JOZIF STALIN
مارشل اسٽالن- تاريخ ساز شخصيت
ڌرتيءَ تي سڀني کان طاقتور هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جنهن سان لکين ماڻهو مُحبت ۽ نفرت ڪندا هئا. ڪنهن زماني ۾ هُن جا والدين ڪُڙمي هئا- حقيقي معنيٰ ۾ ٻانها. زمين سان گڏوگڏ سندن وڪرو پڻ ٿيندو هو، پر هڪڙو زمانو اهڙو به آيو، جو ڪُڙمي والدين جو اِهو پُٽ، ڌرتيءَ جي ڇهين حصي جو حُڪمران بنجي ويو. هُن جي هٿن ۾ ويهه ڪروڙ ماڻهن جي زندگي ۽ موت هئي.
توهان ڀلي هُن سان مُحبت ڪندا هجو يا نفرت، پر هڪڙي ڳالهه پڪي آهي، ته توهان کانئس لنوائي نٿا سگهو. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته هُو زندگيءَ ۾ رُڳو هڪڙي مقصد سان جهڙيءَ طرح وفادار رهيو، تنهن ڳالهه کان ڪجهه ماڻهو کانئس ڪيئن ٿا لنوائي سگهن. هُن جو اِهو مقصد هو، ته سندس ملڪ تي عوام جي حڪومت هُجي. ۽ هو پنهنجي عوام کي حڪومت ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي.
هُن جو نالو جوزف اِسٽالن هو، پر اِهو سندس اصلي نالو نه هو. هُن جو اصل نالو ’آئيوسف وسارونيووِچ ڊزوگاشولي‘ هو.
اِسٽالن 1879ع ۾ روسي تيل جي ذخيرن واري علائقي ويجهو هڪڙي ننڍڙي اونداهي ۽ پُراڻي گهر ۾ ڄائو. هُن جي گهر جي ماهوار مسواڙ ڇهه شِلنگ هئي.
اِسٽالن جارجيا جو رهواسي هو، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڪيسپيئن سمنڊ جي وچ ۾ موجود آهي. جارجيا جا رهواسي اڄ به پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا. جيتوڻيڪ هنن جي علائقي کي روس سان جُڙندي ڏيڍ سئو ورهيه ٿي چُڪا آهن. اِسٽالن به ويهن ورهين جي ڄمار تائين جارجين ٻولي ڳالهائيندو رهيو. هيءَ ٻولي، روسي ٻوليءَ کان ايترو ئي مختلف آهي، جيتري اسپيني ٻولي، انگريزي ٻوليءَ کان. اِسٽالن جارجين لهجي ۾ روسي ٻولي ڳالهائيندو هو.
آمريڪا ۾ غلاميءَ جي لعنت ختم ٿيڻ کان ٽي ورهيه اڳ، زار اليگزينڊر ٻئين روس ۾ ’ڪُڙمي- غلامي‘ جي قانون کي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن جوزف اِسٽالن 1879ع ۾ ڄائو هو، ته سندس والدين آزاد ٿي چُڪا هئا. هُن جي پيءُ گُذران لاءِ جُتين ٺاهڻ جو دوڪان کوليو هو ۽ موچڪو ڌنڌو ڪندو هو.
اچو، هاڻي اسان ڏسون، ته جوزف اِسٽالن روس جهڙي وڏي ملڪ جو ڪيئن حُڪمران بنجي ويو؟ اهڙو مُلڪ جنهن تي زار روس، پنج سئو ورهين تائين حڪومت ڪندا رهيا هئا.
هُن پنهنجي ابتدائي تعليم ڪجهه ايئن پِرائي، جو کيس پنهنجي ڪِني ۽ غريبيءَ واري ماحول کان نفرت ٿي وئي ۽ هو انهيءَ کان پري ٿي ويو. انهيءَ تعليم سان هُن منجهه هڪڙي مقصد جنم ورتو. جوزف اِسٽالن جي پيءُ کيس موچي بنائڻ پئي چاهيو، پر هُن جي ماءُ، ٻين مائرن جيان، پنهنجي پُٽ جي ترقي ۽ اؤج جا سَپنا ڏسندي رهندي هئي. هُن جي اڻپڙهيل ماءُ، جنهن جو جنم مڪمل غلاميءَ جي ماحول ۾ ٿيو هو ۽ جيڪا ٻنهي وقتن جي ماني ماڻڻ لاءِ سڄو ڏينهن ڪپڙا سِبندي ۽ ٿانوَ ڌوئيندي رهندي هئي، سا پنهنجي پُٽ لاءِ سُٺيءَ ۽ چڱيءَ دنيا جي خواهشمند هئي. هوءَ اڪثر گرجا گهر ۾ وڃي، مُقدس ماءُ جي مُجسمي آڏو ميڻ بَتيون ٻاري، گوڏا کوڙي، پنهنجي پُٽ لاءِ دُعائون گهُرندي ۽ روئيندي رهندي هئي. هُن جي خواهش هئي، ته سندس پُٽ پادري بنجي. هُن کي پنهنجي جاکوڙ جي پرواهه نه هئي، هوءَ مُقدس مقصد لاءِ ڪم ڪندي هئي.
