LAPATA MOHABAT
مسافرليکڪ جي لاپتا محبت
نثار کوکر سنڌ جي ته ڇڏيو پر ملڪ (سنڌبه هڪ ملڪ ئي آهي) پاڪستان جي انهن ٿورن صحافين منجهان هڪ آهي جن کي مسافر ليکڪ سڏيو وڃي ٿو.
سنڌ ۽ ملڪ کي ٻاهرين ملڪن مان اچي کاهوڙين جيان پرڏيهي ليکڪن ته نوچيو ۽ ولوڙيو هو (خير سان جڏهن اڃان ٺڪائي ملان، پيارا، ڌاڙيل ۽ خودڪش بمبار نه پهتا هئا) ته صدين سالن کان پرديسي ليکڪن، مهم جو مردن توڻي عورتن هن ديس يا دنيا جي هن حصي کي چڱو موچارو ڳولهي لڌو هو. اهڙيون خبرون لکيون هيون جو پڙهندڙ وات ڪٽلي ڪري ويهن. هن وات ڪٽلي قوم ، جنهن کي سنڌي چون، مان منهنجي مرادگهڻو ڪري سنڌي مسلمانن مان آهي، ڇو ته سنڌورڪي واڻيا ته پاڪستان کان به صديون پهرين پرديسن ۾ پڌاري پنهنجو نانءُ ۽ ناڻو پيدا ڪري چڪا هئا، اهي جنکي ڀٽائي وڻجارا ڪوٺيو هو.
اهڙن کوجنا تي ليکڪن مان هڪڙو جيڪو مون به وڏو ٿي بنجڻ چاهيو هو اهو سررچرڊ ايف برٽن هو، جنهن هن بدنصيب سنڌ کي ناخوش وادي سڏيو هو، جنهن ڪراچي ۾ ڇوڪرن جو چڪلو ڳولهي لڌوهو، جنهن اهو به ڳولهي لڌو هو ته ڪهڙين ذاتين ۽ قبيلن جا بالغ ماڻهو، ڇا زن ڇا مرد دن کان هيٺ وارا وار لاهيندا آهن يا نه. پيرن فقيرن ۾ ويساه وسوڙيل قوم سنڌ جا ميلا ملاکڙا، وڏيرا، موالي، چور، چورن جون نانيون ڇا هن، سڄي سنڌ صفا ڇا لڳي پيئي آهي، بس بابا هليا اچو. هن رڳو سنڌ نه پر پنهنجي دور ۾ اوڻهين صدي جي پوياڙي وارن ڏهاڪن ۾ سڄي دنيا جو خفتي ايڏو ته خفتي ليکڪ هو جو چمڙا پوش ڪري عبدالله شيخ نالو رکي مڪي مديني وڃي حاجي جي روپ ۾ حج جا مشاهدابه ماڻي آيو، هو پاڻ وڏو لقاء هو.
ڪنهن آفريقي اترادي عرب کي سونهون بنائي ساڻ کڻي مصر جي نيل شاه دريا جي مهم تي به نڪتو ( جيئين پاڻ وٽ انور پيرزادو، بدر ابڙو، اشتياق انصاري وارا نڪتا هئا ايا اهي جاپاني سياح جن کي ڪمانڊو شيخ ڌاڙيل ۽ سندس ٽولي اغوا ڪيو هو خير اهو وري ڪنهن ٻي بادشاهي جو قصو ٿيندو. مطلب ته سر رچرڊ برٽن وڏي فلم هو. هن سنڌ کي ولوڙي ڏٺو هو. ولوڙي ڏسڻ يادرکجو هتي، ڪيئين سالن تائين هن جو ڪتاب سنڌ ريوزيٽيڊ جي سنڌي ترجمي مان هن جي ڪراچي ۾ انگريز فوجن ۾ هم جنس پرستي جي حوالي سان ڳولهي لڌل ڇوڪرن يا مردن جي چڪلي وارا حصا سنڌ ثقافت کاتي يا سنڌي ادبي بورڊ وارن سندي بالغ ٿيڻ تائين ڇپرائڻ کان لڪائي رکيا هئا. هاڻ خبر ڪونه اٿم ته هو بالغ ٿيا يا اڃان ناهن ٿيا! پوءِ رچرڊ برٽن کي سندس ساڙ سڙئي باس ۽ سنڌ جي قبضي جي گنهگار چارلس نيپيئر سندس پٺيان وڏي ڀنڊي ٻاري ڏني هئي. اياز جنهن هن نيپيئر کي ڪتي جو وياء سڏيو هو تنهن جو مجسمو لنڊن ۾ نثار ضرور ڏٺو هوندو.
هاڻ مان کيس چوندس ته هو ٻئي ڀيري جڏهن ولايت وڃي ته سر رچرڊ ايف برٽن جي آخري آرامگاه تي حاضري ضرورڏي.
سنڌ کي پنهنجي اکين کان گهڻو پيرن سان ڏسندڙ رچرڊ برٽن هڪڙي هنڌ لکيو ته سنڌي ماڻهو کي جيڪا شيءِ وڻندي آهي اهو ان کي رڳو اک سان نه پرهٿ لائي به ڏسندو آهي. سنڌ کي هڪڙي اک سان سرجان جيڪب به ڏٺو هو ۽ سنڌين کيس پنهنجين اکين ۾ جايون ڏيئي ڇڏيون هيون. ”سنڌ هڪ عجيب ملڪ آهي“ مونکي نوي واري ڏهائي ۾ پوٺوهار جا لوڻياٺا پٽ پر ڏاڍو سهڻو ڏيهه ڏوريندي ڪتاس جي پراڻي مندر وٽ هڪ پٺاڻ ملنگ چيو هو. مان، منهنجا يار فرجاد نبي ۽ مظهرزيدي ڀي مون ساڻ هئا.
پر يار هي سنڌ آهي جتي نه هر اگهاڙو شخص سرمد آهي نه ٺٺي جو هر نينگر اڀييچند آهي، پر مان سوچيان ٿو جي ڇاٿي پئي ها ته هي عرياني جي جامي ۾ ڦرندڙسرمد دارا جي تقدير جو حصو بڻجڻ دهلي وڃڻ بجا ۽ سنڌ ۾ رهي پئي ها ته پوءِ، ڇا سڄي حياتي ۽ ان کان پوءِ به اڀيچند سان گذارڻ لاءِ ڇا سنڌ گهڻي نه هئي، پر دارا جي تقدير نه سوچي، پو هو اسان کي حسن درس ڪيئين ٻڌائي ها ته ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو.“ هاڻ لڳي ٿو ته هو رڳو رولاڪ شاعرنه پرمسافرليکڪ به هو.
جي ها، هاڻ اچون ٿا موٽي مسافر ليکڪن تي، مسافر ليکڪ سنڌ ۾ گهڻا آهن؟ ملڪ سڄي ۾ به ڪي ڳاڻ ڳڻيا، سلمان رشيد جيڪو ڄائو ئي ڪنهن ريلوي لائين واري گهر ۾ اسٽيشن ماسٽر جي گهر ريل جي ڇڪ ڇڪ ۽ سيٽي هن جي ڄڻ ستي ۾ وڌل، جيڪو لنڊي ڪوتل کان وٺي راجا جي ريل تي چڙهي ٿر مٺي تائين وڃي نڪتو، منهنجي دوست گهڻ گهري مسافر ليکڪا عيني علي خان آهي جيڪا هنگلاج کان وٺي پشاورتائين ۽ نيويارڪ تائين رلي وڏا وڏا ليک لکي چڪي آهي۔ جيڪالياري جي گهٽين ۾ گهمندي آهي ۽ سڀني مسافرليکڪن جوگرو ۽ فقط ۽هڪڙو خورشيدقائمخاني هو۔
اسانجو دوست سيد منير شاه جيترو رليو آهي جي باقائده اهي رولاڪيون لکي هاته وڏو مسافرليکڪ يا ٽريول رائٽرهجي ها۔ هاڻ به آهي، اهڙي ريت لاڏائو قبيلي وارو روح رکندڙ منهنجي دوست امر سنڌو، منهنجو پيارو اسحاق منڱريو صفا ڳالهه ڇڏي ڏيو.
پر ڏوڪري جوهي پيارو نثار کوکر رڳو رليو ڪونهي، پر هن سنڌ کي نه فقط ولوڙي جهاڳي راڳي ڏٺوآهي جيڪي ڏٺوسو لکيو پرهن ڦريل سنڌ جي ووڙ به ڪيئي آهي ڦريل سنڌجي اهاووڙئي آهي انکي واپس موٽرائي آڻڻ جي جيڪا هن کي سمهڻ نه ٿي ڏي، جيڪاهن جي روحکي سدا سيلاني رکي ٿو.
