BARISH SOCHAY THEE






























هيءَ ڊائري ننڍڙي دريءَ آهي
هر شاعر ۽ اديب جي زندگيءَ جي ادبي سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي، جو مهينن تائين (ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين) به ڪو ڪهاڻيڪار ڪا ڪهاڻي لکي ناهي سگهندو، ڪو شاعر ڪو نظم تخليق ڪري ناهي سگهندو. اِها هڪڙي پاڻمرادي ساهي هوندي آهي، ڏسجي ته اها ساهي اِن حوالي سان سُٺي به آهي ته ليکڪ اُن جي ڪري يڪسانيت جي باز کان بچي به پوي ٿو، مون تي هروڀرو ڪڏهن به ڊگهي ماٺار طاري ناهي رهي، پر جڏهن مون تي ڪا عارضي اهڙي ڪيفيت آئي به آهي ته مون اُن کي به اِن حوالي سان اِنجواءِ ڪيو آهي ته نظم تخليق نه ٿيڻ واري عرصي ۾ مون ٽڙيل پکڙيل احساس ميڙي جيئن جو تيئن ڊائريءَ تي لاٿا آهن! هي ڊائريءَ انهن احساسن جو ٻيلو آهي! اِها لڳ ڀڳ ٻارنهن سالن ۾ لکي وئي آهي! ڪڏهن بارشن ۾، ڪڏهن آرهڙ جي اُس ۾، ڪڏهن صبحن ۾، ڪڏهن بيوفا شامن ۾، پَن ڇِڻ رُتن ۾، ڪڏهن بهارن ۾، بوريت جي گهڙين ۾، ته ڪڏهن سرهائين جي پلن ۾ هي ڊائري قلم سان پَرڻي آهي.
هِنن لفظن، هنن ورقن ۽ هنن احساسن جي ڇا اهميت آهي!؟ ڪهڙي ادبي حيثيت آهي؟ يا ناهي!؟ اُن تي مون ڪڏهن به ناهي ويچاريو، ڇو جو هِي سڀ ته رڳو اهڙين خاموشين ۾ لکجي ويو آهي، جيڪي پُرسرار خاموشيون گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪڏهن به بي معنيٰ نه لڳيون آهن!
جڏهن به سوچ سنڌ جيان سڙي آهي، مون لکيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳو آهي، ته ڄڻ هِي مون نه لکيو آهي، پر خاموشيءَ خود ڪجهه لکي وئي آهي! يا بارش هنن صفحن تي روئي وئي آهي! ”بارش سوچي ٿي!“ منهنجو چوٿون ڪتاب يعني چوٿون عشق آهي!
هِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجهه آهي يا ناهي! اُن جي ڪا خبر ڪانهي! بس اِهو ضرور آهي ته هنن ورقن ۾ اُهي راتيون روپوش ٿي اچي لِڪيون آهن جن راتين ۾ شهر۽ ڳوٺُ ته سُمهندا آهن، پر عاشقيون جاڳنديون آهن! هِن ڪتاب ۾ اُنهن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪُ ڊوڙي اچي سُتو آهي، جيڪو ٻاهر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گهاٽن جي چتائن جيان ٻَريو آهي! هِن اُداس ڊائريءَ ۾ اُنهن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آهن. جن جا پکي اُڏامندي مارجي چُڪا آهن! هِن ڊائريءَ۾ گلاب تمام ٿورا آهن، پر اهڙا ڳوڙها بنهه گهڻا آهن، جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آهن! هي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻهي لکجي وئي آهي! اُن ڪري اُن جا سمورا گس به رَت ۾ رڱيل آهن! هِي ڊائريءَ اونداهين ۾ به سِٽُ سِٽُ ٿي لکجي وئي آهي اُن ڪري به هِن ڊائري- ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آهي!
دوستو! جنهن معاشري ۾ محبتون به مسئلا بڻيل هجن، اتي ته فقط ماتم کي ئي بيان ڪري سگهجي ٿو! جنهن کي ”بارش سوچي ٿي!“ جو عُنوان ملڻ به يقينن ڪو نئون معجزو ناهي!
هِيءَ ڊائريءَ، هي ڪتاب صليبن جي قطارن جي ڪهاڻين سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي! هي نثريءَ ٽُڪرا مظلومن جي جسمن جي ڳترن سواءِ ٻي ڪابه وڏي ڳالهه ناهن! هِيءُ ڊائري ته فقط اُها ننڍڙيءَ دريءَ آهي جنهن مان سڙيل خوابن، پُسيل مُحبتن، ۽ لُٽيل صُبحن جا جنازا نظر اچن ٿا!
سچ اِهو آهي ته هِي ڪتاب ڪوبه ادبي شهڪار ناهي! بس پنهنجي محبوب ماءُ سِنڌُ ۽ اُن جي عظيم سنڌيءَ ٻوليءَ سان وابستگي ۽ عشق جي اظهار ۾ لکيل هڪ ننڍڙو قلمي پورهيو آهي، جيڪڏهن اِهو پورهيو پنهنجي دلرُبا سنڌ واسين جي دلين کي قبول پيو ته اهو اعزاز پاڻ لاءِ پنهنجي جذبن لاءِ ڪافي سمجهندس.
آئون سمجهان ٿو ته: ڪُتن جا نَنهن لاهڻ کان وڌيڪ بهتر اهو آهي ته ماڻهو ڊائريون لکي!
ڪميڻپ کي دل جي آرسيءَ تي سُمهارڻ کان وڌيڪ ڀلوا ِهو آهي ته ماڻهو لفظن جي تقدس کي زندگيءَ جو منشور بڻائي ڇڏي ۽ هيءَ ڊائريءَ به ڪجهه اهڙي ئي ڪوشش جو حصو آهي.
ايوب کوسو
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 749
Kitab Jo Nalo : BARISH SOCHAY THEE

by: Ayoob Khoso
Third Edition © Roshni 2016
Pages : 152
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)