BHUTTO AIN ZIA (The leopard and the fox)
ليکڪ پاران
سيپٽمبر 1985ع ۾ BBC ڊرامه ڊپارٽمينٽ جو سربراه رابن مگلي مون سان مليو ۽ مونکي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪيس ۽ موت جي سزا بابت ٽن قسطن تي مشتمل هڪ ڊرامو لکڻ جي پيشڪش ڪيائين. مان راضي ٿي ويس. اهڙيءَ ريت جنوري 1986ع جو ”دَ لپرڊ اينڊ دَ فاڪس“ جون ٽي قسطون لکي BBC وٽ جمع ڪرائي ڇڏيم. رابن مگلي اهم ڪردارن جي چونڊ بابت صلاح مشورا ڪيا. ضياءَ جي ڪردار لاءِ ضياءُ محي الدين ۽ ڀُٽي جي ڪردار لاءِ هندستاني اداڪار نصير الدين شاهه جي چونڊ تي سهمت ٿياسين. ٻين ڪردارن (جهڙوڪ: بينظير لاءِ اينجليڪ هوسٽن ۽ نصرت لاءِ شيان ٿامس) لاءِ اداڪارن جي چونڊ تي صلاح مشورا جاري هئا، جو هڪدم سڄو معاملو بيهي ويو. BBC لاءِ هي ڊرامو ”تڪراري“ بڻجي ويو! ڊائريڪٽر جنرل الاسدائير ملني اسڪرپٽ پڙهڻ جو حڪم ڏنو. BBC جي ايڊيٽر ان چيف جي حيثيت ۾ کيس اهو حق حاصل هو، تنهن هوندي به اها ڳالهه غير معمولي نوع جي هئي. خفيه ادارن جي ڇاڙتن جي دسترس باوجود، تن ڏينهن ۾ BBC جي مختلف شعبن جا سربراهه تمام گهڻو آزاد هوندا هئا. اسڪرپٽ کي ٻيهر پڙهڻ واري حڪم مان صاف ظاهر هو ته ملنيءَ کي ”مٿان“
کان ڪو هدايت نامو مليو آهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ جو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وحشي فوجي آمر جنرل ضيا الحق، افغانستان جي ”آزاديءَ واري جدوجهد“ ۾ اولهه جو هڪ اهم ساٿاري هو. ضياءُ افغانستان ۾ سوويتي فوج سان وڙهندڙ گوريلن ۽ اسامه بن لادن جو ”ايشور“ هو. اهو ضياءُ ئي هو، جنهن هن سڄي خطي ۾ تباهي ڦهلائيندڙ اسلامي بنياد پرست گروهن کي ڏوڪڙ، تربيت ۽ تنظيم ڏئي تيار ڪيو. ضياءُ (اولهه جو) آزمايل، پرکيل ۽ ڀروسي جوڳو آفيسر هو. اهو ضياءُ ئي ته هو، جنهن سيپٽمبر 1970ع ۾ پاڪستاني فوج ۽ عرب بدوئن جو لشڪر ڪاهي، اردن ۾ پناهه ورتل فلسطينين کي چيڀاٽي ماريو هو. هن ڀيري ضياءُ واشنگٽن ۽ مارگريٽ ٿيچر جي ”افغان آپريشن“ لاءِ نهايت اهم هو.
اها ڳالهه بلڪل سمجهه جوڳي آهي ته، ضياءَ جي آمريت کي ڌڪ رسائيندڙ هر عمل آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ برٽش فارين آفيس لاءِ چڙ ڏياريندڙ هو. انهيءَ لاءِ BBC جي ڊائريڪٽر جنرل ڊرامي جي اسڪرپٽ کي پڙهڻ جو حڪم جاري ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ دهليءَ ۾ موجود هڪ تجربيڪار صحافي مارڪ ٽليءَ مون کي فون ڪيو. ٽلي موصوف پڻ ڊرامي جو اسڪرپٽ پڙهيو هو ۽ ڪجهه معامرن تي بحث ڪرڻ لاءِ مونکي ’جام‘ جي دعوت ڏنائين. رابن مگليءَ مونکي صلاح ڏني ته، هيءَ ملاقات نهايت سنجيده آهي ۽ مان ڪاوڙ کان هر حال ۾ پاسو ڪريان. مارڪ ٽلي ۽ منهنجي ملاقات گروچو ڪلب، سوهو ۾ ٿي ۽ رسمي عليڪ سليڪ کان پوءِ ٽلي سڌو اصل معاملي تي آيو. السادائر ملنيءَ کيس اسڪرپٽ پڙهڻ جو چيو هو. ٽليءَ کي اسڪرپٽ جو ”ذائقو“ ته پسند آيو، پر (سندس نظر ۾) هڪ مسئلو هو. ٽليءَ چيو ته، ٽين قسط ”ٻه ماڻهو هڪ قبر“ ۾ مون ڀُٽي کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ جو ”گرين سگنل“ ڏيڻ جو الزام، آمريڪا تي ڌريو آهي. ٽليءَ چيو ته، هو ان وقت راولپنڊيءَ ۾ موجود هو ۽ کيس (ڀُٽي جي ڦاهيءَ واري معاملي ۾) آمريڪا جي ڪا به مداخلت نظر نه آئي.
مان ورندي ڏني: ”تون شين کي غور سان نه ڏٺو هوندو، مارڪ.“
مان وضاحت ڏيندي چيو ته، آمريڪي سفارتخانو ۽ سعودي حڪمران ضياءَ جي پاڪستان جا ڪرتا ڌرتا هئا ۽ ڪوبه سينيئر فوجي آفيسر تو کي ٻڌائي سگهي ٿو ته، ڀُٽي کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ ۾ ضياءَ آمريڪين ۽ عرب حڪمرانن کان صلاح ورتي هُئي، پر ٽلي راضي نه ٿيو ۽ نيٺ چيائين:
”جيڪڏهن ڊرامي مان اهو حصو ڪڍي ڇڏيندين ته پوءِ هي ڊرامو ضرور نشر ڪيو ويندو.“
منهنجو سوچيل سمجهيل جواب هي هو:
” BBC وڃي چڙهي منهنجي آڱوٺي تي!“
ائين اهو معامرو پڄاڻيءَ تي پهتو. ڊرامي کي دفن ڪرڻ واري رسم BBC جي ڊپٽي سوليسيٽر جي. پي. ڪومين ادا ڪئي، جنهن مونکي ۽ رابن مگلي کي ٻڌايو ته، پراجيڪٽ ختم ٿي چڪو آهي.
”ڇو“؟ رابن مگلي سوال ڪيو.
”بدناموسيءَ جي ڪيس جي ڊپ سبب“
مان سوال ڪيو:
”BBC تان لڳاتار نشر ٿيندڙ اُهي ڊراما، جن ۾ سوويت پولٽ بيورو ۽ اوڀر يورپي حڪومتن کي خوار ڪيو ويندو آهي، تن ڊرامن بابت ڇا خيال آهي؟“
ڪومين ورندي ڏني: ”تون سمجهين ٿو ته، هڪ برطانوي جج بدناموسيءَ جي ڪيس ۾ سوويت پولٽ بيورو جي حق ۾ فيصلو ڏيندو؟“
مون چيو: ”۽ تون سمجهين ٿو ته، هڪ برطانوي جج هڪ غليظ ۽ ٽڪي جي فوجي آمر، جنهن جا هٿ خون سان رنڱيل آهن، تنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيندو؟“
جناب ڪومين ڪا به ورندي نه ڏني.
مان ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ ڪا به ڦير گهير نه ڪئي آهي. ڊرامو لکڻ وقت اُهي افواهه گردش ۾ هئا ته، ڀُٽي کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ کان اڳ ۾ قتل ڪيو ويو هو. اڳتي هلي هن معاملي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو. خير! ان واحد واقعي کانسواءِ ڊرامي ۾ بيان ڪيل ٻيا هڙئي واقعا ٻن المين: ملڪ کي تبديليءَ ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ ڀُٽي جو ناڪام ٿيڻ ۽ ضياءَ پاران هڪ منظم ۽ سوچيل سمجهيل طريقي سان پاڪستان جي سياسي ماحول کي تاراج ڪرڻ، جو حقيقت پسنداڻو بيان آهن ۽ انهن المين جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن.
طارق علي
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 808
Kitab Jo Nalo : BHUTTO AIN ZIA (The leopard and the fox)
By: Tariq Ali
Tanslated by: Shafqat Qadri
Second Edition © Roshni 2017
First Edition: Browser Publications Hyderabad 2008
Pages : 144
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو
































Comments
Post a Comment