يعني ته ڇا تو ڪڏهن سوچيو آهي ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي.
هن نه فقط پاڻ کي سنڌي صحافت ۾ مڃرايوآهي پر اردو صحافت ۾ به.
مون ڪڏهن سوچيو به نه هوته نثارکوکر ۽ مان هڪڙي ڏينهن نيويارڪ ۾ ملنداسين ۽ ان جي رستن تي رلي رهيا هونداسين. اهو نثار ئي هو جنهن مون کي آمريڪا ۾ ئي سنڌ ۾ اسان ٻنهي کان وڌيڪ سڃاڻپجندڙ آمريڪڻ سنڌياڻي پياري ايملي هائوز سان پهريون ڀيرو ملرايو هو.
مسافرليکڪن مان رضاعلي عابدي جوڪو برميچي ڪونهي، نه ئي مون واري مرشد وسعت الله خان جو.
نثار کوکر کي اها سدا جوسيلاني روح هن کي صحافت ۾ کڻي آيو هوندو ۽ هن اهاصحافت ڪيئي آهي جيڪاهاڻ پياري غائبستان مان غائب ٿيندي پيئي وڃي ڇوته ان ۾ ڪيئي جان جاجوکا آهن ۽ هن مسافرليکڪ نثارکوکر اهي کنيا به آهن۔ هتي انهن جوکن جو ذڪر ضروري ناهي، نه ته وري جان جوکي ۾ اچي سگهيس ٿي.
اهاصحافت جنهن ۾ ايوارڊ گهٽ ۽ خطراوڌيڪ هونداآهن. نثار اها وڏي واڪ ڪري ٿو. انهي ڪري ئي هن جي هن ڪتاب جو (سرو) عنوان ئي لاپتامحبت آهي. هن هڪڙي تحقيقي ڪهاڻي انهن ماڻهن جي به لکي آهي جن بابت اڄوڪي پاڪستاني ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ورلي ئي ڪو لکندو آهي. پاڪستاني رياست يا ايجينسين هٿان کنڀي کڄي ويل ماڻهو، نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن۔ نثارهنن جي به ووڙ ڪيئي آهي... سنڌ جي غائب ڪيل جواني جي، چڇريل لاشن جي ۽ انهن لاء اتاولين مائرن جي جيڪي هاڻ زندهه نڪي مردهه آهن.
اهڙيون ڪيئين ڪهاڻيون آهن، انهن کي آڻڻ لا۽ هو ڪي مضمون غائب مان نه ٿوکڻي اچي پر اهو هن سنڌ ۽ ملڪ جو زمان حاضر آهي، جنهن ۾ هوان جي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ به آهي ،گم ٿي ويل محبتن جو جاڳيو ڀاڳيو به آهي ته عاشق به، وڌيڪ پاڻ هن ڪتاب ۾ ڏسو سنڌي وياڪرڻ ڀاڱو پهريون وٺو ڪم اکين کان، ڇو ته اهو سچ جي ڪو ٻڌائڻ وار ٻڌائي ته ان کي ڏسڻ لاءِ اوشوچواڻي اکين جي به گهرج هوندي آهي.
اچو ته هن عاشق جي اک سان ڏسون پنهنجي پنهنجي عينڪ هڪ پاسي رکي. هي جوگيڙو رتو روح آهي. انهي فرقي جوفرد جنهن کي چون ساري سنڌپرين جو پاڇو.
ملڪ ۽ سنڌ ۾ اها صحافت ناهي رهي جنهن کي تحقيقاتي صحافت چيو ويندوهو، پر نثار جهڙا ڪي ڳاڻ ڳڻيا صحافي اڃان رڃ ۾ مورن راڙ آهن، جيڪي هن اينڪري ڪلجڳ ۾ نه موهيا نه منڊيا ويا آهن.
گهڻو لکيو ٿورو سمجهندا.

حسن مجتبي
نيويارڪ
Book No . 796
Kitab Jo Nalo : LAPATA MOHABAT
by: Nisar Khokhar
First Edition © Roshni 2016
Pages : 200
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments
Post a Comment