RAHOON PANDH PAYOON (Ghazal)
دل کي آهن دليل پنهنجاشاعري موسمن جو گلدستو آ ۽ شاعر ان جو هنڌان هنڌان سيرون ڏئي ويل گُلدان...! عجب حالت ٿي هجي، گُلدان جي- سارو جيون گُلن جي محافظي ڪندي ڪندي ۽ پنهنجو پاڻ وڃائيندي گذاري ٿو ڇڏي. هونئن ته موسم جو ڦيرو ڏاڍو ننڍڙو آ، سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو....! ڪيئن نه چئن لفظن جي بي تڪلف دائري ۾ سمائجي ٿي وڃي موسمن جي موجودگي....! ڪيتري نه محدود ٿي ٿئي موسمن جي موڙي، صرف چئن لفظن جي برشن جو ئي ته ڪينواس آ، موسمن جي موجودگي! پر اِهو ڪير ٿو چوي؟ ۽ اِهو ڪنهن جي لاءِ آهي؟ سڀ سوال سڀن لاءِ ناهن هوندا... سوالن جي سخا اِها ئي ته آهي ته، احساسن جي تهداريءَ ڏانهن آڱر کڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته ائين آسانيءَ سان ڪير مڃيندو ته اِنهن چئن موسمن جو ڪينواس ڪو ايترو ئي ننڍڙو آهي. پاري ۽ چِٽَ جي تِکَ ڪيڏي نه ڊگهي آهي، جو ماڻهو موڳا ٿي، سَوِڙين، بند ڪمرن، هيٽرن، باهه جي مچن، وڻن جي پاڇن، پنکي جي هوا ۽ اي سيءَ جي ٿڌن ڪمرن ڏانهن ڊوڙون پائن ٿا.... ها پر مسئلو اِهو آهي ته پاري ۽ چِٽَ جو ٽوڙ ته آهي ئي! ڪٿي نه ڪٿي ته بچاءُ ٿئي ٿو، ليڪن من جي موسمن جي لامحدوديت جو ڪهڙو ٽوڙ آهي؟ ڪهڙو بچاءُ آهي...؟
دهلي هيڏي ســـاري بستي
شيام تڏهن ڀــــي دل ويڳاڻي!
مَنُ بدن جو دريانُ سدائين عقل جي هٿن مان ڪنهن نئين نويل ڪبوتر جيان ڀڙڪو کائي ڇڏائي ئي ته ويو آهي...!
دل کي آهن دليل پنهنجا ئي
عقل کي جن جي ڄاڻ ئي ناهي!
شيام خود موت ٻڌي، مست ٿي جهومي ۽ نچِي
زندگيءَ جا سا مڌر راڳڻي ڳائين ته مڃانءِ!
موسمون الائي ڪيتريون آهن، جي شاعر جي مَنَ آڳنڌ تي هڪ ئي ويل لهن ۽ اُڏن ٿيون... هُو نه جِي ٿو سگهي ۽ نه مري ٿو سگهي:
الائي ڪهڙي گهڙِيَ ان مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!
اِن ڏُکَ جو سُکُ آهي ڪوئي!؟ ڪوئي به ناهي، جنهن شخص،
شيام، پنن جي ٻيڙي ٺاهي گيتن سان ڀري، تنهن کي ڇا ڏئي سگهياسين؟!
هڪ نئين بنهه نڪور ڪرڀ ڏياريندڙ جلاوطنيءَ جي موسم!!
