RANGEEN TANHAI ( Poetry )
رنگين تنهائيءَ تي لٿل محبت جي شاعرانه بشارت
منصور جو اصل نالو ميهر/ميهار آهي، ۽ اهو نالو ”سهڻيءَ“ جي محبوب جو آهي-مونکي پوريءَ ريت معلوم نه آهي، ته منصور جي سهڻي ”سيتا“ آهي، ”شاعري“ آهي، ”بانو“ آهي، هن جو محبوب دوست” شهزاد سيتائي“ آهي، يا ڪو ٻيو، پر اها خبر ضرور اٿم ته هن پنهنجو اهڙو دلڪش نالو پنهنجي دور جي گهائيندڙ حالتن ۽ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ عملي طور شموليت سبب تبديل ڪيو- ايئن ئي سولنگيءَ مان سيتائي پنهنجي شهر ”سيتا“ جي تاريخي نالي کي تبديل ڪري، ان کي رحماني نگر بڻائڻ واري دقيانوسي نفسيات کي رد ڏيڻ لاءِ ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪئين تاريخي شهرن، علائقن ۽ جاين جا نالا تبديل ڪري، انهن جي تشخص کي تباهه ڪيو ويو ۽ اهو سڀ هڪ مخصوص نفسيات تحت ڪيو ويو، جنهن موجب ماڻهن کان پوءِ شهرن ۽ جاين کي به مسلمان بڻائڻ جي مهم هلائي وئي. سيتا جي شاعرن پنهنجي نالي سان پنهنجي آبائي شهر جي نالي کي ڳنڍي، وطن سان محبت جو رشڪ جوڳو مثال قائم ڪيو آهي. هنن پنهنجي شهر جي اصل نالي ۽ تشخص کي بچائڻ لاءِ پنهنجون ذاتيون ايئن لاهي ڦٽي ڪيون آهن، جيئن دودي سومري جي موت واري سانحي تي ٿر جي ريٻارين پنهنجا رنگين لباس اڇلي ڦٽي ڪيا هئا ۽ هميشه لاءِ ڪارا وڳا اوڍي، پنهنجي احتجاج ۽ غم کي صدين تائين ڦهلائي ڇڏيو هو. سيتائي شاعرن ”سيتا“ سان محبت کي هڪ روايت بڻائي ڇڏيو آهي.
سيتا دادو ضلعي جو هڪ ننڍڙو شهر آهي. شيخ اياز شڪارپور کي هڪ ”ڪيفيت“ سڏيو آهي، سيتا به هڪ ڪيفيت ئي آهي. شهر جي وچ مان تلوار جي ڌار جهڙي گذرندڙ ريل جي ٻن پٽڙين جي آس پاس ڦهليل گندگيءَ جي ڍيرن، ذات ۽ قبيلي جي بنياد تي هڪ ٻئي جا ڳوٺ ۽ گهر جلائيندڙ وحشتن، رات جي اونداهين ۾ چورن وانگر رستن تي ڪاهي ايندڙ ڊپ جا سپ ۽ ويرانيون، رکي رکي وڌندڙ بدامني، سياسي لاوارثي، انتظامي بدانتظامي، شهر جي چوطرف موجود فصلن جي روح پرور ساوڪ، پاڻيءَ جي ننڍن ننڍن ڍورن ۽ ڍنڍن جي اندر ۾ ترندڙ مڇي ۽ سطح تي جهومندڙ ڪنول جي گلن جي حسناڪ ماحول، بهه، پٻڻ ۽ ٻُوريءَ جي پيلي ڪائنات سيتا کي هڪ متضاد استعارو بڻائي ڇڏيو آهي. فطرت جي عطا ۽ ماحول جي اذيت گڏجي، منصور سميت سيتا جي اڪثريتي شاعرن جي ذهن سازي ۽ تخليقي تربيت ڪري رهي آهي. مري مري جيئندڙ ماحول ۾، هي شاعر، زندگيءَ کي زنده رهڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ، ڪنهن ڪرشمي ساز وانگر پنهنجيءَ ڌن ۾ مگن آهن. هتان جا ڪيترا ئي شاعر، منصور جي استاد پيرل پرديسي سيتائيءَ تائين ٻيڙي ٻاڌا رهيا آهن- پن جون اهي ٻيڙيون جيڪي ڪڏهن ڪي مقامي شاعر به ٺاهيندا هئا، تن ۾ ڀريل هندستاني تماڪ پيئندڙن جا ايئن ئي ڦڦڙ ساڙيندو آهي، جيئن انهن شاعرن جون سٽون عشق جي آڳ ۾ سڙندڙ دلين ڌڳائڻ جو ڪم ڪنديون آهن. منصور جي شاعري ان ئي قبيلي جي شاعرن وچ ۾ پلجي جوان ٿي آهي. هن جي شاعري، دلين جي لڇ پڇ ۽ بي چينيءَ کي اڀاري به ٿي ۽ ماري به ٿي. هيءَ شاعري اهي آڱريون آهن، جيڪي ڪو هٺيلو محبوب پنهنجي عاشق تي رحم کائي ان جي وارن ۾ ڦيرائيندو آهي. هن شاعريءَ ۾ ڀڳل ٽٽل حسرتن ۽ رانديڪن جهڙن خوابن جي هڪ سادي سودي پر ڪَلرفل ڪائنات آهي. منصور جي شاعري، هن جي پنهنجي عاشق مزاج ۽ پرجوش پيار وانگر اڻ جهل ۽ بي ساخته اڇل نما آهي. جوش ۽ جذبي جي شدت غلطين جو سبب بڻبا آهن، اهڙيون غلطيون هن کان به ٿين ٿيون ۽ ڪٿي ڪٿي سادگي سطحيت کي ڇهڻ لڳي ٿي، پر محبوب جي ٻانهن ۾ ”عشق جا 40 اصول“ ڪٿي ٿا ياد رهن، ۽ نيٺ به ڪٿي نه ڪٿي سليقي جو پلئه هٿن مان ڇڏائجي ئي وڃي ٿو- ان ڪري توڙي جو محبت ۽ فن ٻئي سليقي کان سواءِ ممڪن نه آهن، پر ٻنهي ۾ ماڻهو ايترو محو هوندو آهي، جو ان کان وسري ويندو آهي ته ڪٿي ڪٿي، ڇا ڇا ڪرڻو هو!
شاعريءَ جو هڪ مک مقصد حسن جي تخليق به آهي. حسن هڪ موضوع ئي نه آهي، فلسفي ۽ آرٽ جي دنيا جو مڪمل مڪتب به آهي. حسن جي ڪا اڪيلي، واحد ۽ مخصوص تشريح ۽ ٺوس شڪل ٿي نٿي سگهي. اهو ڏسڻ، محسوس ڪرڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ جا ڪيئي ذائقا ۽ سواد رکي ٿو. هر دور جو شاعر حسن جي تشريح لاءِ نوان بنياد ۽ معيار قائم ڪندو آهي، ۽ نين نين ڳالهين، عڪسن، لفظن ۽ معنائن جي ميلاپ سان تصورن کي رنگينيون بخشيندو آهي. جماليات جي اها ديو مالائي دنيا فئنٽسي وانگر سچ کان مٿانهين ۽ حقيقتن کان حسين ٿيندي آهي. منصور به جابجا نرالي نوع جا دل لڀائيندڙ ۽ ڌيان جي ڍنڍ تي ترندڙ دلڪش ڪنولن جهڙا تخليقي تصور ۽ جمالياتي منظر پيش ڪري، اعليٰ شاعراڻين روايتن جو ڀرم رکيو آهي.
جنهن به رستي سان وڃي ٿي سانوري،
ڦول ٿا ڦٽندا وڃن ان جي پٺيان!
...
منهنجو وجود ئي ويو رنگجي، اي پيارَ ڏس!
جڏهين کان تنهنجي نانءَ جي مَيندي مَکي اٿم.
