ROMI GEE RIHAN










































هي ڪتاب ”ظفر عظيم“ جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”رومي ڪي نغمي“ جو ترجمو آهي.
 رومي هڪ اهڙو مجذوب شاعر آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان کان ماورا آهي، سندس پيغام وقت ۽ زمانن جي قيد کان آزاد ٿي دل جي گهراين ۾ لهي وڃي ٿو، ظفر عظيم جي هن ڪتاب ۾ رومي جي شخصيت، فڪر، فن ۽ انداز سخن تي لکڻ لاءِ مواد جنهن محنت ۽ احتياط سان ڪٺو ڪيل ٿو ڏسجي، اهو ڪتاب جي آخر ۾ ڪتابيات کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ جن ڪتاب تان استفعادو ڪيو ويو آهي، ان ۾ انگريزي،فارسي، عربي ۽ ترڪيءَ ٻولي ۾ ڇپيل ڪتاب شامل آهن. تعارف کان سواءِ ڪتاب ۾ ست باب ۽ آخر ۾ ڪليات شمس تبريز مان چونڊ ڪلام جو ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ستن ئي بابن جا عنوان هن ريت آهن: رومي کان اڳ جو سياسي ۽فڪري پسمنظر، رومي جي انداز فڪر جا ماخذ، شمس تبريزي استاد ڪامل،ر ومي ۽ سندس دور، تعليم ۽فڪر رومي، رومي جوا نداز سخن، رومي ۽ اڄوڪو دور.
مولانا جلال الدين رومي 30 سيپٽمبر 12077ع تي بلخ خراسان ۾ پيدا ٿيو، سندس شاعريءَ هر دور جي سڀني مذهبن جي روحانيت جي ڳولا ڪندڙن جي نسلن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، هو آفاقي تجربي جي زبان ۾ گفتگو ڪري ٿو ۽ هن تڪليفن ۽ رڪاوٽن جي حدن کي پار ڪري محبت جي سرمستيءَ کي حاصل ڪيو هو، هن جي شاعري انڌيري رات ۾ پکڙيل آسمان تي واضح ۽ روشن تارن وانگر آهي، رومي جي شاعري هڪ آفاقي پيغام آهي ۽ سندس هر شعر اسان کي هڪ مختلف دنيا سان روشناس ڪرائي ٿو. صوفي راهه ڪهڙي راهه آهي، پاڻ وٽ اڪثر صوفي دنيا تياڳڻ ۽ منهن مونن ۾ وجهي ويهڻ تصور ڪيو وڃي ٿو، پر صوفي جي اصل سڃاڻپ اها آهي، جيڪا جديد صوفي ’شيخ مظفر‘ بيان ڪئي آهي، ”صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ کي دنيا جي فرضن جي ادائگي ۾ مصروف رکي ۽ دل کي الله جي ياد ۾ مشغول ڪري ڇڏي.“ يا جيئن داتا گنج بخش علي هجويريءَ چيو آهي ”صوفي ظاهر آهي، غائب آهي، پر خدا جي حضور موجود آهي.“ يا وري ٻي هنڌ داتا علي هجويري چوي ٿو: ”صوفي اهو آهي، جنهن جي خيالن ۽ عملن ۾ توازن هجي. هو باهوش هجي ۽ جتي سندس جسم اُتي سندس روح، يا جتي روح اُتي جسم ۽ ائين سندس اهو عمل روحاني ڪيفيت جي عين مطابق ٿي وڃي.“
 صوفي تحريڪ ڇا آهي، ظفر عظيم چواڻي: ”اها تحريڪ جنهن کي پاڻ تصوف جي نالي سان ڄاڻون ٿا، اها راهباڻين رياضتن، شام ملڪ ۾ پکڙيل مادي دنيا جي برخلاف عيسائي رهبانيت، باطني تحريڪن، زرتشي، ٻڌ ڌرم ۽ هندو مت جي روحاني ۽ وحداني روين جي سنگم مان اُڀري، تصوف مذهب ڏانهن هڪ نرم يا منسڪرالمزاج رويو رکي ٿو، اهو ماديت جي خلاف روحانيت کي ترجيح ڏي ٿو.“ 
 صوفين جا ڪيترائي سلسلا آهن ۽ هن ننڍي ڪتاب ۾ انهن سلسلن جو مختصر پر جامع انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ روميءَ تي جن شخصيتن ۽ سلسلن جو اثر رهيو تن تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ان کان سواءِ رومي جي ڪتاب ۽ مثنوي رومي جي ماخذن تي به بحث ڪيو ويو آهي، رومي جي مثنوي ۽ ان جي ماخذن جو جائزو وٺندي ظفر عظيم لکي ٿو ته: ”رومي جي لکڻين مان پڌرو ٿئي ٿو ته هو هڪ گهڻ پڙهيو شخص هو ۽ شايد ئي اسين سندس مطالعي جي وسعت جي باري ۾ راءِ قائم ڪري سگهون.“ مثنوي رومي هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جي اثرن جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي، رومي پنهنجي مثنوي ۾ قصن ۽ ڪهاڻين جي ذريعي جيڪي اخلاقيات، فلسفي، فقه، ادب، مذهبي فلسفي ۽ سائنس جا درس ڏي ٿو، اهي ذهنن تي ايڏا ته اثر ڇڏين ٿا، جو پڙهندڙ انهن جي مَنڊ ۾ مَنڊجيو وڃي. مثنوي رومي ۾ ڪل 275 قصا بيان ڪيا ويا آهن. 
 رومي جي راهه عاشق جي راهه آهي، الله سان عشق اُن جو بنياد آهي، روميءَ جو چوڻ آهي ته: ”جيڪڏهن اوهين عشق جي راهه جا پانڌيئڙا ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي تعصبن کي هوا جي دوش تي ڦٽو ڪري نفس سان قطع تعلق ٿي وڃو، پنهنجي ذات کي براين کان بچائڻ جي لاءِ نفرت ۽ ڪيني جي ناڪاري قوتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.“
 ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب جي ليکڪ ظفر عظيم پنجاب يونيورسٽي لاهور ۽ آمريڪا مان تعليم پرائي آهي، هو قانون، فلسفي، بين الاقوامي معاملن، تصوف وحدانيت، معرفت ۽ تاريخ جي رمزن کان آشنا ۽ انهن جي مزاج کان واقف شخص آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جيڪي اردو کان سواءِ انگريزي ۾ به آهن.، رومي تي لکيل هن ڪتاب کان سواءِ ڀڳت ڪبير تي سندس لکيل ڪتاب جو نالو ”ڪبير: پيار ڪا ساگر“ آهي. ظفر عظيم جي هن ڪتاب جي باري ۾ پاڻ چئي سگهون ٿا ته ليکڪ هن ڪتاب ۾ روميءَ جي شخصيت، فڪر ۽ انداز سُخن جي اڀياس کي ڪوزي ۾ سمنڊ کي بند ڪيو آهي. ۽ ان حاجيت ئي مون کي هن ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي اُڀاريو.

يوسف سنڌي


Book No . 789
Kitab Jo Nalo : ROMI GEE RIHAN

by: Zafar Azeem
Translated by: Yousif Sindhi

First Edition © Roshni 2016
Pages : 184
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 225.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
 Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
 ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
 ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
 نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
 شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، موني بازار، نوابشاهه +اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
 سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
 مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
 مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
 ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
 مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
 سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
 تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
 ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
 قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH