Sadat Hassan Manto Jon Kahanion
سعادت حسن منٽو :
بيباڪ ۽ وڏو ڪهاڻيڪار
سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع تي هندستان جي ننڍڙي شهر سمبرالا (ضلعو لڌيانا) ۾ ڪشميري خاندان جي هڪ فرد غلام حسين منٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هو اهڙن ذهين ٻارن مان هو، جيڪي ذهين هجڻ باوجود روايتي تعليم ۾ دلچسپي ناهن وٺندا. اهو ئي سبب آهي ته سعادت حسن منٽو 1931ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ايف اي ۾ ٻه ڀيرا ناپاس ٿيو ۽ جڏهن ايف اي جو ڏاڪو اُڪري علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ پهتو ته پڙهائيءَ ۾ سندس دل نه لڳي، مٿان وري بيماريءَ جو حملو، جنهن ڪري هن تعليم کي جاري نه رکيو .
هن پنهنجي فني ۽ صحافتي سفر جي شروعات 1943ع کان ڪئي. هن ڪجهه وقت لاهور جي هڪ اخبار ۾ به ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن بمبئي جي ڪجهه اخبارن ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت هو آل انڊيا ريڊيو لاءِ ڊراما ۽ فيچر به لکندو رهيو ته مببئي جي فلم ڪمپنين سان به ليکڪ طور وابسته رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1948ع ۾ سعادت حسن منٽو لاهور لڏي آيو.
سعادت حسن منٽو پنهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا ترجما نگار جي حيثيت سان ڪئي ۽ هن دنيا جي مشهور ليکڪن آسڪر وائلڊ ، ميڪسم گورڪي ۽ انتونيو چيخوف جي لکڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن پنهنجي پهرين اصلوڪي ڪهاڻي ”تماشا“ جي عنوان سان لکي، جنهن کان پوءِ هو لڳاتار ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس قلم جي پختگي ڏسي ڪيترن ليکڪن اهو يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهي سعادت حسن منٽوءَ جون اصلوڪيون تخليقي ڪهاڻيون آهن. هن تي اها تهمت هنئي وئي ته هن اهي لکڻيون به هن ٿوري تبديليءَ سان ترجمو ڪري پنهنجي نالي سان پيش ڪيون آهن. هو الزامن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ لکندو رهيو . هن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي نهايت بي خوفيءَ سان لکيو. سندس قلم جي تلخيءَ سبب هن تي فحش نگاريءَ جا الزام به لڳا. سندس ڪجهه ڪهاڻين سبب مٿس عدالت ۾ ڪيس پڻ هلايا ويا. هن هڪ هنڌ لکيو ،”مان ڪهاڻي ناهيان لکندو پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي مون کي لکندي آهي. مان تمام گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهو آهيان. هونءَ ته مون ويهن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي حيرت ٿيندي آهي ته اهو ڪير آهي، جنهن اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن ، جن تي عدالت ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا!“
منٽوءَ 200 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. جڏهن ته هن ڊراما، خاڪا ۽ مضمون به لکيا ته ساڳئي وقت هو ڪامياب اسڪرين رائيٽر به هو. هن پنهنجي لکيل هڪ فلم ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ آتش پاري ، منٽو ڪي افساني ، دهوان ، لذتِ سنگ ، چغد ، سياهه حاشيي ، خالي بوتلين خالي ڊبي ، ٺنڊا گوشت ، نمرود ڪي خدائي ، بادشاهت ڪا خاتمه ، يزيد ، سڙڪ ڪي ڪناري ، اوپر نيچي اور درميان ، بغير عنوان ، برقعي ، بغير اجازت ، شڪاري عورتين ، ڪالي شلوار ۽ رتي ماشه تولا ، گنجي فرشتي ، نورجهان سُرورِ جهان ، لائوڊ اسپيڪر ۽ منٽو ڪي مضامين شامل آهن. سعادت حسن منٽو نهايت بيباڪ ۽ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو. هو اهڙو ڪهاڻيڪار هو ، جنهن جي ڪهاڻين جا ڪردار ، اڄ تائين به سماج ۾ هر طرف جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
سعادت حسن منٽوءَ ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ 18 جنوري 1955ع ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب، ڪيترن سالن جي لڳاتار شراب نوشيءَ سبب، آخري وقت تي کيس دل جو دورو پيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي پڄاڻي ثابت ٿيو.
سعادت حسن منٽوءَ جو سندس زندگيءَ ۾ ته اهو قدر نه ڪيو ويو ، جنهن جو هو حقدار هو، بلڪه کيس ايذايو ويو ، پر سندس وفات کان پوءِ کيس اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار به چيو ويو ته شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا ويا. سندس وفات کان پوءِ هن تي انڊيا ۾ ٻه فلمون ٺاهيون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۾ پڻ سندس فن ۽ شخصيت تي هڪ فلم ”منٽو“ ٺاهي وئي، جيڪا 2015ع ۾ رليز ٿي. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ”نشانِ امتياز“ (وفات کان پوءِ) ڏنو ويو ۽ پاڪستان جي پوسٽل ڊپارٽمينٽ 2005ع ۾ سندس ورسيءَ جي موقعي تي هڪ ٽڪلي پڻ جاري ڪئي.
سعادت حسن منٽو جي جنم وقت ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته اهو ٻار جسماني طور تي ته وڏي عمر نه ماڻيندو ، پر هو اردو ادب جي تاريخ ۾ امرتا حاصل ڪري وٺندو. هو اردو ڪهاڻيءَ تي اهڙي ڇاپ ڇڏيندو ، جيڪا صدين کان پوءِ به موجود رهندي ۽ ايندڙ وقتن جا ڪيئي ڪهاڻيڪار سندس پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا، پر انهن مان ڪوبه منٽوءَ واري منزل نه ماڻي سگهندو.
سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيو آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication
Book No . 772
Kitab Jo Nalo : Sadat Hassan Manto Jon Kahanion
Compiled by: Jibran Zaib
First Edition © Roshni 2016
Pages : 285
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 350.00
Contact: 022-2780908
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔








































Comments
Post a Comment