DAHYOON DUKH DISAN
سقراط جو موت 399 ق-م ۾ وِههُ جو پيالو پيئڻ بعد ٿيو. وِههُ جي پيالي پيئڻ جي سزا اٿينس (يونان) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي هئي. مٿس الزام هيو ته هو نوجوانن ۾ بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل ديوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رهيو هو.
سقراط انهن ٻنهي تهمتن کان انڪار نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت انهن تهمتن کي تسليم به ڪيو، پر هن پنهنجي بچاءُ ۾ وڏي عالمانه انداز ۾ جيڪي چيو تنهن جو سار (حاصل مطلب) اهوئي ٿئي ٿو ته جيڪي ڪجهه هن ڪيو سو ڪو ڏوهه نه آهي. سقراط جي پنهنجي ويچارن جي بچاءَ ۾ ڪيل هي آخري تقرير ادب، فلاسافي، منطق، فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ شاهڪار آهي، جنهن جي اهميت اڄ به قائم آهي ۽ رهندي. اڄ به ڏاهي کي پنهنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ به ڏاهي کي ڪم ظرف ۽ جاهل ماڻهن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ به ڏاهي کي گهڙي گهڙي، ڏينهن ڏينهن، سال سال، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نه صرف پنهنجي لاءِ، پنهنجن لاءِ، پر پورين قومن ۽ انسان ذات لاءِ.
سقراط جو ڪجهه ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاهي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر ان کان انڪار ڪونهي ته سقراط پنهنجي ويچارن کي جنهن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاهي جو اهو حق هميشه هميشه لاءِ ڇڪيو آهي ته هو جنهن ڳالهه ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتقاد رکي ٿو. اها ڳالهه چوڻ جو، ان کي کلي طرح هر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو، هن کي نه صرف حق آهي، پر هن جو فرض پڻ آهي.
تقريباً چوويهه سؤ سال ٿي رهيا ۽ گذري چڪا آهن، پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو هيءَ دانهن، هيءَ تقرير، هيءَ شڪايت ۽ پنهنجي ويچارن کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دؤر ۾ به هڪ پڙاڏو آهي، جنهن جو جواب هن ڌرتيءَ تي اڄ به ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ به انسان مجبور آهي، بي زبان رهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي ڏک ۽ پيڙا کي ظاهر ڪرڻ جي سزا ملي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور هن جي ڪنڌ تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رهي آهي. اڄ به سچ ڳالهائڻ جي سزا جيل، ڪوڙا ڪيس، موت، ڦاسي يا ڪنهن اونداهي گهٽ ۾ ڇُرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.
سقراط پنهنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگهيو پئي، معافي وٺي سگهيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنهن رياست ۾ وڃي سگهيو پئي، پر هن انهي سڀني بچاءُ جي صورتن کي رد ڪيو. سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۽ پنهنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو، پر 501 قاضين منجهان انهن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪونه رهيو، جن سقراط کي وِههُ جو پيالو پيئڻ جي سزا ڏني.
سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏهن ۽ اڄ اهو ئي آهي ته هر انسان کي پنهنجي راءِ آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو حق آهي. نه صرف حق آهي، پر فرض آهي ته سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اهي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انهن جو نالو ۽ نشان به باقي ڪونهي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي، سي اڄ به دنيا جي چوٽيءَ جي ڏاهن ۾ شمار ٿين ٿا.
يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذهب، ڪو فلسفو، ڪو نظريو ڪونهي، جنهن سقراط جي ويچارن مان فائدو نه ورتو هجي. ڪنهن زماني ۾ منطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار (اڌارو) ورتو هو، سي هر ديني مدرسي ۾ لازمي مضمون طور پاڙهيا ويندا هئا ۽ شايد اچ به پاڙهيا ويندا آهن.
سقراط پنهنجي گهر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي هر نوجوان کي پڪڙي، ساڻس علم، فلسفي، ادب، تاريخ، سياست، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو هو. هن جي اردگرد پڙهيل اميرزادن جو گهيرو رهندو هو. ڪي کيس پنهنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا هئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا هئا. بهرحال هو سڄو ڏينهن ۽ سمورو وقت انهيءَ ظلل کي سڏ ڏيندو وتندو هو، جنهن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاهن سٺو وقت آهي ۽ اڄ به سهن پيا. رات جي دير دير سان جڏهن هو گهر موٽندو هو ته اڪثر سندس گهر واري ٿڪجي چور ٿي سمهي چڪي هوندي هئي ۽ وقت تي در لاهڻ کان انڪار ڪندي هئي. سقراط پنهنجي زال جون جهڻڪون ۽ دَٻون سهي، صبح جو وري پنهنجي ڪار سان نڪري ويندو هو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه. اهو ئي سقراط، اهي فلسفي جا شاگرد، اهي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا هن جي اردگرد گڏ ٿي ويندا هئا ۽ انهن شاگردن ۾ افلاطون، ارسٽوڊيمز، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل هوندا هئا.
اسان لاءِ سقراط اڄ به هڪ زنده حقيقت آهي. شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دؤر ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اهوئي چئي رهيا آهن، جنهن لاءِ سقراط زنده رهيو، ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاها پنهنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رهيا آهن، جنهن سان سقراط، منصور ۽ سرمد پنهنجو ڪيس پيش ڪيو. سقراط، منصور ۽ سرمد، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آهن ۽ اسان جا ڏاها انهن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن. ممڪن آهي ته اڄوڪي هل هلان جي دؤر ۾ ڪو انهن کي ٻڌي نه ٻڌي، پر انهن نظريات جي اهميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نه ٿو سگهي. سچي لاءِ اڄ به وِههُ جو پيالو آهي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آهي ۽ عذاب سهي مرڻ آهي. پر ان ۾ شڪ ڪونهي ته فتح نيٺ سچ جي ٿيندي. باطل کي هر قدم، هر جڳهه تي شڪست ملي رهي آهي ۽ انسان ان ڏاهپ جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي دؤر افق تي، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رهيا آهن ۽ انسان پنهنجي بيبڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دؤ رمان نڪري پنهنجي ٻن پيرن تي بيهي اُوچي ڳاٽ اهو اعلان ڪري رهيو آهي ته انڌڪار ۽ اونداهي قوتون ناس ٿي رهيون آهن، سچ اُڀري رهيو آهي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.
سقراط جنهن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان هن جي جمهوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ هن جي وضاحت مان صاف ظاهر آهي ته هو پنهنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو، ته به انهن جي راءِ جو احترام ڪندي، انهن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿو. ظاهر آهي ته ان دؤر جي يونانين ۾ جمهوريت يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي هيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نه هيو، پر ان مان جوري سسٽم جا اهڃاڻ ملن ٿا، ته ان وقت جا ڏاها پنهنجي برابر شهرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا هئا، اختلاف ڪندي به اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو هو. اسان جا ڪيترا معاشرا اڄ به ان بنيادي حق کي تسليم نه ٿا ڪن ته اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اهم ضرور آهي، پر اڪثريت يا گهڻائي وارن کي مجبور نه ٿو ڪري سگهي ته هو پنهنجي راءِ کي ريٽي، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين. ورائي وارن ته ٺهيو پر هڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.
جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اها حقيقت نه وسارڻ گهرجي ته افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا هئا ۽ هنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو هيو. سقراط ان لحاظ کان هڪ يگانو شخص هيو، جنهن پنهنجي دؤر ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو، قبوليت ۾ هاڪار نه ڪيائين ۽ وِههُ جو پيالو پي هميشه هميشه امر شهيدن جي قطار ۾ مٿانهين جاءِ ماڻي ويو.
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روزِ اول کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماري ويو آ،
ڪڏهن زهر پيئاريو ويو آ،
ڪڏهن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آ.
هي ترجمو ايڏو ته سٺو، سهڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ هڪ نوجوان شاگرد ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سندس ساراهه ۾ ٻه اکر چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعض يا تڪرار جنهن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گُلَ ترجمو ڪيو آهي، تنهن لاءِ هن کيرون لهڻيون.
سوڀو گيانچنداڻي
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 649
Kitab Jo Nalo : DAHYOON DUKH DISAN
by: Aflatoon
Translated by: Dr. Gul
Third Edition © Roshni 2016
Pages : 184
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، موني بازار، نوابشاهه +اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه+سليمان برادرس نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔






































Comments
Post a Comment