Ahyo Muhinji Jaan
آهيو منهنجي جان!
اهو منهنجي زندگيءَ جو ويهون بهار هو، جيڪو تازو گذري ويو هو يا پوين پساهن ۾ هو. اهو ۽ ان کان پويان سڀ بهار جيڪي منهنجي زندگيءَ ۾ اڃا به جوانيءَ ۾ آيا هئا، سڀ واقعي بهار هئا. گذري ويا. اڳتي ڪو بهار ايندو به يا نه، في الحال مون کي خبر نه هئي.
منهنجي زندگيءَ جو اهم موڙ يا وڏو سانحو (نظر جو وڃڻ) اپريل 1994ع ۾ مرحلي وار شروع ٿيو. گهڻو پڙهڻ ۽ ٿورو ٿورو لکڻ جي شروعات ٿي چڪي هئي. مذڪوره سانحي کان پوءِ مون تي اهو واضح ٿيو ته مان نثر بدران نظم ۾ آسانيءَ سان طبع آزمائي ڪري سگهان ٿو- ۽ ائين مون شاعريءَ جي باقاعده شروعات ڪئي. 1995ع ۾ ماهوار ”ڪينجهر“ ۾ پهريون ڀيرو ڇپيس ۽ ساڳئي سال ادبي سنگت جي هڪ مرڪزي اڳواڻ منٺار سولنگيءَ جي منهنجي هڪ وائيءَ تي تنقيدي راءِ آئي. ادبي سنگت شاخ هالاڻيءَ جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ شاعري پڙهندو ۽ سينيئرس کان تنقيدون ٻڌندو ۽ سکندو رهيس. غزل جي سٺي شاعر فدا بخش علي سهتو کان علم عروض جي ڄاڻ حاصل ڪيم. ادبي سنگت ۾ بيت جي بهترين شاعرن غلام نبي عاقل، محمد ڪامل سولنگي، عرض محمد عرض، سائين غلام رسول ناطق، نياز خالدي، جدت پسند شاعرن ۾ قادر بخش پريم، شريف سومرو، جبار ملاح کان گهڻو پرايم. خانواهڻ ۽ محرابپور جي ادبي دوستن رفيق سيال، پارس حميد، اسد مڱڻهار، ذوالفقار سيال، نواز ڀٽي ۽ ٻين سان به صحبت رهي. توڙي جو هاڻي منهنجي نظر نه هئي، پر سنڌيءَ ۾ بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ويس. اتي استادن جي رهنمائي ملي، سينيئرس کان همت افزائي ٿي.
اسحاق سميجي ۽ ذلفي ميراڻيءَ جهڙا دوست ۽ ڪلاس فيلوز مليا. اتفاقن ئي سهي، پر پهرئين سيميسٽر ۾ پهرين پوزيشن اچڻ سبب ان کي باقاعده برقرار رکڻ لاءِ ادب پڙهڻ منهنجي خواهش ۽ ضرورت ٿي پيو. زندگيءَ جا عجيب تجربا، مشاهدا ۽ مطالعا منهنجي شاعريءَ جو ٻارڻ ٿيا.
ڄامشوري ۾ رهڻ ڪري سائين امداد حسينيءَ سان ڪچهريون ٿيون. سائين علي دوست عاجز سان ويجهڙائپ ٿي. 1999ع ۾ فائينل کان پوءِ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ٿي رهيس. 2002ع ۾ ڪميشن ڪري استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ آيس. هتي منهنجي سنگت مشتاق ڀرڳڙي، مولا بخش آزاد، جاني اسحاق ملاح، مارو جمالي ۽ ٻين سان رهي. مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ڪوششن سان ڏهن نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”موکيءَ مٽ اُپٽيا“ آيو. جنهن ۾ منهنجي شاعري به آهي.
منهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”هينئڙو هَيرڻ پن“ سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2011ع ۾ ڇپيو. اتفاق سان اهو ڪتاب 24 فيبروري تي پڌرو ٿيو. فيبروري جي 24 تاريخ مون لاءِ خاص اهميت واري آهي. ڇو ته 24 فيبروري 2002 تي منهنجي شادي ٿي ۽ ساڳي تاريخ تي منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب پڌرو ٿيو. انهيءَ تاريخ تي رات جو ڏهين ڌاران ڀائو درمحمد سيال جي فون آئي. چيائين ته ”ڀائو بشير خان قريشي توهان سان ڳالهائيندو.“ فون تي بشير خان ڳالهايو. چيائين ”توسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ دل چاهيو.“ مون چيو ”جيڪڏهن اوهان ڪجهه دير اتي آهيو ته مان اچان ٿو.“ ۽ ائين ڀائو در محمد جي هوٽل تي اها يادگار ملاقات ٿي. مون بشير خان کي چيو ته ”اڄوڪي ڏينهن کي ياد رکڻ لاءِ ٻه حوالا اڳئي مون وٽ هئا، هاڻي اوهان سان ملاقات وارو هي ٽيون حوالو به ٿيو.“ چيائين ”اهي ٻه ڪهڙا؟“ چيم ته ”اڄوڪي تاريخ تي منهنجي شاديءَ جي سالگرهه آهي ۽ ٻيو ته منهنجي به سالگرهه آهي.“ تڏهن وڏي ساڻس گڏ صنعان خان کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ رکيل سنڌ جي نقشن واري ٽوپي کڻي اچڻ جو چيو ۽ ڪيڪ به گهرايائين. وڏي ٽوپي مون کي پارائي ۽ ڪيڪ ڪٽرائي سالگرهه ملهائيسين.
منهنجي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”گيت منهنجا ميت“ سنڌيا پبليڪيشن محرابپور پاران ڇپيو ۽ اهو به 24 فيبروري 2012ع تي پڌرو ٿيو. پنهنجي شاعريءَ جي ٻئي ڪتاب (جيڪو گيتن جو مجموعو آهي) تي ڪن پيارن دوستن جي راءِ آئي ته ”مان گيت سٺا ٿو لکان، ان ڪري مون کي گيتن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.“ جنهن سان مان به سهمت آهيان. تنهن ڪري مان پنهنجي مواد مان سٺن گيتن ۽ ڏيڍوڻن جي چونڊ ڪئي،۽ هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو. منهنجي اها ڪوشش هئي ته هيءُ ڪتاب به 24 فيبروريءَ تي اچي- پر ڪجهه مجبورين سبب نه اچي سگهيو.
شبير هاليپوٽو
https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication
Book No . 726
Kitab Jo Nalo : Ahyo Muhinji Jaan
Poet : Shabir Halepoto
First Edition © Roshni 2015
Pages : 231
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔
































Comments
Post a Comment