هُن ڪوشش ڪري، پنهنجي پُٽ لاءِ هڪڙو مذهبي وظيفو ورتو ۽ جوزف اِسٽالن هڪڙي مذهبي اداري ۾ پادريءَ جي سِکيا ۽ تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿي ويو. اُتي هو ڪجهه ورهين تائين رهيو، پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن هو پندرنهن ورهين جو هو، ته هڪڙو واقعو نِروار ٿيو. ذاتي طور اِهو ننڍڙو واقعو هو، پر انهيءَ جا نتيجا ايڏا گَهرا ثابت ٿيا، جو هڪڙي ڏينهن انهيءَ دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ڳالهه رُڳو ايتري هئي،ته جوزف اِسٽالن جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو ڪتاب اچي ويو، جنهن عالمي تاريخ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪتاب کان وڌيڪ، اڄ ڏينهن تائين ڪو ٻيو غير مذهبي ڪتاب، ايترو اثرائتو ثابت ٿي نه سگهيو هو. اُهو ڪتاب ڪارل مارڪس جو ڪتاب ’سرمايو‘ هو.
انهيءَ ڪتاب جوزف اِسٽالن جي جذبن کي ايئن چَوريو، جو هو هڪدم ڪارل مارڪس جي ماڻهن سان گڏ ڳجهين سرگرمين ۾ جُنبي ويو. انهيءَ ڪتاب کان هو ايڏو متاثر ٿيو، جو هُن پنهنجي زندگي، عوام جي مفادن خاطر وڙهڻ لاءِ، گهارڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. هُن انهيءَ غربت خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ۾ روس جي هڪ ڪروڙ ڪُڙمين، هٿين خالي ۽ بيوسيءَ جي زندگي پئي گهاري. اُها غربت ايڏي وڌي چُڪي هئي، جو اسان انهيءَ جو سوچي به نٿا سگهون. گهڻن روسي ڪُڙمين وٽ لوڻ وٺڻ لاءِ به پئسا نه هوندا هئا.
جوزف اِسٽالن جو ويساهه هو، ته ڪُڙمين ۽ مزدورن جي زندگيءَ جي حالتن کي سُڌارڻ جو اڪيلو ذريعو رُڳو اِنقلاب آهي.
هُن جي انقلابي سرگرمين سبب، کيس مذهبي تربيتي اداري مان تَـڙيو ويو. ايندڙ پنجويهه ورهيه هو پنهنجي مقصد خاطر، ڏينهن رات اَڻٿڪ ڪم ڪندو رهيو. ڪيئي ورهين تائين هو بي گهر رهيو. ڪيئي هفتن تائين هو هر رات مختلف جڳهين تي گهاريندو هو. پنهنجي مقصد لاءِ هو اَٺ ورهيه قيد ۾ تڪليفون سَهندو رهيو.
پر انهيءَ مصيبت جي دؤر ۾ به هو سدائين پنهنجي پارٽيءَ لاءِ ڪم ۾ رُڌل رهيو. هو انقلابي تقريرون ڪندو هو ۽ سينٽ پيٽرز بَرگ ۾ ڳجهي طور هڪڙي اِنقلابي اخبار ڇاپيندو هو.
جوزف اِسٽالن انهيءَ قسم جي اِنقلاب پسندن مان هو، جيڪي رُڳو پنهنجي آزاديءَ ئي نه، بلڪ پنهنجي زندگيءَ جي به پرواهه نٿا ڪن. جڏهن 1905ع جو اِنقلاب ناڪام ٿيو، ته لينن ۽ ٽراٽسڪي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ سوئٽزرلينڊ ڏانهن هليا ويا، پر جوزف اِسٽالن پنهنجي زندگيءَ جي خطري باوجود روس ۾ ئي رهيو. زار روس جي پوليس هر وقت کيس ڳولهيندي رهندي هئي ۽ جيڪڏهن هو سندن هٿن ۾ اچي وڃي ها، ته ڪنهن ديوار ڏانهن سندس مُنهن ڪري، کيس گولين سان اُڏايو وڃي ها.
