MEHDI SAIN JO KALAM













































حق موجود.......................................... سدا موجود

معزز پڙهندڙن، (خصوصًا طالب فقراءَ) کي ”فقير سائين“
”سرڪار مهدي شاهه جهانيه“ جي عارفانه ۽ صوفيانه ڪلام جي مطالعي ۽ سماعت سان ضرور روحاني راحت ۽ فيض رسندو ۽ (يقيناً) کين ”فقير سائين“ جن جي ”عشق الاهي“ جي مُوج مستي، حُلاجي حال ۽ خيال جي بهاريءَ جو احساس ٿيندو ۽ روح کي راحت ۽ سرور ملندو، ڇو جو سندن الهامي ٻوليءَ جو رنگ ئي نرالو آهي!! جنهن ۾ راز ۽ رمزون، حقيقت ۽ هدايت، عشق و محبت ۽ وحدانيت ۽ معرفت جا گوهر ۽ انمول موتي سمايل آهن! مختصر، پر نهايت ئي جامع ۽ آسان لفظن ۾ معنويت ۽ معرفت سان گڏوگڏ وڏي رهنمائي ۽ هدايت پڻ ان ۾ پوشيده آهي. سندن ڪلامن کي پڙهڻ يا ٻُڌڻ وارن کي ڄڻ ڪوزي ۾ بحر سمايل محسوس ٿيندو، پر اُن مان مُستفيض ٿيڻ ۽ اُن مان معرفت جا موتي سهيڙڻ، سندن عارفانه ڪلام کي پڙهندڙن (يا ٻڌندڙن)، خاص طور تي ذڪر- فڪر (ڌيان- گيان) جو ذوق رکندڙن تي منحصر آهي.
جنهن ڪم کي وڌيڪ سهل ۽ آسان بنائڻ خاطر ”فقير سائين“
جن جي صوفيانه ڪافين (عارفانه ڪلامن) جي ”مجموعه ڪلام“ يا
”رسالي“، بعنوان: ”مهدي سائينءَ جو ڪلام“ ۾ سندن مختصر ”سوانحِ حيات“ کان سواءِ ڪجهه ڏکين لفظن جي لغوي (لفظي) معنيٰ، احاديث مبارڪه ۽ چند قرآني آيات ڪريمه جي ترجمي سان گڏوگڏ سندن ڪلامن جي نهايت ئي مختصر شرح (يا تفسير ۽ سمجهاڻي) پڻ شامل ڪرڻ جي (حال سارو) ڪوشش ڪئي وئي آهي، خصوصاً جتي جتي اُن جي تشريح ضروري سمجهي وئي، ورنه ته سڄي ڳالهه پڌري پئي آهي!
دراصل، موضوع ۽ معنويت جي حوالي سان سندن صوفيانه ڪلام جي تشريح يا مالڪن جي سوانح حيات تي قلم آرائي ڪرڻ، هِن ناچيز (راقم) يعني سندن هڪ ادنيٰ مريد/ طالب جي زور قلم ۽ علمي توڙي عَقلي بساط کان تمام مٿاهين ۽ اونچي ڳالهه هئي؛ جنهن لاءِ عرصه دراز کان هي ناچيز بندو، پنهنجي ”مالڪ سائين“ جي آڏو هَٿ ٻَڌي، عاجزيءَ ۽ نِماڻائيءَ سان عرض ڪندو رهيو آهي ته:
”يا هادي! اي مولا! ”تون“ ئي اهڙي ڪا توفيق ۽ رهنمائي، دل جي روشنائي ۽ زورِ قلم، توڙي اهڙا وسائل عطا ڪر، جو انهن اعليٰ، اُتم ۽ روحاني موضوعات تي قلم آرائي ڪري سگهان!.... ۽ هي رسالو شايع ڪرائي سگهان! مڙئي تو مالڪ کي پارت آهي!!.... شل ڪا ٻاجهه ڪريوم!!“
ته جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ نهايت ئي معزز معروف ۽ ”جهانيه سادات“ (گهراڻي) جي هڪ اهڙي روشن ستاري ۽ برگُزيده درويش، باڪرامت و ڪامل صوفي فقير، حُبدار حُسينؑ ۽ باڪمال صوفي شاعر حضرت مخدوم سيد غلام مهدي شاهه جهانيه (المعروف ”فقير سائين“ ڇيريان والا سائين) جن جي ذات بابرڪات ۽ سندن عارفانه ڪلام بابت آگاهيءَ کي اڃا به وڌيڪ وسعت، شهرت، اظهار ۽ پذيرائي ملي سگهي! خصوصاً اهل دِل حضرات يا مونجهارن ۽ وسوسن جي شڪار، طالب فقراءَ، توڙي ايندڙ نسل پڻ اِن مان ڪجهه فيض ۽ هدايت حاصل ڪري سگهن!
