TALEEMI INQLAB
گرو رجنيش جو تعليمي فلسفو
گرو رجنيش اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ حاصل ٿيندڙ تعليم کي رد ڪندي چوي ٿو ته تعليمي ادارن ۾ حاصل ٿيندر تعليم جو واسطو يا تعلق اصل تعليم سان ناهي. اصل تعليم اها آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ماڻهو ۽ انسان کي انسانيت سيکاري ٿي. گرو رجنيش چوي ٿو ته اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ملندڙ تعليم سُٺي ملازمت ته ڏياري سگهي ٿي، پر سٺو انسان بڻائي نٿي سگهي. انهن تعليمي ادارن مان ملندڙ تعليم مان بيروزگاري جون ڊگريون ته ملي ٿيون سگهن، پر دنيا جي بهتري ممڪن ٿي نٿي سگهي يا انهن ڊگرين ذريعي ڪلارڪ، چوڪيدار، پٽيوالا ۽ هلڪا ڦلڪا آفيسر ته ٿي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي معاشي مونجهارن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا، پر دنيا کي سڌاري ۽ تبديل ڪري نٿا سگهن. گرو جي حضرت عيسيٰ جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته، ”انسان صرف مانيءَ جي سهاري زنده رهي نٿو سگهي!“ ۽ اسان جون موجوده يونيورسٽيون ۽ تعليمي نظام اهڙو آهي جنهن جي ذريعي اسان گهٽ ۾ گهٽ محنت ڪري وڌ کان وڌ مانيون گڏ ڪري سگهون ٿا، جيڪا اسان جو پيٽ ڀري سگهي، ليڪن اوهان کي زنده رهڻ جو ڏانءُ نٿي سيکاري سگهي. گرو رجنيش موجوده دؤر جي تعليم کي نام نهاد تعليم ڪوٺيندي چوي ٿو ته هاڻوڪي دؤر جي تعليم ضرور گذر معاش لاءِ آهي، بهترين انسان بڻجڻ لاءِ ناهي. رائج تعليم مڏا ذهن پيدا ٿي ڪري جن کي خبر ئي ناهي ته محبت ۽ نفرت ۾ ڪهڙو فرق آهي. روشني ۽ اوندهه ۾ ڇا فرق آهي. نيڪي ۽ بدي، سونهن ۽ بدصورتي، سچ ۽ ڪوڙ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اهڙي تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪا انسان جي دماغ جون دريون ۽ دروازا نه کولي سگهي.
گرو رجنيش جي تعليمي فلسفي جو نچوڙ اهو آهي ته سڄي دنيا جي ملڪيت ۽ مال دولت ميڙڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي ذات لاءِ مال دولت حاصل ڪري ۽ اها تعليم ئي آهي- ۽ علم ئي دنيا جي وڏي کان وڏي دولت ۽ ملڪيت آهي. هو مثال ڏيندي چوي ٿو ته دنيا جو عظيم فاتح سڪندر اعظم بڻجڻ کان بهتر آهي ته مهاتما گوتم ٻڌ بڻجي زندگي گذارجي، ڇو ته مهاتما ٻڌ جي زندگي ڀرپور ۽ انسان ذات جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ هئي، جڏهن ته سڪندر اعظم جي زندگي کوکلي ۽ انسانيت جي نانءَ تي هڪ بدنما داغ هئي. شايد ان ڪري ئي مرڻ وقت سڪندر اعظم پنهنجي جرنيلن کي چيو هو ته ”منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجا ٻئي هٿ تابوت کان ٻاهر ڪڍي ڇڏجو ڇو ته دنيا ڏسي سبق حاصل ڪري ته موت کان پوءِ سڪندر اعظم جا ٻئي هٿ خالي هئا.“ مطلب ته سندس سڄي زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد گذري. ڇو ته تعليم جو حقيقي مقصد اهو ئي آهي ته توهان جي وجود اندر علم داخل ڪرڻ نه هجي پر اوهان جي وجود اندر موجود علم کي پڌرو ۽ ظاهر ڪرڻ آهي، انساني وجود اندران ڪجهه ڪڍڻ ۽ نروار ڪرڻ ئي تعليم جو حقيقي ۽ اصل مقصد آهي. مطلب ائين کڻي سمجهو ته تعليم هڪ اهڙو کوهه آهي، جنهن مان پاڻي ڪڍڻ مقصد آهي پر ان ۾ پاڻي ڀرڻ مقصد ناهي. تعليمي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ ايترو ئي بهتر آهي.
منصور قادر جوڻيجو
Book No . 732
Kitab Jo Nalo : TALEEMI INQLAB
by: Guru Rajnesh
Translated by: Mansoor Qadir Jonejo
First Edition © Roshni 2015
Pages : 200
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔








































Comments
Post a Comment