جلاوطنيءَ جي زماني ۾، لينن لِڪ چوريءَ روس ۾، اِشتراڪي اَدب موڪليندو رهندو هو. اهڙا مضمون سگريٽ جي ڪاغذن تي لکيل هوندا هئا، ۽ کين شراب جي دَٻن ۾ لِڪائي روس ۾ آندو ويندو هو. اِسٽالن اُنهن مضمونن کي پنهنجي ڳجهي اخبار ۾ ڇاپيندو هو.
جوزف اِسٽالن کي ڇهه ڀيرا سائبيريا ۾ جلاوطن ڪيو ويو. پنج ڀيرا هُو اُتان ڀڄڻ ۾ سوڀارو ٿيو. ڀڄڻ کان پوءِ، هُو وري پنهنجي اَدبي سرگرمين ۾ جُنبي ويندو هو. جيل، ڪَؤڙا ۽ موت جون ڌمڪيون، جوزف اِسٽالن کي لوڏي نه سگهيون. بلڪ اُنهن هن جو ويساهه ويتر سگهارو ڪري ڇڏيو. هُن زار روس جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، روس جي دولت کي اُتان جي عوام کي ڏيڻ پئي چاهيو. ڇهون ڀيرو جڏهن زار روس جي پوليس کيس جهليو، ته اُها سندس پُوري نگراني ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي هئي. پوليس، سپاهين جي نگرانيءَ ۾، هُن کي اهڙي علائقي ۾ جلاوطن ڪيو، جتان بلڪل ٿورڙا ماڻهو بچي موٽي آيا هئا. اِها جاءِ سائبيريا ۾ ڄميل سمنڊ جي ڏکڻ کان رڳو ارڙنهن ميل ويجهو هئي. اُتي هُن کي قيد ۾ وجهڻ جي به ڪا گهُرج نه هئي. جيڪڏهن جوزف اِسٽالن اُتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ها، ته سيءُ ۽ بُک کان مري وڃي ها. هُن چار ورهيه انتهائي غير انساني ۽ خوفناڪ ماحول ۾ گهاريا. اُتي هُن کي ڪيترن ڏينهن تائين کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ملندو هو. جيڪڏهن هُن کي ڪاٺين جي گهُرج پوندي هئي، ته هُو جهنگ ۾ ويندو هو ۽ اُتان پاڻ ڪاٺيون وڍي کڻي ايندو هو. اُتي ايڏو سيءُ هوندو هو، جو کانئس پڙهائي به نه ٿي سگهندي هئي. پنهنجي پاڻ کي سيءُ ۾ ڄمڻ کان بچائڻ لاءِ، هُن کي سخت جسماني محنت ڪرڻي پوندي هئي. هُن جي حالت ڀلي ڪيتري ئي مايوس ڪندڙ ڇو نه هئي، پر هُن پنهنجيءَ جدوجهد تان هٿُ نه کنيو. هُن کي ويساهه هو ته، هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڀڄڻ ۾ سوڀارو ٿي ويندو. نيٺ 1906ع ۾ جڏهن روس ۾ اِنقلاب آيو، ته هُن کي به اُتان آزاد ڪيو ويو.
اِسٽالن روسي ٻوليءَ جي لفظ ’اسٽال‘ تان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي: لوهه. هُن جو جذبو واقعي لوهه جيان نه جهُڪندڙ هو.
هيءَ جوزف اِسٽالن ئي هو، جنهن ڏَچن وارن ڏينهن ۾ ’بالشويڪ پارٽيءَ‘ کي وِکرڻ نه ڏنو ۽ نيٺ انهيءَ انقلاب کي ممڪن بنائي ڇڏيو، جنهن زار روس جي حڪومت جو خاتمو ڪيو.
جوزف اِسٽالن ٻه ڀيرا شادي ڪئي. هُن جي پهرئين زال ڪيٿرين، نؤجوان پر گهٽ پڙهيل ڇوڪري هئي، جنهن مان هڪڙو ڇوڪرو ڄائو. هنن جي سَگهري زندگي ڏاڍي خراب حالتن ۾ گُذري. جوزف اِسٽالن انقلاب پسند هو، پوليس هر وقت سندس پيڇو ڪندي رهندي هئي، هو سال ۾ ٻه چار ڀيرا گهر ايندو هو ۽ وري رات جي اونداهيءَ ۾ لِڪ چوري ڀڄي ويندو هو. شاديءَ جي چئن ورهين کان پوءِ ڪيٿرين سِلهه سبب مري وئي.
جوزف اِسٽالن ٻي شادي چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪڙيءَ اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان ڪئي، جيڪا سترنهن ورهين جي هئي. هوءَ به وڌيل آنڊي جي مرض ۾ مري وئي. انهيءَ گهرواريءَ مان هُن کي هڪڙو ڇوڪرو ۽ هڪڙي ڇوڪري ڄائي. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هُن جا ٻئي پُٽ، روسي فوجن سان گڏ جرمنن جو مقابلو ڪندا رهيا. وڏو ڇوڪرو توپ خاني ۾ عملدار هو ۽ ننڍو ڇوڪرو ايئر فورس ۾. ٻنهي کي سندن بهادريءَ تي سوکڙيون ۽ انعام مليا هئا.
روس جو حُڪمران هوندي به جوزف اِسٽالن، زار جي شاهي محل ويجهو هڪڙي ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو. جيڪڏهن هو چاهي ها، ته زار روس جي شاندار ۽ زبردست محل ۾، قيمتي سامان سان گڏ رهي سگهيو پئي، پر هُو انهيءَ ننڍڙي گهر ۾ ئي رهيو، جنهن ۾ ڪنهن وقت زار روس جو هڪڙو نوڪر رهندو هو.
هُن جي ماني ڪريملن جي رڌڻي مان هڪڙو سپاهي کڻي ايندو هو. هيءُ اُهو کاڌو هوندو هو، جنهن کي ڪريملن ۾ ڪم ڪندڙ ٻيا سوين سپاهي ۽ عملدار کائيندا هئا.
جوزف اِسٽالن ڪڏهن پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هُن کي ڏيکاءُ کان نفرت هئي، هو اوپرن ماڻهن سان ملڻ کان گهٻرائيندو هو. ٻين ملڪن جا سفير ڪيئي ڪيئي ورهيه جوزف اِسٽالن کي ڏسڻ بغير روس ۾ گهاري ڇڏيندا هئا.
جڏهن ملاقاتي هُن جي معجزن جي واکاڻ ڪندا هئا، ته هو رڳو ايترو چوندو هو: ”اِهو ڪم انهيءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي، جيڪو اڃا اسان کي ڪرڻو آهي.“
ايتري قدر طاقتور هوندي به، جوزف اِسٽالن ۾ هڪڙو وڏو سُٺو گُڻ موجود هو. هو ڄاڻندو هو، ته انسان غلطيءَ جو پُتلو آهي ۽ کانئس ڪڏهن نه ڪڏهن غلطي ٿي وڃي ٿي، تنهنڪري هُو پنهنجي غلطيءَ کي دل سان مڃيندو هو. هُن هڪ ڀيري لکيو هو ته، ”سڀ کان وڏي ڳالهه اِها آهي، ته انسان ۾ پنهنجين غلطين کي مڃڻ جي همت هئڻ گهُرجي ۽ هو اُنهن غلطين جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ وقتائتو سنوارڻ جي ڪوشش ڪري.“
جوزف اِسٽالن کي جيڪو ڪم ڪرائـڻو هوندو هو، تنهن کي ضرور پُورو ڪرائيندو هو، پوءِ ڀلي هُن لاءِ کيس سختي ئي ڇو نه واپرائڻي پئي هجي. روسي انقلاب جي اَبي لينن هڪڙي ڀيري جوزف اِسٽالن بابت چيو هو ته، ”هيءُ بورچي گهڻو گرم کاڌو سامهون آڻي رکي ٿو.“
پر جيڪڏهن جوزف اِسٽالن پنهنجي مرضيءَ جي ڪارروائيءَ تحت، نازي جرمنن جو ڄمي مقابلو نه ڪري ها، ته الائجي ڪيترن اتحادي سپاهين کي، هٽلر تي سوڀ ماڻڻ لاءِ جانيون قربان ڪرڻيون پون ها.
جوزف اِسٽالن روس کي بچائڻ سميت لوڪشاهيت ۽ اسان سڀني جي زندگين کي بچائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. اِهو سوچي مونکي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي، ته جيڪڏهن جوزف اِسٽالن جي ڳاڙهي فوجَ، بهادريءَ سان وڙهندي قربانيون نه ڏئي ها، ته الائجي هينئر اسان جو ڪهڙو حَشر ٿئي ها.
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 810
Kitab Jo Nalo : JOZIF STALIN
Translated by: Mansoor Qadir Junejo
First Edition © Roshni 2017
Pages : 175
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو




































Comments
Post a Comment