COMMUNIST PADHARNAMO
هي ڪتاب سوا سؤ سال اڳ يورپ ۾ ۽ گهڻي قدر يورپ بابت لکيو ويو هو. ان وقت يورپ سماجي ترقيءَ جي واڌاري جي ان منزل تي هو، جنهن منزل تي پهچڻ لاءِ عام حالتن ۾ اسان کي سؤ سوا سؤ سال ٻيا به کپن. اسان جو ملڪ اڃا قبائلي سردارن ۽ وڏيرن جي راڄ واري دور ۾ ڦاٿل آهي. هي ڪتاب ان کان اڳتي جي، يعني سرمائيدارن جي راڄ جي ڳالهه ٿو ڪري. عام حالتن ۾ قبائلي سردارن، وڏيرن ۽ زميندارن جي راڄ کانپوءِ لازمي طرح سرمائيدارن جي راڄ جو دور اچڻو آهي. عام حالتن ۾ 1 اسان جي ملڪ کي ان سرمائيداري دور تائين پهچڻ لاءِ سؤ سوا سال ٻيا به گهرجن.
_____________________________________________________________
1 عام حالتن ۾ انهيءَ ڪري ٿا چئون، جو اڄوڪي دور جي خاص حالتن ۾ جڏهن هزارين سالن جي جدوجهد کانپوءِ دنيا ۾ ڦورن ۽ ڦرجندڙن، ظالمن ۽ مظلومن، غلام بنائيندڙن ۽ غلامن، گهر ڌڻين ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ طاقت جو توازن بنيادي طرح بدلجي، بدمعاشن بدران مظلومن جي فائدي ۾ ٿي پيو آهي. جڏهن هيڻا آهستي آهستي ڏاڍن تي زور پوندا وڃن، جڏهن دنيا جو ٽيون حصو سردارن، وڏيرن ۽ گبر سيٺين جي قبضي کان نڪري ويو آهي، جڏهن باقي رهيل دنيا ۾ آزادي، ڇوٽڪاري ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن، جڏهن دنيا جو غلام ۽ مظلوم عوام نت نئين تيزيءَ سان قومي قومي آزادي، عوامي جمهوريت ۽ سوشلزم جي شاندار منزل ڏانهن ڪاهيندو وڃي، جڏهن سڄي دنيا تي ڦرلٽ، آپيشاهي، هڪ هٽي ۽ غلاميءَ جو راڄ مڙهيندڙ گبر سيٺين ۽ سندن جوڙيوال ۽ دلال سردارن، وڏيرن ۽ زميندارن جي گهر ۾ نظرياتي، سياسي، اقتصادي ۽ فوجي گهوٽالا ئي گهوٽالا آهن ۽ سندن چؤطرف ڦٽي بيٺي آهي، تڏهن لازم ناهي ته قومون ۽ عوام سرداري، وڏيرڪي ۽ زمينداري نظام جو ڳٺ ڳچيءَ مان ڪڍي، ان جي جاءِ تي وري به سرمائيداري راڄ جو ڦاهو کائين. اڄ جي خاص فائدي وارين حالتن ۾ قومون ۽ عوام قبائلي دور مان لنگهي، وڏيرڪي زمينداري دور ۾ گهڙڻ ۽ اتان وري سرمائيداري دور مان لنگهڻ لاءِ ٻڌل ناهن. اڄ قبائلي راڄ جا ڏنگ سهڻ کان پوءِ وڏيرڪي راڄ جو وِهُه پيئڻ ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجا سؤ سوا سؤ سال ٻيا به خراب ڪرڻ ۽ پنهنجون پندرهن ٻيون به پيڙهيون برباد ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اڄ دنيا جي ڪابه قوم، جيڪا قبائلي يا وڏيرڪي نظام جي گهنگهر ۾ گهاريندڙ هجي، سا جيڪڏهن سوچي سمجهي، رٿابنديءَ ۽ ضابطي سان هڪڙي باقاعده ۽ مڪمل نسخي تي مضبوطيءَ سان عمل ڪري، يعني: پورهيت طبقي جي اڳواڻي قبول ڪري، پورهيت پارٽيءَ جي ضابطي ۽ ڪمان هيٺ لڙڻ جو فيصلو ڪري، انقلابي قومي گڏيل مورچو ٺاهي، طبقاتي ۽ قومي ٻڌي قائم ۽ مضبوط ڪري، سمورن وطن دوست طبقن ۽ خاص ڪري پورهيت عوام تي ڀاڙي، عوامي واٽ وٺي، يعني، فردن جي اتي سورهيائيءَ بدران ’جهجهن کنئي ڇپر به کڄي پوي‘ واري ڳالهه وانگر سڀني جي گڏيل جدوجهد، ڏاهپ، مڙسي، همت ۽ عقل تي دارومدار رکي، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي ملائي هڪ ڪري، ڪنهن به تڪليف يا قربانيءَ کان نه ڊڄي، ڪڏهن به آڻ نه مڃي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پيش نه پئي، نااميد ۽ بزدل نه ٿئي، وڏي صبر، حوصلي، يقين، دليريءَ، سورهيائيءَ، ڏاهپ، دور انديشيءَ، محڪم اِرادي سان، ڊگهي، لڳاتار، اڻانگي، ورن ورڪڙن، لاهين چاڙهين واري عظيم ۽ شاندار نظرياتي ۽ سياسي، اقتصادي ۽ فوجي جدوجهد هلائي، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءَ واري ڳالهه وانگر ڏاڪي به ڏاڪي گهڻيون ننڍيون ننڍيون ۽ وڇٿريون سوڀون کٽي، تجربو گڏ ڪري، نيٺ فيصلو ڪندڙ ۽ عظيم الشان سوڀ حاصل ڪن ته پوءِ هو پنهنجي جدوجهد ۾ اجايو ڊگهو ڦيرو کائڻ ۽ سالن ۽ صدين لاءِ وڃي سرمائيداري نظام جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ بنا وچان گس ڪڍي، سڌوئي سڌو عوامي جمهوريت جو گس وٺي وڃي قومي آزاديءَ، سياسي ۽ اقتصادي خودمختياريءَ، ڇوٽڪاري، ترقيءَ ۽ ثقافتي ۽ روحاني خوشيءَ جي اعليٰ ۽ عظيم سوشلسٽ منزل ماڻي سگهي ٿي.
_____________________________________________________________
ايشيا ۽ آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ، جن جي اڃا قبائلي وڏيرڪي نظام مان ئي جند نه ڇٽي آهي، تن ۾ اتان جا حاڪم طبقا انهيءَ پروپيگنڊا جي ڌم لڳايو بيٺا آهن ته، ’اسان جي حڪومت ۾ رنڊڪ نه وجهو! ڇڏيو ته هڪڙو ڀيرو اوهان کي ڪارخانا لڳائي، ملڪ ترقي يافته بنائي ڏيون، پوءِ ڏسجو ويهي دنيا جا رنگ. اوهين پاڻ ته سڄي عمر پيا مزا ماڻيندا، پر اوهان جا پويان به پيا اوهان کي دعائون ڪندا.‘ جنهن ترقيءَ جون هو بشارتون پيا ڏين، سا ترقي جيڪڏهن سچ پڇ ٿئي به کڻي ته اها ڇا جي ترقي هوندي؟ اها هوندي وڏيرڪي نظام جي جاءِ تي سرمائيداري نظام قائم ڪرڻ ۾ ترقي ۽ وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ سان گڏ يا ان بدران سيٺئي طبقي جي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو رواج پوڻ ۾ ترقي. ان ترقي جي ڪري عوام لاءِ فقط ڦورو ۽ غلام بنائيندڙن جو انگ وڌندو ۽ هڪڙن ڦورن جي جاءِ ٻيا وٺندا ۽ ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو روپ ڪجهه بدلبو ۽ باقي ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو نظام اهوئي قائم رهندو، پر رڳو اها سرمائيدارن واري ترقي اچي، سا به ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. اول ته انهن ملڪن جا حاڪم طبقا اڪثر وڏيرڪي طبقي جا قبائلي سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار هوندا آهن، تنهن ڪري اهي سرمائيداري به فقط اوتري آڻيندا ۽ آڻي سگهن ٿا، جيتري سرمائيداري سندن ڦورو ۽ ظالم وڏيرڪي راڄ جي اوگهڙ ڍڪي سگهي ۽ کين عوام جي غصي، بغاوت ۽ جڳ جهان جي خواريءَ کان بچائي سگهي. باقي ٻيو جيترو پهچي سگهندن اوترو مڪمل وڏيرڪو راڄ قائم رکندا، ان کي بچائيندا ۽ ان ۾ واڌارو آڻيندا. ان لاءِ جيڪي به اٽڪلون سٽڪلون، فريب، ڦندا ۽ مڪر ڪرڻا پين، سي ڪندا. ٻيو ته هن هڪ هٽي ۽ سامراج جي ڏاڪي واري سرمائيداري دور ۾ غريب ۽ پوئتي پيل ملڪ پوري ۽ ڀرپور سرمائيداري قائم ڪري به نٿا سگهن. دنيا جا گبر سيٺيون کين ائين ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندا. جيئن وڏو نر ٻلو ننڍڙي نر ٻلي کي جيئرو نه ڇڏيندو آهي، تيئن دنيا جا گبر سرمائيدار دلير ٻلا، ڪنهن ٻئي ننڍڙي سرمائيدار ٻلي کي ساهه کڻڻ ئي نٿا ڏين. ان هوندي به اسان جو ان سرمائيداري نظام سان ڪجهه نه ڪجهه واسطو آهي ۽ ڪافي وقت رهندو، ان ڪري اسان لاءِ ان جي ڄاڻ لازمي آهي. وڏيرڪي نظام جي ڪک مان سرمائيداري نظام ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، ڇو ٿو پيدا ٿئي، ڪهڙو طبقو دائي بنجي ان کي ڄڻائي ٿو؟ اهو نظام ڪهڙا رنگ ٿو ڪري، ان جو پس پيش انت ڪهڙو ايندو، ڪير آڻيندو، ڇو آڻيندو؟ انهن سوالن جا جواب هر سمجهو ماڻهوءَ ۽ خاص ڪري مظلوم قوم جي هر وطن دوست لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهن.
ڇو ته پوءِ ئي کين خبر پوندي ته سندس قوم جا حاڪم طبقا سندن قوم کي جنهن آئيندي طرف ڪاهيندا پيا وڃن، سو آئيندو حقيقت ۾ ڪهڙو آهي ۽ ان کان بچڻ ۽ ان کي بدلائڻ لاءِ عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
اهي سڀ خبرون هن ڪتاب مان معلوم ٿينديون.
رسول بخش پليجو
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 755
Kitab Jo Nalo : COMMUNIST PADHARNAMO
By: Karl Marx and Friedrick Engles
Translated by: Rashid Bhatti
New Revised First Edition © Roshni 2017
Pages : 160
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو













































































Comments
Post a Comment