OJAGEN GEE PANNA CHHANN ( Poetry )





























ڏيئي جي لاٽ جو لباس گيڙو رتو آهي!
هجومن ۾ هوندي به ديوانيءَ عورت جهڙي اڻ پرڻيل اڪيلائي ڊوڙي اچي احساس جي آڱر جهلي، ڪڏهن آمري جي آثارن تي آڻي بيهاري ٿِي، ته ڪڏهن وري تاڻي آفريڪا جي صحرائن ۾ ويهاري ٿي! اڪيلائي جي ڪلهن تي لڙيل زلفن کي احساسن جي آڱرين جڏهن به ڇُهيو آهي، تڏهن اِهي آڱريون نسوري اُڃ ٿيون آهن. اها اُڃ ڄڻ ته عاشقيءَ جو اوجاڳو آهي! شيشي جي ٽُڪر سان پير ڪپجڻ ويل جوڳي ٻارڙي جي ڪيل رڙ جهڙي رات سوچن جي اکين کي ڪٿي به سمهڻ ناهي ڏنو! ڦٽيل هٿن تي لُٽيل ويساهن ۽ ڪٺل محبتن جا جنازا کڻڻ جي آبت ڏيندي اوپرائي جي موسم عجيب ڌوڙ سان لَٽي ٿي ڇڏي! ان حقيقت مٿان ڪوبه کارو ناهي پيل ته پناهن جي پينگهن ۾ سچائين جا باغي بدن ڪڏهن به ڪونه ٿا لُڏن، اُنهن جي حصي ۾ اڄ به صليب آهن! پٿرن جهڙيون سختيون آهن، دوزخن جهڙيون دربدريون آهن! اهڙين ئي ڪيفيتن ۾ ٻُڏي شايد، ڪڏهن سارا شگفتا به هِي ماري وجهندڙ سٽون لکيون هيون ته:
منهنجي ميري رَت ۾،
ڪاغذ جي ٻيڙي تري رهي آهي!
انسان جي رَت ۾ ڪاغذن ۽ وحشي ٽهڪن جون ٻيڙيون تارڻ وارا هٿ ڇو نٿا مروٽيا وڃن؟ اهو سوال اهڙو صليب آهي، جيڪو اسان اُس ۾ کڻي هلي رهيا آهيون. پڄري رهيا آهيون. آوين مان گذري رهيا آهيون! جڏهن اُڃ وڌي ٿي ته سمنڊ مان ٻُڪ ڀري اسان جي سامهون آندي وڃي ٿي! ڌوڙ ۾ وڌيڪ ڀڀوت ٿيون ٿا ته اسان کي اڪن جي کير سان وهنجڻو پوي ٿو! وري صليب کڻي اڳتي وڌن ٿا. نوجوانيءَ ۾ فرقيواريت جي لوءِ ۾ قتل ٿيل ايران جي دلربا شاعره قرة العين طاهره جي نرمل اکين جهڙيون ڪنول گهڙيون ۽ موسمون اسان بيابانن ۾ ڳوليون ٿا، پر اُهي نظر نٿيون اچن! نظر ته فقط کرندڙ ستارا اچن ٿا.... يا منتظر رڳو انڌا تماشا رهن ٿا، جن جو ذائقو به اهو ئي ٿوهر جي ٿڃ جهڙو آهي! احساس شناس ماڻهو ئي فقط اها ڄاڻ رکن ٿا ته تاريخ جي چهري تي ڪوبه ليڪو ناهي آيل، ليڪو ته اڪثر ڪري ماڻهو ئي ضميرن تي ڏيندا رهندا آهن! ڪالهه غلامن جي قيديءَ نوجوان عورتن کي بي لباس ڪري رهزنن فاتحن جي نالي ۾ درٻارن ۾ ساقي گري ڪرائي هئي، اڄ اهڙن ئي قاتلن جا روح نياڻين تي تيزاب هاري رهيا آهن! ڇا چئجي سانحن جا بيابان، پيار ۽ انسانيت جي آڳرن کان وڌيڪ وڏا ٿي ويا آهن! احساسن جون آڱريون زخمن لئه پَهو ۽ اگهاڙپ لئه چادر ٿيڻ جي تمنا ڪن ٿيون. قهر اهو آهي ته احساسن جو سِڪو وقت جي بازار ۾ هلي ئي نٿو! ماڻهن جون اکيون ڄڻ ته ٻلا کائي ويا آهن، ان ڪري هر تماشي کي خاموشي جو ڪفن مليل آهي! بابا ڀٽائي سُر يمن ڪلياڻ ۾ صديون اڳ ويڄن جي بيحسي جو ماتم ڪيو هو، اڄ به انهن جي ڪٺورتا کي ڪوبه ڪلف ناهي آيو! حيرت، حيرت جو شڪار آهي! درد مدد خان جو گهوڙو ۽ دل ساڳي سنڌ جي ڌرتيءَ آهي!
تماشن ۽ انهن کي نظمن ۾ پلٽڻ جڏهن ڏکيو ٿيو پوي ته پوءِ اُهي احساس نثري ٽڪرن ۽ نثري نظمن ۾ گهڙجي ڪاغذن جي آکيرن ۾ پکين وانگي ويهو رهن! حقيقت اها آهي ته نثري ٽڪرن کي لکڻ، مٽي تان پنهنجو رت ميڙڻ ڳالهه ساڳي آهي! مون هي ڊائري لکندي ائين ئي محسوس ڪيو آهي! سُڌ اها نٿي پوي ته مون لفظ لکيا آهن يا کرڙي جي جنگ جي تڏي تان شهيدن جي بيواهن جون نٿُون کڻي دل جي جهوليءَ ۾ جمع ڪيون آهن! ڪا خبر ناهي! دل کي بس اها سُڌ آهي ته پنهنجي ديوانگين جو ويس گيڙو آهي، ڇو جو ڏيئي جي لاٽ جو لباس به گيڙو رتو آهي! دل جي ڳولا روشني جي ڳولا آهي. ”اوجاڳن جي پَن ڇَڻ.“ جي عنوان هيٺ لکيل لکڻيون يقين ڄاڻو ته ادب جو ڪوبه نئون معجزو ناهن، بس هي ته رڳو اوجاڳن جي موسم جا ڇڻيل پڻ آهن. اوجاڳا، محبتن جي پٺيان به ٿيندا آهن، ته اوجاڳا، وحشتن کان به اکين کي حصي ۾ ملندا آهن، پر اها حَسين حقيقت آهي ته جيڪي لفظ احساسن جي اوجاڳن مان جنم وٺندا آهن، اُهي ڪڏهن به ميرا ٿي نٿا سگهن! درد جي ڪنواريءَ موسم جيڪو به احساس جو رنگ دل کي ڏنو آهي، دل اهورنگ اهو گُل هنن پنن تي رکي ڇڏيو آهي!
ايوب کوسو
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 748
Kitab Jo Nalo : OJAGEN GEE PANNA CHHANN

by: Ayoob Khoso
Third Edition © Roshni 2016
Pages : 136
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH