DARD JO CHHO ANNT NA AA ( Poetry )
”درد جو ڇو انت نه آ!؟“ هيءُ مجموعو به منهنجي ديس ۽ ديس واسين جي دردن جي دانهن آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، پاڪستان ۾ شامل قومن کي ڪهڙن لقبن ۽ اعزاز سان نوازيو ويو! جن قومن پاڪستان جي عشق ۾ پنهنجي آزاد رياست جي حق کي الوداع ڪري، پاڪستان جي حق ۾ قراردادون پاس ڪرايون، نه ته پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ ناممڪن هو، انهن قومن کي جاهل، بونا، ۽ ظالمن جي لقبن سان نوازيو ويو! پاڪستان ڪهڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو، اڄ ڏينهن تائين اهو واضح ٿي نه سگهيو، ته پاڪستان سيڪيولر ملڪ آهي، يا مذهبي ملڪ؟ ڪهڙي خبر هئي ته پاڪستان ۾ رهندڙ قومن، ۽ مذهبن جي نرڙن تي پنهنجي پسند جا ٺپا لڳايا ويندا؟
سنڌ ملڪ پاڪستان جي هلچل ۾ سڀني صوبن کان اڳرو هو، پر افسوس! جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌين تي جهالت جو ٺپو لڳايو ويو. (جيڪو اڄ ڏينهن تائين نه لٿو آهي). جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ واري ۽ بانيءَ پاڪستان جو تعلق به سنڌ سان هو، پوءِ اهڙا لقب ملڻ، ۽ وري انهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو تاريخ جو هڪ المناڪ ۽ ڪارو باب آهي. سنڌي اڳواڻن سان ڪهڙا ڪلور ٿيا، ڪنهن به سڄاڻ سنڌيءَ کان ڪين وسريا آهن. هندستان کان آيل مهمان ڀائرن لاءِ اسان جن اڳواڻن، ديڳيون چاڙهيون، ڳلن ۾ گلن جا هار پارايا، وڏن شهرن ۾ آباد ڪيو، اڄ اُهي مهمان ڀائر اسان جي وجود تي وار ڪرڻ لاءِ آتا ويٺا آهن.
قائدِاعظم جو پاڪستان 1971ع ۾ ٽُٽي ويو، هيءُ بچيل پاڪستان ڪنهن جو آ؟ ڪابه خبر ناهي!؟ 1971ع ۾ قائدِ عوام نئين پاڪستان جو نعرو لڳايو ۽ 1973ع جو آئين ڏنو، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ زهرِ قاتل هو، جنهن سان وسيلا وفاق حوالي ٿي ويا، ته ڌارين لاءِ سنڌ جا دروازا کوليا ويا، اڄ سنڌ پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ به ڪجهه نٿي ڪري سگهي. اسيمبلين ۾ صوبائي، قومي ۽ سينيٽ ۾ ٽيون حصو ڌارين جو آهي، اهو آهي 1973ع جي آئين جو سنڌ لاءِ تحفو! (پوءِ قائدِ عوام سان وفاق ڇا ڪيو؟) باقي رهيل قومن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ، وفاق جي آڙ ۾ اين.ايف. سي ايوارڊ ٺاهيو ويو، جنهن جو فائدو پنجاب کي ۽ نقصان سنڌ کي پهتو آهي. سنڌ جا سمورا وسيلا وفاق وٽ قيد آهن، هر سال فقيرن وانگر ڪاسي ۾ چار آنا ملن پيا، امير سنڌ جو عوام فقير لڳو پيو آهي! ڪاري سون جا مالڪ ٿر واسي، جتي مورن سان گڏ مورن جهڙا معصوم ٻار به اڃ، بک ۽ بنا علاج پيا مرن، پر اسان جا واڳ ڌڻي، فرمائن پيا ته سنڌ ترقيءَ جي اوج تي آهي! باجارا ۾ روز 85 ڪرورن جي گئس ٿي نڪري، پر باجارا وارا اڄ به ڪاٺيون ٿا ٻارين! اسان جا حڪمران، خوشيءَ ۾ نٿا ماپن ته، اسان سنڌ جي و سيلن جا پاڻ مالڪ آهيون، سنڌ وطن تي اهو ظلمن جو اڀريل سج ڪڏهن غروب ٿيندو؟ 1971ع کان اڳ لاهور شهر جا ڪچا رستا هئا، اڄ پنجاب ۾ جي.ٽي روڊ آهن ۽ سنڌ کنڊر جو ڏيک پئي ڏي!
اگر ڪو ان ظلم تي دانهين ٿو ته اهو باغي آهي! نئين سج سنڌين لاءِ نئين درد جو نياپو، نئين درد جي ڪٿا! ڳڀرو جوانن جا پروڻ ٿيل لاش! جن جي پيشانين تي بغاوت جا نشان سجايل هوندا آهن، ڪن کي روڊن تي گولين جو بَکُ بڻايو ويو، ڪن کي سقراط وارو زهر جو پيالو پياريو ويو، ته ڪن کي روڊن تي تيل هاري منصور وانگر رک ڪيو ويو، ته ڪڏهن روڊن تي تڙپندا لاش! جن جي قصور جي ته شايد گولين هڻڻ وارن کي به خبر نه هوندي، ۽ ڪڏهن روڊن تي اُڇلايل لاوارث لاش!
سنڌ وطن ان لاءِ پاڪستان ۾ شامل ٿيو هو، ته سنڌ ۽ سنڌ جي وارثن سان اهڙا ڪلور ڪيا وڃن؟ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا لڳن! روز ڪالاباغ جو ڪاريهر نانگ ٽٻڻيءَ مان نڪري نروار ٿي! هن وقت سنڌ نازڪ موڙ تي بيٺي آهي. سنڌ دشمن منصوبن جو تيزيءَ سان مڪمل ٿيڻ، سنڌ جي زمين، ٻيٽ، سنڌ جا وسيلا لُٽ جي مال جيئان لُٽيا ۽ کپايا پيا وڃن، ڌارين جي لوڌن جو آباد ٿيڻ، سنڌ جي وجود تي وار، اهي سڀ منصوبا ڪهڙو پيا نياپو ڏين؟
هن وقت سنڌ ۾ ڌاري آبادي 48 سيڪڙو آهي، جڏ سنڌ دشمن منصوبا ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون ۽ سيف سٽي جُڙي راس ٿيا ته پوءِ سنڌ جي اصل آبادي ڪٿي بيهندي؟ اهو سوچيندي ئي هنيون اڌ ٿو ٿئي.
سنڌ ۾ ڌارين جو اهڙيءَ طرح اضافو ٿيندو رهيو، ته ايندڙ آدمشماريءَ ۾ خبر پئجي ويندي ته سنڌين جي آبادي ڪٿي ٿي بيهي.
مون عورتن سان ٿيل ناانصافين تي به لکيو آهي، جن ۾ ايران جي ناري ريحانه جوادي، جنهن کي پنهنجي عزت بچائڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ چاڙهيو ويو. پاڪستان جي خوبصورت ۽ باصلاحيت اداڪاره روحي بانو، جنهن جا ظالم دنيا جي ستمگرن هوش خطا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ هوءَ لاهور جي روڊن تي گهمندي نظر اچي ٿي! ڪراچيءَ جي غريب مُراد جي وني دعا، جنهن جي ور کي سندس نظرن جي اڳيان گولين جو نشانو بڻايو ويو، غزاله بتول جي شهادت، سائين حاجن شاهه جي شهادت، حسن درس جو وڇوڙو، ڦُهارا چوڪ تي استادن جي ٿيل تذليل، ۽ ٻيا ڪيترا واقعا آهن جن تي مون لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هيءُ مجموعو به سنڌ ۽ سنڌ واسين جي دردن جي درد ڪٿا آهي، زندگي آس ۽ نراس جي ٽياس تي ٽنگيل هوندي آهي، اگر آس ارپجي ته امرت ٿي پوندي، جي صرف نراس اوتيو ته حسرت ئي ٿي پوندي، ان لاءِ نراس نيڻن ۾ آس جا ديپ جلائجن.
اميد اٿم ته ديس ڌڻي هن مجموعي کي به سٺي موٽ ڏيندا. اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

ارشاد سومرو
Book No . 779
Kitab Jo Nalo : DARD JO CHHO ANNT NA AA
Poet: Irshad Soomro
First Edition © Roshni 2016
Pages : 184
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments
Post a Comment