JINNAH JE BAARE MEIN !







































ليکڪ پاران

هن تحقيقي مقالي ۾ جناح جي باري ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي، ۽ نه ئي وري هُن کي ڪنهن بنهه نئين زاويي سان ڏسڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي اٿم. دراصل، هن مقالي ۾، جناح جي باري ۾ بيان ڪيل سموريون ڳالهيون ۽ نتيجا، ڊاڪٽر عائشيه جلال، ايڇ ايم سيروائي، ۽ ڊاڪٽراجيت جاويد وارن جي ڪيل ڳالهين ۽ نتيجن تي ئي ٻڌل آهن. ان ڪري، منهنجي هن مقالي جي ڪا انوکي اهميت ته ناهي، البت، جناح تي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل هن مقالي ۾، تحقيقي بنيادن ڪجهه اهڙيون به ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جيڪي مان ڀانيان ٿو ته، جناح تي لکيل ڪنهن به انگريزيءَ توڙي اڙدوءَ ۾ لکيل تحقيقي ڪتاب ۾ ناهن ڪيون ويون. مثال طور: هن ئي مقالي ۾، پهريون ڀيرو مختصر طور تي، ان حوالي سان سمجهاڻي ڏني وئي آهي ته، پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي، ڇو ۽ ڪهڙن سياسي مفادن تحت جناح جي اصل پيدائشي شهر جهرڪن کي نظرانداز ڪري، ڪراچي کي سندس پيدائش واري شهر طور ظاهر ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو؟ ٻي اهم ڳالهه هن مقالي جي اُها آهي ته، هن ئي مقالي ۾، تحقيقي بنيادن تي اُهو موقف رکيو ويو آهي ته، جناح، پاڪستان ۾ اڙدوءَ ٻوليءَ کي قومي ٻولي (National Language) نه، پر سرڪاري ٻولي (State Language) ئي بنائڻ پئي چاهيو. هن جو سڄو زور اڙدو کي قومي ٻولي بنائڻ تي نه، پر سرڪاري ٻولي بنائڻ تي هو. جناح جي حوالي سان اهڙي ڳالهه کڻي جو نئين آهي. پرپڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙي آهي، ۽ جئين ته، اهڙو موقف جناح جي ڪنهن به سوانح حيات ۾ ناهي رکيو ويو آهي، ان ڪري، ڏٺو وڃي ته، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل جناح جي هيءَ سوانح حيات، انگريزي ۽ اڙدو ۾ جناح تي لکيل ٻين سمورين بايوگرافين کان وڌيڪ اهم نه هجڻ جي باوجود پڙهڻ جوڳي ضرور آهي.
هن بايوگرافيڪل مقالي لکڻ لاءِ، مون بنيادي طور تي جناح جي زندگيءَ تي انگريزي ۾ لکيل پنجن انتهائي اهم تحقيقي ڪتابن جهڙوڪ: اسٽينلي وولپرٽ جي “Jinnah of Pakistan” هڪيٽر بوليٿو جي”Jinnah_Creator of Pakistan“ڊاڪٽر اجيت جاويد جي”Nationalist and Secular Jinnah“، جي الانا جو”Jinnah_The Story of a Nation“ کي ۽ عزير بيگ (Aziz Beg) جي جناح تي لکيل سڀني انگريزن ڪتابن کان وڌيڪ ۽ وڏي ضخامت واري انگريزي ڪتاب Jinnah his life and his Time کي بنيادي ماخذ واري حيثيت ڏيندي، انهن مان ئي مدد ورتي آهي. جيتوڻيڪ جسونت سنگهه جو ڪتاب Jinnah_India, Partition, Independence, به پنهنجي جاءِ تي هڪ انتهائي اهم ۽ تاريخي دستاويزي اهميت رکندڙ ڪتاب آهي. پر بهرحال، مان ڀانيان ٿو ته، اُن ڪتاب ۾ ليکڪ جو ڌرائتو نقطه نظر نمايان رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو مون اُن ڪتاب کي ماخذ واري حيثيت ناهي ڏني، البت، ان مان گهربل انگ اکر حاصل ڪرڻ وارو استفادو ضرور حاصل ڪيو اٿم. جڏهن ته، انهن ڄاڻايل پنجن ڪتابن کانسواءِ، مون جناح جي زندگيءَ ۽ سندس سياسي ڪردار توڙي پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ لکيل ڪافي ڪتابن جو پڻ چڱي طرح سان اڀياس ڪيو ۽ اُنهن مان گهربل مدد / فائدو به ورتو اٿم.
آخر ۾، مان اها وضاحت به ڪندو هلان ته، مون ڪتاب جي شروعات ۾ جناح جي حوالي سان، هندستان جي اڇوت برادري (جنهن کي هن دلت پڻ سڏيو ٿي)جي اڳواڻ ۽ هندستاني آئين جي خالق ڊاڪٽر بي. آر. امبيڊڪر(Dr. B. R. Ambedkar) جا ڪجهه لفظن ڏنا آهن، جيڪي هن دراصل، پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Pakistan or Partition of India ۾ جناح جي سياسي عظمت ۽ سندس اڏول سياسي ڪردار جي قبوليت طور لکيا آهن. جڏهن ته، جناح جي هڪ جڳ مشهور سوانح نگار اسٽينلي وولپرٽ جي جناح جي تعريف ۾ چيل ڪجهه لفظن (جيڪي هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”جناح آف پاڪستان“جي مهاڳ ۾ لکيا آهن) کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ هن چيو آهي ته ”ٿورن ماڻهن تاريخ کي تبديل ڪيو آهي. انهن کان به وري بنهه ٿورن ماڻهن دنيا جي نقشي کي تبديل ڪيو آهي، ۽ قومي رياست قائم ڪرڻ واري ڪم شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي، پر جناح اهي ٽئي ڪم ڪري ڏيکاريا.“
جيتوڻيڪ، وولپرٽ جي انهن لفظن سان مڪمل طور تي اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته، جناح پاڪستان جي نالي تي ڪنهن قومي رياست جو بنياد نه وڌو هو. اها، دراصل، ليکڪ جي وڏي غلط فهمي (Misconception) آهي، ۽ خاص طور تي، اُها غلط فهمي جناح جي طرفان ٻه_قومي نظريي جي ڳالهه کي استعمال ڪرڻ سببان ٿئي ٿي. بهرحال، قطع نظر ان جي، اها هڪ پڌري حقيقت آهي ته، پاڪستان ڪا هڪ_ قومي رياست ناهي، پر اُها بنيادي طور تي، هڪ گهڻ_ قومي رياست هئي ۽ آهي، جنهن ۾ ڪا هڪ قوم نه، پر مختلف قومون، دراصل 1940ع واري ٺهراءَ تحت، قومي خودمختياري جي ڏنل آئيني ضمانت تحت ئي شامل ٿيون هيون، ۽ اها ڳالهه خود جناح به، چڱي طرح سان سمجهي پئي. ان ڪري، جناح جي کاتي ۾ هڪ قومي رياست نه پر گهڻ_ قومي رياست جي بنياد وجهڻ جو ڪريڊٽ ڏئي سگهجي ٿو. باقي اهو ته، هڪ ڌار بحث آهي ته، جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ، جناح واري گهڻ_قومي وفاقي پاڪستان کي، ڪئين نام نهاد مفروضاتي ”مهاپاڪستاني“ قوميت واري، هڪ_قومي وحداني پاڪستان ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ڪيئن اُن کي جمهوريت، آئين ۽ وفاقيت جي بنيادي روح ۽ اصولن جي ابتڙ غير وفاقي ، غير آئيني ۽ غيرجمهوري طريقي سان هلايو ويو ۽ ڇو ملڪ ۾ شامل تاريخي قومن ۽ وحدتن سان دوکو ۽ فراڊ ڪري، 1940ع واري ٺهراءَ جي لتاڙ ڪندي، سندن قومي خودمختياري ۽ خوداختياري کي صلب ڪري، هتي مخصوص قوتن کي سڄي رياست جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو؟ (جنهن جي ڪري ملڪ جو اڌ حصو ڌار ٿي، بنگلاديش به بڻجي ويو، ۽ باقي اڌُ حصي جو جيڪو حشر ڪيو ويو آهي، اهو به اسان جي اڳيان آهي) اُهو، پاڪستان جي تاريخ جو، دراصل، هڪ وڏو تڪراري بحث آهي، جنهن تي هيلتائين گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ مون به پنهنجي حساب سان اُن تي لکيو آهي.

اياز علي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 792
Kitab Jo Nalo : JINNAH JE BAARE MEIN

by: Ayaz Ali 

First Edition © Roshni 2017
Pages : 440
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 550.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)