پوءِ ڪن فقط پڙهيو ته ڪن وري پروڙيو ۽ سمجهيو!!؟
ليڪن اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جيستائين، ڪابه ڳالهه پوري طرح سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندي، تيستائين اُن مان لطف و راحت، فيض ۽ فائدو حاصل هرگز ڪونه ٿيندو! ساڳي طرح جيستائين درويشن ۽ صوفي فقيرن جي خيال و فڪر ۽ ”تصوف“ جي رنگ کي سمجهبو نه، تيستائين اُن ۾ دلچسپي ڪيئن پيدا ٿيندي؟؟! اُن مان بافيض سرور ۽ لطف اندوز ڪيئن ٿي سگهبو!؟؟
اِهوئي احساس ۽ مقصد آڏو رکي زيرِ نظر تصنيف ”فقير هادي مهدي مير مڪمل“ ۾ ”فقير سائين“ جن جي صوفيانه ڪلام ۾ ڪتب آندل ڏکين لفظن ۽ آيات، ڪلامِ الاهي سان گڏوگڏ احاديثِ نبوي ۽ صوفي اِصطلاحن ۽ اقوالن جي باطني معنويت تي پڻ ڪجهه روشني وجهڻ جي جسارت ڪئي وئي آهي!
”مهدي“ جهڙو منور، ٻيو ٿيو آ نه ٿيندو،
اهڙو صوفي سرور، ٻيو ٿيو آ نه ٿيندو!
(نور علي ”مظهر“ فقير)
شال رَبّ العزت، اسان سڀني پانڌيئڙن کي سرڪار ”مهدي سائين جهانيه“ جهڙي عاشقِ الله، عارف ۽ ڪامل ولي الله جي مقامات معرفت ۽ سندن صوفيانه/ عارفانه ڪلامن جي راز ۽ رموز کي سمجهڻ، پُرجهڻ ۽ سندن ڏسيل واٽ تي هلڻ ۽ اُن تي ثابت قدم رهڻ جي توفيق ۽ استطاعت عطا فرمائي! (آمين ثم آمين يا رب العالمين)
شال اِها بصيرت ۽ اها ديد عطا فرمائين! (آمين)
باڪمال صوفي فقيرن جو عارفانه يا صوفيانه ڪلام، درحقيقت، قرآن پاڪ ۽ ٻين آسماني/الهامي ڪتابن جي عين مطابق هوندو آهي، بلڪه انهن جي ئي وڌيڪ سمجهاڻي، تشريح و تفسير هوندو آهي.
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيؤ مَن لائين، پريان سندي پار ڏي!
(شاهه سائين)
تنهن ڪري صوفي درويشن جي عارفانه شاعري، فضائل ۽ سندن ملفوظات جي مطالعي سان اسان کي ”راهِ حق“ جي رهبري حاصل ٿئي ٿي، جنهن مان ”عشق حقيقي“ لاءِ بيشمار هدايتون ”علم لُدني“ ۽ ”تصوف“
جي انيڪ گهرائي (Depth) جي پروڙ پونديسين.
”روحانيت“ ۽ ”وحدانيت“ جي قائل لاتعصب پانڌيئڙن لاءِ (خصوصًا
”طالب فقراءَ“ لاءِ) ضروري آهي ته هو پنهنجن مختلف مذهبي ۽ سماجي عقيدن جي جڪڙيل زنجيرن مان ٿورو آزاد ٿي، وائکي سوچ سان (Broadmindedly) انهن جو بغور مطالعو ڪن ۽ ان تي غور و فڪر ڪن ته جيئن انهن مان هدايت، روحاني فيض ۽ باطن جي بهاري ماڻي سگهجي؛ جا هڪ نهايت ئي افضل و اعليٰ حصولِ زندگي ۽ وڏي خوشنصيبي ٿيندي! خصوصًا هلندڙ دؤر ۾!
فقير سائين مهدي پاڪ جهانيه جي هڪ پياري ۽ برگذيده طالب فقير نور علي لاکو المعروف مظهر فقير جو پنهنجي مُرشد هاديءَ مهدي سائين جهانيه جي ثنا ۾ چيل هيءَ (هيٺيون ) ڪلام فقراء ۽ منهنجو پڻ هڪ پسنديده ڪلام آهي:
رهنما و رهبر، نگهدار تون آن!
وسيلو وِلهين جو وفادار تون آن!