آخر ۾ عرض ته هيءَ شيام جي سمورن غزلن کي سوڌي، سهيڙي جيڪو غزل ڪليات ”راهون پنڌ پيون“ مون تيار ڪيو آهي، اُهو اِن ڪري نه ته ڪو شيام غزل جو وڏو شاعر آهي، يا سندس هر طرف هاڪ آهي. جيئن عام طور تي هجي ٿو، بلڪ مون اِن ڪري تيار ڪيو آهي، جو هو ’شاعر‘....! ۽ شاعر هجڻ جي ناتي مون اِهو پاڻ تي قرض ٿي ڄاتو ته مان شيام جي شاعري سهيڙيان ۽ اُها مون سهيڙي ورتي، جنهن جو هي پهريون ڪتاب غزلن تي مشتمل آهي، جنهن جي آخر ۾ محققن جي سهولت لاءِ ڏسڻي به تيار ڪري ڏني اٿم ته جيئن تحقيق ڪندڙن لاءِ شيام تي ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي، ته ڪهڙو غزل ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن جي ڪهڙن ڪهڙن صفحن تي آيل آهي. ڏسڻيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپجڻ جا سال به شامل ڪيا ويا آهن: جڏهن ته شيام جي شاعريءَ جو ٻيو تيار ٿيل مجموعو سندس باقي سموري شاعريءَ تي مشتمل آهي، جيڪو پڻ ”نکريو آهي نينهن“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
هن سڄي ڪم لاءِ مان اداري روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن جي مدد سان هي ڪم پنهنجي منزل تي پڳو ۽ ان کان علاوه مان پنهنجي پياري عبدالرسول عباسيءَ جو پڻ بي حد ٿورائتو آهيان.مصطفيٰ نانگراج
Book No .125Kitab Jo Nalo : RAHOON PANDH PAYOON (Ghazal)
Poetry: Narayan ShyamCompiled By: Mustafa Nangraj
Second Edition © Roshni 2015Pages : 464Size : DemyPublished By : Roshni Publication, Kandiaro,SindhPrice Rs. 550.00
Contact: 022-2780908Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽشاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآبادڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشوروشير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاههڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻونوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻواشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاههسڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽمدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙمرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺيڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاصمهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪيسنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپورتهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازاڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، موروقاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔
دهلي هيڏي ســـاري بستي
شيام تڏهن ڀــــي دل ويڳاڻي!
مَنُ بدن جو دريانُ سدائين عقل جي هٿن مان ڪنهن نئين نويل ڪبوتر جيان ڀڙڪو کائي ڇڏائي ئي ته ويو آهي...!
دل کي آهن دليل پنهنجا ئي
عقل کي جن جي ڄاڻ ئي ناهي!
شيام خود موت ٻڌي، مست ٿي جهومي ۽ نچِي
زندگيءَ جا سا مڌر راڳڻي ڳائين ته مڃانءِ!
موسمون الائي ڪيتريون آهن، جي شاعر جي مَنَ آڳنڌ تي هڪ ئي ويل لهن ۽ اُڏن ٿيون... هُو نه جِي ٿو سگهي ۽ نه مري ٿو سگهي:
الائي ڪهڙي گهڙِيَ ان مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!
اِن ڏُکَ جو سُکُ آهي ڪوئي!؟ ڪوئي به ناهي، جنهن شخص،
شيام، پنن جي ٻيڙي ٺاهي گيتن سان ڀري، تنهن کي ڇا ڏئي سگهياسين؟!
هڪ نئين بنهه نڪور ڪرڀ ڏياريندڙ جلاوطنيءَ جي موسم!!
آخر ۾ عرض ته هيءَ شيام جي سمورن غزلن کي سوڌي، سهيڙي جيڪو غزل ڪليات ”راهون پنڌ پيون“ مون تيار ڪيو آهي، اُهو اِن ڪري نه ته ڪو شيام غزل جو وڏو شاعر آهي، يا سندس هر طرف هاڪ آهي. جيئن عام طور تي هجي ٿو، بلڪ مون اِن ڪري تيار ڪيو آهي، جو هو ’شاعر‘....! ۽ شاعر هجڻ جي ناتي مون اِهو پاڻ تي قرض ٿي ڄاتو ته مان شيام جي شاعري سهيڙيان ۽ اُها مون سهيڙي ورتي، جنهن جو هي پهريون ڪتاب غزلن تي مشتمل آهي، جنهن جي آخر ۾ محققن جي سهولت لاءِ ڏسڻي به تيار ڪري ڏني اٿم ته جيئن تحقيق ڪندڙن لاءِ شيام تي ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي، ته ڪهڙو غزل ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن جي ڪهڙن ڪهڙن صفحن تي آيل آهي. ڏسڻيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپجڻ جا سال به شامل ڪيا ويا آهن: جڏهن ته شيام جي شاعريءَ جو ٻيو تيار ٿيل مجموعو سندس باقي سموري شاعريءَ تي مشتمل آهي، جيڪو پڻ ”نکريو آهي نينهن“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
هن سڄي ڪم لاءِ مان اداري روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن جي مدد سان هي ڪم پنهنجي منزل تي پڳو ۽ ان کان علاوه مان پنهنجي پياري عبدالرسول عباسيءَ جو پڻ بي حد ٿورائتو آهيان.
مصطفيٰ نانگراج
Book No .125
Kitab Jo Nalo : RAHOON PANDH PAYOON (Ghazal)
Poetry: Narayan Shyam
Compiled By: Mustafa Nangraj
Second Edition © Roshni 2015
Pages : 464
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 550.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔








































Comments
Post a Comment