SINDHIN GEE TANAZAL AIN GHULAMI JA KARAN
اهليت ۽ ڪردار جي اهميت
فردن، گروهن توڻي قومن جي عروج ۽ زوال، سگھه ۽ ڪمزوري، حياتي ۽ موت جو هڪ ۽ فقط هڪ ئي آفاقي علاج آهي جنهن کي آءٌ C2 نسخو چوندو آهيان، جنهن مان مراد Competence يعني اهليت ۽ Character يعني ڪردار. انهن ٻنهي جزن جو توازن ئي صحتمند ترقي، بقا ۽ آجپي جي ضمانت آهي. بدقسمتيءَ سان اسين انفرادي توڻي قومي طور انهن ٻنهي گڻن کان پالها آهيون. هڪ استاد جي حيثيت سان مون ۽ مون جهڙن ڪيترن ئي بيوس شاهدن گذريل ٽيهارو سالن کان انهن زندگي بخش اصولن جي لتاڙ ڀوڳي آهي. ٽيهن کان وڌ سالن کان اسان جي گمراهه اولاد قومي ڪارج جي نالي، ”هٿ ۾ قرآن ۽ ڪڇ ۾ ڇري“ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. تعليمي تقدس کي پائمال ڪندي، هنن قومي زندگيءَ جي انهن بنيادي رڪنن کي ڪنهن بيدرديءَ سان سُور ۽ سَهو ڏنا آهن، جهڙيءَ ريت قومي غداريءَ جو ارتڪاب ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو به ڪفارو ادا نٿو ڪري سگجي. تدريسي عمل کي پٺ ڏيڻ، زوري تدريسي عمل بند ڪرائڻ، پڙهندڙ شاگردن ۽ پڙهائيندڙ استادن کي نفسياتي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بنائڻ امتحاني مرڪزن جو تقدس پائمال ڪندي، کلئي عام ۽ زوري زبردستي ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ، اهڙا قومي ڏوهه آهن جن جي تلافي به نٿي ٿي سگھي ۽ معافي به نٿي ملي سگھي. ڳاڻيٽو ڪريو ته ڪيترا نسل انهيءَ وبا جو بک بنيا. ڀلا جي کڻي اتي به دنگ ٿئي! اتاهين ڪوڙ جون ڊگريون وٺي جيڪي حڪومت جي ايوانن ۾ پهتا اهي ته ڪاري قيام پيا ڪن. رشوتون، حق تلفيون، ضمير فروشيون ڄڻ ته ڪي ڏوهه ئي نه رهيا آهن.
ڪٺيس ڪويڄن، تن طيب نه گڏڻا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
انهن معاشرتي ناسورن جو ڀلا ڪو علاج؟ شايد سنڌ جي سيد جي عقابي نگاهن اهو منظر اڳيئي تاڙي ورتو هئو. سائين عوام ۽ خواص هارين ۽ مزدورن، زميندارن ۽ ڪارخانيدارن، نوڪري ۽ تجارت پيشه ماڻهن سڀني طبقن کي گمراهي ۽ تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندي ڏٺو. هن پوريءَ وضاحت سان انهن جي ڪمزورين ۽ ڪچاين جي اپٽار ڪئي. سيد جي معنيٰ ئي آهي رهبر يا ليڊر. سو سنڌ جو سيد انهن سمورن مرضن جو آب حيات جهڙو ترياق کڻي در در پهتو پر لڳي ٿو ته:
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران
بزم صوفياءِ سنڌ جو پروگرام قومي مرضن جو واحد مستقل علاج آهي. پر، هل مون مغيث؟ سنڌ جي مسيح اهو نسخو خاص الخاص Exclusive ٻارهن خطبن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي جيڪي هن بزم صوفياءِ سنڌ جي تنظيمي عمل دوران ڏنا هئا. اهي خطبا سنڌ جي صوفين جي تعليم جو تت چئجن ته بيجا نه ٿيندو. انهن خطبن کي طبي اصطلاح ۾ ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. (1) علامات مرض (2) اسباب مرض (3) علاج ۽ پرهيز، هڪ تجربيڪار حڪيم وانگر سائينءَ پنهنجي تجربي مطالعي، مشاهدي ۽ سوچ ويچار جي آڌار تي ان وقت جي قومي شيرازي جي تصوير ڪشي، تاريخي ۽ علم الانسان جي تناظر ۾ ڪئي.... الفرض ته متعدد تاريخي سببن ڪري سيد سنڌي قومي کي جن مرضن ۾ مبتلا ڏٺو، ان جو وچور سندس زباني ڪجهه هن ريت ٿيندو ته: ”سنڌي ماڻهو اڪثر ڪري خود مطلبي، شخصي اختلافن، قوم فروشي، بزدلي، بي غيرتي، نفرت، نفاق، فرقي پرستي، تعصب، تنگ نظري وغيرهه جهڙن موتمار اوگڻن ۾ ورتل آهن.“
مصلحن، مدبرن، سچن صوفين ۽ پيغمبرن جو منصبي فرض اهو ئي رهيو آهي ته اهو فردن، گروهن، قومن ۽ عالم انسانيت جي ڪردار جي تعمير ڪن. قرآن پاڪ ۾ پيغمبر صلعم جي ذڪر ۾ قوم جي تربيت جا مرحلا ڄاڻايل آهن ته هو “صلعم” الله جون نشانيون ڏيکاري ٿو (آيتون تلاوت ڪري ٿو) هنن کي پاڪيزگي بخشي ٿو ۽ ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو. سمورن پاڪ روحن هميشه پنهنجي ارد گرد ڪردار سازيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ انهن جي تربيت ۽ تنظيم شروع ڪئي. ان طرح سلسلا ۽ مسلڪ شروع ٿيا. جن معاشري جي اصلاح جي عمل کي تسلسل ڏنو. اصلاح نفس جو عمل محبت جي عالمگير اصول تحت ئي هلي سگھي ٿو. نفرت بدران محبت، اختلاف بدران اتفاق، ويڇي بدران اوڏڙائپ، پکڙي وڃڻ بدران هڪ ٿي رهڻ جا اصول ئي انساني بقا جا ابدي اصول آهن.
تو براي وصل ڪردن آمدي
ني براي فصل ڪردن آمدي
پروفيسر قلندر شاهه لڪياري
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 803
Kitab Jo Nalo : SINDHIN GEE TANAZAL AIN GHULAMI JA KARAN
by: G. M. Syed
Edited & Expounded : Pro. Dr. Azad Qazi
First Edition © Roshni 2017
Pages : 143
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، موني بازار، نوابشاهه +اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه+سليمان برادرس نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔








































Comments
Post a Comment