(نور علي ”مظهر“ فقير)
هِن، ”پيش لفظ“ جي پڄاڻي تي هڪ نماڻو عرض ڪبو ته، هن ناچيز بنده، (يعني راقم)، فقير سائين ”هادي مهدي مير مڪمل“ جي ئي احسان ۽ عطا ڪيل توفيق سان ۽ پنهنجي محدود ذهني استطاعت ۽ ڄاڻ جي پيش نظر انتهائي عقيدت، محنت ۽ ڪوشش سان هي موجوده تصنيف، بعنوان: ”هادي مهدي مير مڪمل“ قلم- بند ڪرڻ جي جسارت ڪئي آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن بي عِلميءَ جي ڪري يا نادانسته طور جيڪڏهن ڪجهه ڪوتاهيون يا غلطيون سرزد ٿيون هجن ته راقم (ليکڪ) پڙهندڙن کان عجز، نياز ۽ خلوص نيت سان معافيءَ جو طلبگار آهي. ساڳئي وقت تصحيح ۽ درستي ڪري رهنمائي ڪرڻ وارن جو پڻ تهِه دِل سان احسانمند رهبو. (قرب!)
پر، موضوع ۽ معنويت جي گهرائي جي حوالي سان ايترو ضرور عرض ڪبو ته هيءَ تشريح ته فقط هڪ ابتدا يا شروعات سمجهي وڃي ۽ هتي پيش ڪيل صوفيانه ڪلامن جي مختصر تشريح (يا سمجهاڻين) کي حتمي ۽ مڪمل هرگز نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اِن تي اڃا وڌيڪ غور و فڪر ڪرڻ ۽ اڃا به زياده لکڻ جي گنجائش باقي آهي. اها تشنگي، ممڪن آهي، مون جيان ڪيترن ئي پڙهندڙن کي پڻ محسوس ٿئي!
وہ تو اُتنا ہی باطن ہے،
جتنی جس کو خبر ہے!
هي فقيرَ جو جهان ”لامڪان“ ۽ ”لاحد“ وارو مُلڪ آهي ۽ منهنجي، مُرشدِ ڪامل، ”فقير سائين مهدي شاهه جهانيه“ جي الهامي ٻوليءَ کي مڪمل طور سمجهڻ جي دعويٰ ڪانهي! ڀلا، ”مير مڪمل- جهڙي هستيءَ کي“ ۽ ”عقلِ ڪُل“ اولياءَ الله کي مڪمل طور سمجهڻ جي هام هڪ ”نامڪمل“ ۽ جُزوي عقل رکندڙ هي ناچيز ۽ ناقص بندو ڪيئن ٿو هڻي سگهي؟!
(توبهه زاري................... عمر ساري!)
--------
”نال دليلان نه لڀسئي دلبر، عقل نه ٿيسئي اوڏنهين رهبر،
مام سڃاڻي ڪو صوفي بي سِر، شاهي طَبل وڄاوڻ دي!
ٿلهه: سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي!!“
(بيدل سائين)
--------
علم عقل نون عشق نه مَندا، جان جان هستي حال نه ڀندا،
ڇوڙ تڪيا اِنهيءَ خاڪي تن دا، نيت نه رک وَل آوڻ دي!!
ٿلهه سِک رمز جيتي ئي مرجاوڻ دي، نهين حاجت هُنر هلاوڻ دي!
(فقير ٻڍل سائين)
”هادي مهدي مير مڪمل“ کي مڪمل طور ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ جن به ساٿين هِن ناچيز جي مدد ڪئي، خصوصً، محترم مشتاق ”مسرور“ باريچو، رفيق ڪولاچي (ڪمپوزر)، پروفيسر مُنير احمد کوکر صاحب، سائين سيد مختيار حسين شاهه صاحب، (شاهه جي مشين راڻي پور واسي) ۽ ”روشني“ پبليڪيشن جي محترم علي نواز گهانگهري صاحب جن جو، آئون دل جي گهرائين سان مشڪور ۽ احسانمند آهيان.
پڙهندڙن کي مون ناچيز جي اها نِماڻي اِلتجا آهي ته براءِ ڪرم زيرِ نظر هن تصنيف ۽ تشريح کي نامڪمل ۽ مختصر سمجهندا ۽ مون مسڪين، حقير ۽ ناچيز کي پنهنجي دُعائن ۾ هميشھ ياد رکندا.

وڏا قُرب
نيازمند: طالبِ مهدي،
سيف علي- راجن
(المعروف: پير مظفرالحق)

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication
Book No . 767
Kitab Jo Nalo : MEHDI SAIN JO KALAM
Compiled by: Saif Ali Rajan
First Edition © Roshni 2016
Pages : 400
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00
Contact: 022-2780908
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH