PITKRO SHEHZADO (Le Petit Prince)
ٻن کان وڌيڪ اکر
توهان جي هٿڙن ۾ جيڪو ڪتاب آهي، اهو ڪتاب دنيا جي 256 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان ڪتاب جي مشهوريءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته فرانس جي مشهور اخبار ”لَموند“ پاران ڪرايل هڪ سروي مطابق ويهين صديءَ ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ اثرانداز هڪ سو ڪتابن ۾ ان ڪتاب کي چوٿون نمبر مليو. مٿيان نمبر جڳ مشهور فرينچ ليکڪن البرٽ ڪاميو، مارسيل پرو جهڙن عظيم دانشورن جي ڪتابن کي مليا. هڪ ٻي سروي جنهن ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڇپيل ھڙني ڪتابن مان سڀ کان بهترين پنجاھ ڪتابن جي فهرست تيار ڪئي وئي ته ان فهرست ۾ ان ڪتاب کي ڇهون نمبر مليو، جڏهن ته ان فهرست ۾ والٽيئر جھڙي مفڪر جي ڪتاب ”ڪانديد“ کي نائون نمبر مليو هو.
ان ڪتاب جي ايتري مشهوريءَ جو هڪ سبب هي به آهي ته ان ۾ دنيا کي هڪ ٻار جي نظر سان ڏٺو ويو آهي، ان ڪتاب ۾ پدراڻي انداز ۾ ٻارن کي ڪي به نصيحتون، تاڪيد ناهن ڪيل، اخلاقي درس ناهن ڏنا ويا. خليل جبران چواڻي ته اسان (وڏن) وٽ ٻارن کي سيکارڻ لاءِ سچ پچ آهي به ته ڇا؟ جي ٿي سگھي ته اسان کي ته هوند ٻارن کان سکڻ کپي. ٻار اسان مان آيا آهن، اسان جا يا اسان لاءِ ناهن آيا، ٻار زندگيءَ جو، مستقبل جو اولاد آهن.
هڪ ڳالهه جيڪا مان محسوس ڪئي آهي ته اسان جهڙن سماجن ۾ ٻار ٿيڻ وڏي هچا آهي. هر وڏو صرف ان لاءِ ته هو وڏو آهي، ته پنهنجي پاڻ کي هرو ڀرو ان لائق سمجھندو آهي ته ٻارن کي نصيحتون ڪري. اسان وڏا ان ڪم لاءِ هردم تيار هوندا آهيون. آنتوان دُ سان ان روايت کي ٽوڙيو ۽ هڪ پتڪڙي جي واتان زندگيءَ جو بنيادي ۽ اهم ترين نڪتو واضع ڪيو ته جيئڻ اهم آهي، نمبرن سان پيار ۽ مال ميڙ وڏي ٿيڻ جون نشانيون نه آهن، اهي ته شايد ماڻهوءَ جي ننڍڙي هجڻ جون نشانيون آهن. جيئن آنتوان دُ سان پنهنجي ارپنا ۾لکي ٿو ته، سڀ وڏا شروع ۾ ننڍاهئا، پر ڪن ٿورن وڏن کي اها ڳالهه ياد هوندي آهي. هيءُ ڪتاب اسان وڏن کي اها ڳالهه ياد ڏياري ٿو ته اسان شروع ۾ ننڍا هئا سين، تڏهن اسان ”ٻاراڻا“ سوال ڪندا هئاسين، هاڻي اسان وڏن واريون ڳالھيون ڪندا آهيون، پر چوندا آهن ته فلسفي ۽ سائنس جا سڀئي سوال ”ٻاراڻا“ سوال آهن: جھڙوڪ، پن ساوا ڇو آهن؟ پاڻي آلو ڇو آهي؟ هوا ڪاٿان ٿي اچي؟ مينهن ڪيئن ٿو وسي؟ سوچي ڏسو ته انهن ”ٻاراڻن سوالن“ مان ڪيترن سوالن جا جواب اسان کي اچن ٿا؟ دنيا جا سڌريل سماج ٻارن جي سوالن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا، پر انهن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انگريزيءَ ۾ تازو ئي هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”پتڪڙن جا وڏا سوال ۽ عظيم ذهنن پاران ڏنل سادا جواب“. ان ڪتاب ۾ ٻارن جي سوالن ۽ دنيا جي مشهور سائنسدانن ۽ ٻين ماهرن پاران ڏنل جوابن کي گڏ ڪري ڇاپيو ويو آهي.
وڏي ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو نقصان شايد اهو آهي ته اسان بنيادي سوال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا آهيون. مونکي ياد ٿو پوي ته پتڪڙي سانتا کي ڪنهن وڏي ٻڌايو ٿي ، ”اسان سڀني کي خدا ٺاهيو آهي.“ سانتا ان وڏي کان ٺهه پهه هڪ ”ٻاراڻو“ سوال ڪيو ته، ”اسان کي ڇو ٺاهيائين، پنهنجا رانديڪا نه ھئس ڇا؟“ اهڙا سوال ڪو ٻار يا ڪو سقراط ئي ڪري سگھي ٿو. ڇو ته اسان وڏا زندگيءَ بابت هڪ طيء ٿيل، زنگ لڳل رويو اختيار ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ اهڙي اڻلچڪدار رويي لاءِ ائين چئي خوش پيا ٿيندا آهيون ته اسان زندگيءَ جو وڏو تجربو حاصل ڪرڻ کان پوءِ زندگيءَ بابت پنهنجو اهو رويو اختيار ڪيو آهي، جڏهن ته اسان جي ان رويي جي پاڙ ۾ اسان جي ”وڏائي“ هوندي آهي، زندگيءَ بابت وڌيڪ تجربا حاصل ڪرڻ کان نابري هوندي آهي. پوءِ اسان ٻارن کي به پاڻ جھڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسان چاهيندا آهيون ته ٻار اسان جي ڦوٽوڪاپي هجن، سوبه مائڪرو! اسان دشمنن کي ته ناهيون وساري سگھندا، پر دوستن کي ڪيترو نه تڪڙو وساري ڇڏيندا آهيون. پتڪڙي شهزادي چواڻي ته هڪ دوست کي وسارڻ وڏي ڏک جي ڳالهه آهي. اها ڳالهه به ٻارن کي ئي ياد هوندي آهي، اسان وڏن کي نه! ياد ٿو پوي ته ڪجهه سال اڳ پتڪڙيءَ وينگس کي هڪ پتڪڙي ٻڪري وٺي ڏني هئم، جنهن کي ڪو وڏو چوري ڪري ويو. وينگس جڏهن مونکان پڇيو ته سندس ٻڪري ڪاڏي وئي ته مان چيو: ’اها پنهنجي ماءُ وٽ هلي وئي، ماءُ جي سڪ لڳي هئس‘. سالَ گذرڻ کان پوءِ به پتڪڙي وينگس جڏهن ڪنهن پتڪڙيءَ ٻڪريءَ کي ڏسندي آهي ته چوندي آهي: ’بابا! هو ڏس منهنجي ٻڪري!‘
هي ڪتاب دوستيءَ، جدائيءَ، يادگيريءَ جي ڪٿا آهي. هي ڪتاب پڙهي متان اسان کي به آسمان ۾ پنهنجو وڃايل ستارو لڀي پوي، متان اسان به ستارن جا ٽهڪ ٻڌي سگھڻ جي لائق ٿيون ۽ ٿوريءَ دير لاءِ ئي سهي، پنهنجي ”وڏائيءَ“ کان آجا ٿي سگھون.
آنتوان دُ سان 1890ع ۾ ڄائو ۽ 1944ع ۾ جهاز حادثي ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٻيا ڪتاب ”ونڊ، سينڊ، اسٽارز“، ”نائٽ فلائٽ“، ”وزڊم آف سينڊ“، ۽ سندس ”ليتگ آ سا ميئر: ماءُ ڏانهن خط“ پڻ مشهور آهن پر آنتوان دُ سان جي سڃاڻپ ”پتڪڙي شهزادي“ سان سلهاڙيل آهي. ڪتاب ۾ جيڪي خاڪا آهن، سي پڻ آنتون دُ سان ٺاهيا هئا. ڪتاب جو نثر ۽ خاڪا اِن ڪتاب جي سحر جا لازمي جزا آهن.
فرينچ ٻوليءَ مان ترجمو ٿيندڙ هي پهريون ڪتاب توهان جي خدمت ۾ پيش ڪندي مونکي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ته دنيا جي ادب جي ٻولي (فرينچ) مان هڪ ڪتاب اسان جي مادري ٻوليءَ جو حصو ٿيو آهي. هر پڙهيل لکيل ماڻهوءَ لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي مادري ٻوليءَ جي خدمت ڪري. اسان سڀني کي ان ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
مان پنهنجي ان پيار جي پورهئي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو توهان پڙهندڙ ئي پروڙي ٿا سگھو.
شفقت قادري
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
Book No . 781
Kitab Jo Nalo : PITKRO SHEHZADO (Le Petit Prince)
by: Antoine de Saint-Exupéry
Translated by: Shafqat Qadri
First Edition © Roshni 2016
Pages : 96
Size : Double Crown
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 120.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، موني بازار، نوابشاهه +اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔




























Comments
Post a Comment