سوين فضول شعر لکڻ کان ڪو هڪ دلڪش شعر لکڻ وڌيڪ قابلِ عزت ڳالهه آهي. منصور جو پويون شعر ئي هن کي شاعر طور قبوليت ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. پيار جي جذبي جي اها رنگا رنگي ۽ هوليءَ نما حالت هن جي شاعريءَ جي تنتن ۾ محوِ سفر آهي. محبت جي خرابي اها آهي ته جي ماڻهوءَ جي مٿي تي چڙهي ويهي، ته زماني جا هزار لوڏا ۽ زلزلا به هن کي لاهي نٿا سگهن. نشو ته لهي ويندو آهي، جادو به ختم ٿي ويندو آهي، پر محبت پهاڙي نديءَ ۾ چاڙهه وانگر چڙهندي ئي ويندي آهي. منصور مونکي شاگرديءَ جي زماني ۾ فراق گورکپوريءَ جي رباعين جو ڪتاب ”روپ“ پڙهايو هو. جمالياتي شاعريءَ ۾ ”روپ“ جي حيثيت ڪرشن جي گوپين ۾ راڌا جهڙي آهي، يا موتين جي هارَ ۾ گلاب جهڙي آهي. ان جي هڪ سٽ مونکان ڪڏهن به ناهي وسري:
قد هي ڪه چڙهتي ندي ڪا بهائو...
ايئن ئي وقت سان گڏ منصور جي شاعريءَ ۾ محبت چڙهندي ئي رهي ٿي. اها هڪ گئونچ مان ٻوٽي ۽ گل مان گلزار ٿيڻ جي حالت کي پهچي وئي آهي. هاڻ اها ڦڙو ڦڙو ٿي ايتري وڌي وئي آهي، جو هن جي دل جي ننڍڙي تلاءَ ۾ سمائجڻ جي نه آهي. ان ڪري اها ڪڏهن اٿل کائي هن جي اکين جي ڪنارن کي پسائڻ لڳي آهي ته ڪڏهن ٻاڦ ٿي، آهَه جي صورت ۾ فضا کي بادلن سان ڀري رهي آهي.
دل جي تختيءَ تي روح سان رچيل،
تنهنجي اکڙين جون آيتون آهن.
...
روشنيءَ ۾، رنگن ۾، جهرڻن ۾،
تنهنجو جلوو ٿو جابجا ڏسجي!
...
خوشبوئن سان واسجي ويو آ وجود،
تنهنجي ڀاڪر سان بسنتي در کليا.
...
آءُ نيڻن سان مان ٻَڌانءِ پٽيون،
تنهنجي پيرن سان پيار آ مونکي.
منصور جي شاعري ٻهراڙيءَ ۾ ڄائي آهي ۽ ان شهر ۾ اک کولي آهي. اهو الميو اسان جي هر شاعر سان ٿيو آهي. منهنجو هڪ شعر آهي:
ابتڙ جو ميلاپ سکئين اسحاق ڪٿان،
دل ڳوٺاڻي ۽ اک شهري- ڪير ڏسي!
ايئن اسان جي جڙن ۾ ڳوٺ ۽ شاخن تي شهر ڦٽل آهي. ڳوٺ مسلسل ڇڪي رهيو آهي ۽ شهر زنجير بڻجي پيو آهي. هڪ نرالي ڪشمڪش، هڪ نفسياتي الجهاءُ ۽ اندر جي ڀڃ ڊاهه جو کائيندڙ تجربو نئين سنڌي شاعريءَ جو انفرادي موضوع آهي، جنهن جا مختلف عڪس منصور جي شعرن ۾ به پاڻيءَ مان نڪتل مڇين وانگر ڦٿڪندا، اڇلون ڏيندا ۽ لهندا اڀرندا نظر اچن ٿا.
نه پايل، نه چوڙيون، نه گجرا ڏئي ويو،
ڪراچيءَ مان منهنجو ڇو ساجن نه موٽيو!
ايندس عيد تي، ڪوڙا واعدا ڏئي ويو،
نه پايل، نه چوڙيون، نه گجرا ڏئي ويو،
رڳو سور ڏئي ويو، ۽ سپنا ڏئي ويو،
وٺي مون لئه ڪنگڻ ۽ درپن نه موٽيو،
نه پايل، نه چوڙيون، نه گجرا ڏئي ويو،
ڪراچيءَ مان منهنجو ڇو ساجن نه موٽيو!
هيءُ هڪ پرسوز، دل گداز ۽ گهائيندڙ احساس آهي. شهرن ۾ هلندڙ نسلي ويڙهه ڳوٺن ۾ ويٺل محبوبائن جي نگاهن سان ڏسڻ بلڪل جدا روش آهي. اها ويڙهه جن به مقصدن تحت ويڙهجائي وئي، پر ٻهراڙيءَ ۾ انتظار ۾ ويٺل معصوم پکين جهڙيون اکيون ڪهڙيءَ ريت ندين ۾ بدلجنديون رهيون، ۽ احساسن جا جهنگ ڪهڙيءَ ريت شعلا شعلا ٿي جلندا رهيا، منصور جا شعر ان اذيتناڪ ڊرامي جي پرومو وانگر ئي آهن. هڪ مختصر ترائيل ۾ هن هڪ مڪمل ڊرامي کي سمايو آهي. شاعر لاءِ لازمي نه آهي ته هو ڪا ڊگهي ڪهاڻي بيان ڪري يا هزارين شعرن تي مشتمل مثنويون لکي، تڏهن ئي سمجهجي ته هن ادب جا اڪ ڪارا ڪيا آهن. شاعر جا چند شعر به هن کي شاعر طور تسليم ڪرائي سگهندا آهن. شاعر جو ته ڪم ئي ڳالهين، خيالن، احساسن ۽ طويل بيانن جي ڇانگ ڪرڻ آهي. هن جو امتحان ئي اهو آهي ته هو شين کي وڌ ۾ وڌ مختصر ڪيئن ٿو ڪري سگهي. طوالت نثر ۽ اختصار نظم جو بنيادي گڻ آهي. ان ڪري شعر ٿوري ۾ گهڻو چوڻ تي ڪمال حاصل ڪرڻ جو هنر ۽ ڪاريگري آهي.شاعر کي جوهر پيش ڪرڻو آهي. حسن درس جي لفظن ۾ ”عشق جي ڪرنفل مان قطرا ٿي ٽمندڙ آدميءَ جي عرق“ کي سامهون آڻڻو آهي. منصور به ڪيترن ئي شعرن ۾ ان ڪمال کي باڪمال طريقي سان ڪتب آندو آهي. ڇو ته بهرحال هو هڪ شاعر ئي آهي.
مور من ۾ نچيا مُصور جي،
بُرش جُهوميا، حسين رنگ نچن.
..
جنهن تي ڏيئا ٻرن ، نه گُل مهڪن،
آئون اُجڙيل اُنهيءَ مزار جيان.
...
ڇو اوچيون ايڏيون ديوارون ٿو جوڙين،
بند اڱڻ، آزاد هوائون چاهن ٿا.
شاعري ءَ جون هزار تشريحون آهن، پر ان جي آسان سمجهاڻي اها آهي، ته اها دل جي دل سان گفتگو آهي. “ماڻهو ڄمي ٿو، جيئي ٿو، ۽ مري ٿو وڃي”- انهن اٺن لفظن جي مختصر جملي ۾ جيڪا سادگي آهي، زندگي ان کان لکين ڀيرا وڌيڪ گهَري، پيچيده، رنگارنگ ۽ ڦهليل آهي. ان جا مختلف فليور ۽ ذائقا چکڻا آهن، ته دنيا کي احساسن سان دريافت ڪندڙ شاعرن جي جادوئي ۽ ڪرشمه ساز ڪاڪ محل کي اندر جي اک سان جاچڻو پوندو- جي ايئن ڪبو ته شاعري تخيل آميز، افسانوي، دلپذير ۽ جيءُ ڀڄائيندڙ دل جو سفرنامو نظر ايندي. ان ۾ جڳنوئن جي جاڳ آهي، بارشن جي اداسي آهي، خوابن جي پراسراريت آهي، ۽ هڪ اڻ لکي ڳولا جي ديوانگي آهي، جنهن جا واءَ تي پيرا آهن- هيءَ خاموشين جي خودڪلامي آهي، جنهن کي آواز جي معنيٰ تي فوقيت حاصل آهي، ۽ منصور ان ئي پر اسرار دنيا ۾ پنهنجي رنگين تنهائيءَ سان گڏ گيان ۾ ويٺو آهي، جنهن تنهائيءَ تي محبت ڪنهن بشارت وانگر لٿي آهي.

اسحاق سميجو
Book No . 761
Kitab Jo Nalo : RANGEEN TANHAI
Poet : Mansoor Seetai
First Edition © Roshni 2016
Pages : 176
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments
Post a Comment