قدميءَ سان گامزن آهي، علم جي دائري کي وسعت ڏيئي رهي آهي. حياتيءَ ۽ ڪائنات کي نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏيڻ سان گڏوگڏ، انساني زندگي کي پڻ بدلائي رهي آهي.
تخليقات جا حامي جيڪڏهن ٿورو به حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺن ها ۽ عقلي بنيادن تي معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي جستجو ڪن ها ته هوند اهڙي ڳنڀير صورتحال پيدا ٿئي ئي نه ها! پر اُنهن هر ڀيري اهائي ٻاراڻي روش اختيار ڪئي ۽ ڪٽرپڻي جو سهارو ورتائون. هوڏ ڪري ويهي رهيا ته ”بائيبل صرف ۽ صرف سڄو سچ آهي ۽ انهيءَ تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي. انهيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به لکيل آهي، تنهن کي اکيون پوري، بنا چون چُوان جي مڃڻ گهرجي. عهدنامه تخليق خدا جو مقدس ڪلام آهي ۽ تنهن ڪري هر قسم جي تنقيد کان بالاتر آهي. پادرين انهيءَ سوچ کي ”نئين سائنس“ جو نالو ڏنو ۽ ماڻهن لاءِ فتويٰ جاري ڪيائون ته ”عهدنامه تخليق کي لفظ به لفظ سچ مڃيو وڃي، سڀني ڳالهين، لقائن، معروضي حقيقتن کي انهيءَ ئي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي، جيڪڏهن ڪائي ڳالهه يا مسئلو سائنسي نقطي نظر کان کڻي صحيح ڇو نه هجي پر ان جو ذڪر عهدنامه تخليق ۾ نه آهي، ته سندن مؤقف هو ته ”اها صحيح ڳالهه وڃي جهنم ۾ پوي. اسان جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو!“
پائيلو فريري جي ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ جو مُهاڳ مون لکيو هو ته ”هر انساني مسئلي، هر تاريخي ۽ هر ڪائناتي ڳالهه لاءِ رڳو ائين چوڻ ته اُهو قدرت جو عمل آهي ۽ قدرت ئي پنهنجي مصلحت ڄاڻي ٿي.... انهيءَ کي حرف آخر سمجهي، خوش پسند ۽ خوش دل ٿي ويهڻ، ان کان وڌيڪ غُبار آلوده، واچوڙائي ۽ هولناڪ شيءِ انساني دنيا لاءِ ٻي ٿي ئي نٿي سگهي.
جواهر لال نهرو انهيءَ معاملي کي هيئن ٿو بيان ڪري ته ”قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪجهه ماڻهو ڪائنات بابت عجيب ۽ غريب قسم جا شوشا اُٿاريندا رهندا آيا آهن ته جيئن موجوده انفرادي ۽ اجتماعي سماجي مسئلن کان عام ماڻهن جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ جڏهن اُهي ڪائنات جي اهڙي اُلجهيل ڳُٿيءَ کي سلجهائڻ ۾ ناڪام ٿين. تڏهن مايوس ٿي بي عملي ۽ آرام پسنديءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن يا پنهنجي تسڪين لاءِ ڪوئي الهامي عقيدو اختيار ڪري وٺن ٿا. ان ريت انساني عقلي ۽ علمي سوچ ترڪ ڪري بي عقلي، توهم پرستي، نامعقول ۽ غير منصفاڻي تعصب جي اوڙاهه ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو.“
پنهنجي عظيم تصنيف ”ڊسڪوري آف انڊيا“ ۾ جواهر لال نهرو لکي ٿو ته ”جڏهن آئون هن وشال ڪائنات تي نظر وجهان ٿو ته مون کي اڪثر پُراسرار راز ۽ اڻ ڄاتل گهراين جو احساس ٿئي ٿو. دل بي اختيار چاهي ٿي ته جيستائين ٿي سگهي، اُنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ انهن اسرارن کان واقفيت حاصل ڪريان. اُن وقت انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان فقط هڪ ئي رستو هوندو آهي ۽ اُهو آهي، سائنس جو طريقو.
ڪئليفورنيا رياست جي علائقي سانٽي ۾ تخليق جي حامين ”انسٽيٽيوٽ فار ڪريئيشن ريسرچ (Institute for Creation Research) نالي هڪ ادارو برپا ڪيو آهي، جيڪو ڪرسچن هيريٽيج ڪاليج سان لاڳاپيل آهي. هن اداري ۾ لائبريري، عجائب گهر وغيره به آهن، جتي تخليق جا نوان ۽ پراڻا حامي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ تربيت حاصل ڪندا آهن. هيءُ ادارو پڙهڻ پڙهائڻ، لکڻ، بحث مباحثا ڪرائڻ، نوان ميمبر ٺاهڻ کان علاوه بار  بادوس، ميڪسيڪيو ۽ ڪوريا جهڙن ڏورانهن علائقن ڏانهن مشنري (تبليغي) پروگرام ترتيب ڏيڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳل آهي. انهيءَ اداري (I.C.R) جا باني ۽ هلائيندڙ هينري مورس ۽ ڊيوان گُش آهن. ٻئي اعليٰ تعليم يافته هئڻ جي باوجود ارتقا جي نظريئي جا سخت مخالف آهن. گُش جو موقف آهي ته ”جيڪڏهن ارتقا واقعي ٿي به آهي، ته پوءِ يقيناً اُها ڪجهه عرصي لاءِ ٿي هوندي ۽ پوءِ بس! ان هوندي به جيڪڏهن جديد ارتقا جا حامي ٺوس ثبوتن سان انسان ۽ بن مانس(Ape)  جي وچ واريون ڪڙيون مڪمل ڪري مون کي آڻي ڏين ته جيڪر آئون ارتقا جي حمايت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس. ”گُش کان جڏهن تخليق بابت ثبوت طلب ڪيا ويا ته هن اهو چئي معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”اسين ته فقط انهن ڳالهين جي وضاحت ڪريون ٿا جيڪي هو (يعني، سائنس جا حامي) ڪري رهيا آهن ۽ اُنهن حقيقتن کي استعمال ڪريون ٿا، جيڪي ارتقا کي اڻ ٿيڻي ڳالهه ثابت ڪرڻ ۾ مددگار هجن ٿيون.“
گُش ۽ سندس ساٿي مورس جي سڀ کان وڏي خامي اها آهي ته ڪٽرپڻي جا شڪار آهن، جنهن ڪري عقيدي کي گهڻو ويجهو ۽ عقل کان گهڻو ڏور نڪري ويا آهن. ارتقا جي نظريي جي حق ۾ لٿي پٿي وري اها عقل جي ڳالهه اٽل ۽ اڏول اچي ٿي بيهي ته جيڪڏهن ان کي في الحال کڻي غلط به مڃجي پر پوءِ به سائنس ۾  گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ڳالهه جي گنجائش موجود آهي ته نين حقيقتن جي روشنيءَ پٽاندڙ پُراڻن نظرين کي سُڌاري، ترميم ڪري ۽ بدلائي به سگهجي ٿو، جيئن اُهي عقل جي وڌيڪ ويجهو اچن!
جيرالڊ آرڊسما آرسي آر جو نئون رُڪن ٿيو آهي. هُن ٽورنٽو مان ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي. هن جي اچڻ سان آءِ سي آر جي موقف ۾ اها نواڻ آئي آهي ته ڇو نه بائبل ۾ ذڪر ڪيل واقعن تي ”مُستند“ کوجنا شروع ڪجي؟ جيرالڊ آرڊسما پاڻ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي آسمانن مان هيٺ اڇلائڻ واري واقعي جي شهادت هٿ ڪرڻ جي ڳولا ۾ آهي. هُو چوي ٿو ته ”عين ممڪن آهي ته حضرت آدم ۽ حوا کي جنت مان ائين اڇلايو ويو هجي جو اُهي ڦهڪي سان هيٺ ڪريا ئي نه هجن! ائين به ٿي سگهي ٿو ته کين تمام آهستي آهستي زمين تي لاٿو ويو هجي!“ انساني ارتقا بابت هن جو چوڻ آهي ته ”اسين انساني موجودگيءَ لاءِ ايڏي ساري ڊگهي آکاڻي ڇو ويهي گهڙيون ته ماکيءَ جي مکين جي راڻي، جنهن پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو، هڪ مڇيءَ کي جنم ڏنو ۽ پوءِ اها مڇي خود به هڪ انساني ٻچي کي جنم ڏيئي مري ويئي!
آءِ سي آر جي باني هينري مورس جو پٽ مورس حضرت نوح عليه السلام واري طوفان جا آثار ڳولي لهڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. هو انهيءَ سلسلي  ۾ ٽيڪساس ۽ ارارات جبل وغيره جهڙن مختلف علائقن ۾ ويو ۽ حضرت نوح عه جي ٻيڙيءَ جا نشان ڳوليائين. هن کي هڪ قديم پير جا نشان مليا، جنهن بابت سندس دعويٰ آهي ته هيءُ نشان ثابت ڪندو ته ڪنهن جُڳ ۾  انسان ۽ اجگر حيوانُ جن کي ڊائنا سار چئون ٿا، هڪ ئي وقت ٻيئي زمين تي موجود هئا! مورس کان علاوه ٻين انيڪ کاهوڙين نُوح جي طوفان ۽ ٻيڙيءَ بابت کوجنا ڪئي آهي. ڪن ماڻهن وري ”عدن جي باغ“ جي ڳولا ۾ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ لتاڙي آهي ۽ ڪي ئي خيال مفروضا پيش ڪيا اٿن. معاملو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو ويو، نيٺ، 1987ع ۾ انهيءَ ڊگهي نظرياتي جنگ جو نبيرو آمريڪي سپريم ڪورٽ ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڪيو آهي! هارائيندڙ ڌر انهي دنيا کي دل سان نه مڃيو آهي ۽ اڃا تائين پنهنجي عقيدائي روش تي بيٺل آهي. ڪورٽ جي آڏو سندن شڪست جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ به اهوئي هو، جو اُهي تحقيق کان وڌ عقيدي جا قائل هئا. پنهنجي خيالن بابت ٺوس ۽ جامع حقيقتون ۽ شهادتون گڏ ڪرڻ بدران هنن پنهنجي سڄي توانائي ارتقا کي غير سائنسي ثابت ڪرڻ تي ضايع ڪئي. ان جي مقابلي ۾ ارتقا جي حامين پنهنجي ڪيس جو دفاع مضبوط حقيقتن جي بنياد تي ڪيو. سندس پيش ڪيل شهادتون عقلي بنيادن تي ٻڌل هيون ۽ سائنسي معيارن ۽ ماپن تي پوريون بيٺيون ٿي. اڃا به تخليق جا حامي پنهنجي موجوده ٻاراڻيءَ سوچ کي ترڪ ڪري، حقيقت پسنديءَ ڏانهن ڌيان ڏين، ته جيڪو اُهي ترت ئي انهيءَ عالم آشڪار حقيقت کي حاصل ڪري وٺندا ته ”ارتقا جو عمل اڏول، مادي قانون پٽاندڙ مسلسل جاري ۽ ساري آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ۽ انهيءَ ڳالهه جو ٿورو وڌيڪ جائزو وٺون ته ارتقا جي نظريي جي ڪاميابيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا:
ڊارون پنهنجو نظريو ڪنهن الهامي ڪتاب جي بنياد تي ڪونه قائم ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ازغيبي قوت جو آشيرواد جو سهارو ورتو هئائين، پر هُن ته هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻنهي جي وجود کان انڪار ڪيو هو. هن روايتي ۽ دقيانوسي خيالن کي ٿڏي، پنهنجي سوچ کي سائنس جي اٽل اصولن پٽاندڙ ترتيب ڏنو. هن پنهنجي نظريي جوڙڻ ۾ (30) ٽيهه سالن جو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو شامل ڪيو هو. هُن دنيا جي مختلف کنڊن جي مختلف ملڪن جو دورو ڪيو هو. جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هئا. سمنڊ لتاڙيا هئا. ميدانن، بيابانن ۽ ريگستانن جي خاڪ ڦلهوري هئي. ڀانت ڀانت جا ٻوٽا، وڻ، انسان، حيوان وغيره پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ آندا هئا. هن حياتيات، علم حيوانات، ارضيات، ائناٽامي، فزيالاجي، ايمبريولاجي، پئلينٽالاجي ۽ انسانن متعلق علم يعني ائنٿرا پالاجي پڙهيا هئا. اُنهن تي تمام سٺي دسترس رکندو هو ۽ انهي ئي سائنسن جي آڌار تي هُن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي ۾ آندل جانورن جو تقابلي اڀياس (Comparative Studies) ڪيو هو ۽ اُن سڄي پنهنجي اڀياس کي بنياد بڻائي جاندارن جي وچ ۾ هڪجهڙاين ۽ اختلافن کي جاچيو ۽ پرکيو، انهن جي مختلف حياتياتي عملن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ اُنهن مان حاصل ڪيل مڙني نتيجن کي سهيڙي هڪ نظريي جي روپ ۾ دنيا آڏو پڌرو ڪيائين، جنهن کي اسين سڀئي ”ارتقا“ جي نالي سان ڄاڻو ٿا.
ڊارون سڀني شهادتن، مُشاهدن ۽ گڏ ڪيل معلومات کي وڏي احتياط دانشمندي ۽ سليقي منديءَ سان ترتيب ڏنو ۽ اُنهن جي خوب ڇنڊڇاڻ ڪيائين. پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا پنج (5) سال لڳاتار، ڏينهن ۽ راتيون جيءَ جوکي ۾ وجهي، ”بيگل“ نالي بحري جهاز جي تختي تي هڪ ”فطرتي ماهر“ جي حيثيت سان گذاريائين. انهيءَ طويل سامونڊي ياترا دوران کيس جيڪي به ننڍا وڏا حياتياتي اُهڃاڻ ۽ نشان مليا تن جو پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪيائين، کين گڏ ڪيائين، هڪ روزنامچو ترتيب ڏنائين ۽ حاصل ٿيل نتيجن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏٺائين، ُانهن جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتائين ۽ انهن بابت سوچ ويچار ڪيائين.
ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي هئي. سندس پيءُ هڪ مڃيل ڊاڪٽر هو. سندس ڏاڏي  ارسمس ڊارون ارتقا جي تشريح ۾ هڪ مقالو لکيو هو، جنهن جو مٿس ڳوڙهو اثر هو. تنهن ڪري ارتقا هن لاءِ ڪا نئين شيءِ نه هئي، البت هو انهيءَ جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ماندو هو، انهيءَ کان علاوه هو ڪائنات ۽ اُن ۾ حياتيءَ بابت مذهبي سوچ کان پڻ ڀلي ڀت واقف هو. هن حياتيءَ جي ابتدا بابت انيڪ ڏاهن جا خيال ۽ سوچون پنهنجي اڀياس جو محور بنايون هيون. هو سقراط (Socrates, 469-339. B.c)، بقراط ايناگزمندر (Anaximander)، ارسطو (Aristotle 384-270 B.c) پئنٿا گورس (Phytha Goras) لوڪريش (Lucretus, 95- 51 B.c) کان وٺي وليم هاري (William Harvey, 1578-1657)، ايڊورڊٽائسن (Adward Tyson) تائين ڪلاڊيس گيلين (Cladius Galen 130- 200 B.c)، شوڪر (N. Hart Soecker) آندوري وزيلس (Andreas Vesalius, 1514-1564)، ۽ لامارڪ (Lamarck) تائين وارن فلاسافرن، ڏاهن، اسڪالرن ۽ سائنسدانن جي خيال، سوچن، نظرين، مشاهدن ۽ تجربن بابت وشال آگاهي رکندو هو.
هن ڪائنات ۽ اُن تي حياتيءَ جي وجود بابت خيال ۽ نظريا ته انساني شعور جي باک ڦٽڻ سان ئي دنيا آڏو پيش ٿيندا رهيا آهن. ارتقا تي به هزارين ڏاهن پنهنجي ڏاهپ جا جوهر ڏيکاريا آهن پر ڊارون سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هن هر ڳالهه مادي بنيادن تي، تجربي ۽ مشاهدي جي روپشنيءَ ۾ پيش ڪئي. هن ارتقا جي عمل کي ثابت ڪرڻ لاءِ مشاهدن، تجربن ۽ ثبوتن جو تمام جهجهو ۽ قيمتي مواد ڪٺو ڪيو، جنهن مان سندس ورتل/اخذ ڪيل نتيجا وڌيڪ منطقي ۽ سائنسي هئا.

محمد ابراهيم جويو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 819
Kitab Jo Nalo : NASLAN JO BUN BUNYAD (The Origin of species)

by: Charles Darwin
Translated by: Atta Muhammad Bhambhro

First Edition © Roshni 2017
Pages : 576
Size : Royal
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 750.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH