MAN JOE AAHYAN, SOE AAHYAN
ٻه اکر
سائين جي ايم سيد، سنڌ جو صرف سياستدان نه، پر هڪ اهڙو نرالو مفڪر آهي، جنهن جي مواد کي وَرَ وَرَ ڪري پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سيد جي مواد کي جڏهن به پڙهجي ٿو، تڏهن ان منجهان نت نوان نقطا سمجهڻ لاءِ ملن ٿا.
نئون نياپو آئيو راڻي ملان رات.
سيد جي ايڏي هم گير شخصيت کي سمجهڻ ۽ سندس فڪر کي پروڙڻ واري حوالي سان، ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته، نه رڳو سيد جو پنهنجو لکيل مواد، پر سيد جي باري ۾ مختلف نوعيت جو لکيل مواد شايع ٿيندو رهي، ته جيئن، نئون نسل سيد جي فڪري پورهيي کان روشناس ٿي سگهي.
ان مقصد جي مدنظر سيد جي وفات کانپوءِ هيٺ ذڪر ڪيل دوستن جي. ايم. سيد لٽرري سوسائٽي نالي هڪ اهڙي اداري جو بنياد وڌو، جنهن سيد بابت مختلف ليکڪن جو ٽڙيل پکڙيل مواد پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ يڪجا ڪري شايع ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن طرفان سيد جي حوالي سان ڪافي ڪتاب شايع ٿيا.
جي. ايم. سيد لٽرري سوسائٽي جا بنياد ميمبرهئا:
1. علي نواز ٻٽ (سيڪريٽري)
2. غلامي ياسين سنڌي
3. مير صحبت ٽالپر
4. آزاد قاضي
سائين جي. ايم سيد کان پوءِ وارو دور، قومي تحريڪ لاءِ وڏو بحراني دور ثابت ٿيو. ليڊرائپ جي شوقينن پنهنجا پر ساهڻ شروع ڪيا هئا، ڪن مهربانن پنهنجي مخصوص سوچ تحت سيد وارين ڳالهين کي باءِ پاس ڪرڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪري ڏني هئي. اهڙي ماحول ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ لازمي هئي، ان ڇڪتاڻ جو نزلو اداري تي پوڻ لازمي هو. نتيجي طور سيد بابت مواد شايع ڪندڙ اهو ادارو ته بند ٿي ويو، پر اهڙي مواد شايع ڪرڻ واري اها بنيادي سوچ ختم ٿي ڪانه سگهي. اڄ جڏهن سيد جي وارثيءَ جا دعويدار ”رس هلال، ٻوٽيون حرام“ واري طريقي سان سيد جي بنيادي ڳالهين (ڪجهه ڪتابن سوڌو) کان انڪار ڪندي پنهنجون من پسند طاويلون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، اهڙي وقت ۾ غلام ياسين سنڌيءَ جو ڪيل هيءُ پورهيو، پڙهندڙن لاءِ اتساهه جو ذريعو ٿي سگهي ٿو.
هن ڪتاب جو ميدان ۾ اچڻ منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم سوسائٽي جي رٿيل پروگرام جو حصو آهي. ۽ اهو ڪم جيڪو مون کي ڪرڻ کپندو هو، اهو منهنجي هن بزرگ سرانجام ڏنو آهي. پاڻ سيد کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ اهڙي ئي نوعيت جو ٻيو ڪتاب ”ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي“ عنوان سان پڻ ڏئي چڪو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر آزاد قاضي
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 802
Kitab Jo Nalo : MAN JOE AAHYAN, SOE AAHYAN
Compiled by: Ghulam Yasin Sindhi
First Edition © Roshni 2017
Pages : 255
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو














































Comments
Post a Comment