JEEAN SO TARO SUBOOH JO [Anthology]






































































بُلند سر بُلند- آغا سليم
آغا سليم سنڌي افسانوي ادب جُو پُرجلال ۽ پُرجمال چهرو آهي. بلند ڪهاڻيڪار، سربلند ناول نويس، اعليٰ ناٽڪ نگار، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ ساميءَ جو انگريزي مترجم ۽ محقق. علاوه ازين ننڍي کنڊ جي موسيقي جو پارکو، جنهن پنهنجي تخليقي لکڻين ۾ رومينس، تصوف ۽ انقلاب کي آدرش بنايو ۽ رومانوي رنگ سان پنهنجي افسانوي ادب جي اُڻتڪاري ڪئي. هو پهريون اهڙو افسانه نگار آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي افساني، ناول ۽ ڊرامي کي تاريخ، فلسفي، وطن پرستي ۽ ڪلاسيڪل ورثي جي وارثي سان متعارف ڪرايو سينگاريو.. ۽ بطور وطن پرست فڪشن نگار جي، پنهنجي مڙني همعصرن ۾ منفرد حيثيت سان اُڀري سامهون آيو. سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل اثاثي کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ... آغا صاحب جو ٻيو اهم ڪارنامو آهي. ۽ ساڳئي وقت، هُن بابا فريد گنج شڪر جا دوها پڻ، پهريون ڀيرو هندي ۽ پنجابيءَ مان سنڌيءَ ۾ آندا ۽ گڏوگڏ بابا گُرو نانڪ جي ٻاڻين، ڪبير داس جي دوهن، ميرا ٻائيءَ جي ڀڄنن، خان خانان جي ڪلام، ۽ ننڍي کنڊ جي اهڙي ٻئي عظيم تخليقي اثاثي ۽ ورثي کي سنڌي ٻولي ۾ شيئر ڪيو. ۽ صرف ايترو ئي نه، هن جديد ڪلاسڪس ۽ سنڌ جي مائل اسٽون شاعر شيخ اياز کي پڻ هڪ نئين رخ سان دريافت ڪيو ۽ جيئن شاهه صاحب بابت... ڪتاب ”لات جا لطيف جي“ لکيو... ايئن ئي شيخ اياز بابت”صدين جي صدا“ جهڙو ڪتاب لکيائون. هي ٻيئي ڪتاب، آغا صاحب جي قلم جا، ٻه نوان ڪرشما آهن. هتي اهو به آگاهه رهجي، ته برابر... تصوف جي رمز، جنم جنم کان سنڌي شاعري ۾ شامل پئي رهي. پر افسانوي نثر ۾ تصوف جي رمز... سڀ کان اول آغا سليم صاحب ئي رائج ڪئي! منهنجي اندازي موجب اهڙي ابتدا هن پنهجي ناول ’همه اوست‘ سان ڪئي آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد... شاهه لطيف... مخدوم معين الدين ٺارو... ۽ هي سڀ معزز هستيون پهريون ڀيرو، ان ئي ناول ۾ نمودار ٿيون هيون. انهن سان گڏ، پهريون ڀيرو افسانوي ادب ۾ تصوف سان گڏ سنڌ سان لاڳاپيل فڪري موضوع پڻ آغا صاحب ئي متعارف ڪرايا. ظاهر آهي انهن سڀني موضوعن تي لکڻ لاءِ بي پناهه ڄاڻ ۽ مطالعي جي ضرورت هئي. جنهن لاءِ آغا صاحب جو يقينن ته وڏو هوم ورڪ ڪيو ٿو ڏسجي.
منهنجو مشاهدو، آغا صاحب بابت هي به... ته سندن شخصيت ۾ وجاهت کانسواءِ ٻي جيڪا شئي نمايان... اها سندس سڀاءُ جي ارڏائي آهي، ريڊيو ۾ سندن ڪيريئر جي ابتدا پروگرام آرگنائيزر جي حيثيت ۾ ٿي، جتي سندن ارڏائيءَ جا قصا مون پنهنجن سينيئرز کان ٻڌا ۽ بارها ٻڌا... يعني پاڻ ايڏا ته هوڏي، ضدي جو جيڪا ڳالهه نا پسند... ته پنهنجي Bosses سان مد مقابل... ۽ ان ڪري... پنهنجي 32 سالا سروس دوران ٽرانسفرز به سندن جام ٿيا. ڪڏهن حيدرآباد ڪڏهن پنڊي، ڪڏهن ملتان ته ڪڏهن وري اسلام آباد، ڪڏهن اسڪردو، ڪوئيٽا، ۽ گلگت. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي صلح ڪُل سڀاءَ کي ڏسي چوندا رهندا اٿم. ”اڙي من! آفيسرن سان سمجهوتو ڪري هڪ ئي هنڌ نوڪري ڪري... عمر ڳاري ڇڏيئي.“
خير، حيدرآباد اسٽيشن تي پوسٽنگ دوران، 1978ع ڌاري پنهنجي آئوٽ اسپوڪن گفتگو جي ڪري... نارا جيل جي هوا به ته پاڻ کائي آيا هئا پر ڪهڙي ڏوهه ۾!؟ ۽ ان جو بيان پوءِ ڪڏهن...
آغا صاحب برابر ته پنهنجي پوسچر ۾ هٺيلا ۽ ايروگينٽ، پر جن جن يارن لاءِ وٽن دل ۾ Soft ڪارنر... پاڻ! اهڙي هر شخص لاءِ جهڙا شڪارپور واري ٺاڪر داس جا ٿڌا مٺا فالودا... جي ها! بي حد مٺا ۽ رس ڀريا.
۽ سڀ ڄاڻن ٿا... سنڌ ۾ پنهنجن همعصر ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾، آغا صاحب... هاڻي محض ڪهاڻيڪار يا فڪشن رائيٽر ئي نه... محقق، مترجم ۽ موسيقيءَ جي ماهر طور به... همعصرن کان... ٻه وکون اڳتي ئي نظر اچن ٿا. خاص ڪري شاهه سائين، شاهه عنات رضويءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ بابت انگريزيءَ ۾ ڪيل سندن ڪم... ادب دنيا ۾،کين هڪڙي الڳ مقام تي آڻي بيهاريو آهي.
اهڙي ڪم آڌار سندن شمار... اڄ سنڌ جي انهي اڻٿڪ ليکڪ ۾ ٿئي ٿو، جنهن 64 ورهين کان مسلسل لکيو آهي. سندن اهڙي ڀرپور ڪم جي مڪمل ڪَٿَ... پڪ سان ته مستقبل جو ئي ڪو مؤرخ ڪندو، البت منهنجو ذاتي مشاهدو آهي، ته دورِ حاضر ۾ آغا سليم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي انهن معتبر هستين جي قطار ۾ بيٺل آهي، جيڪا قطار... ڀٽائي صاحب کان شروع ٿئي ٿي ۽ جنهن قطار ۾ قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ جمال ابڙي صاحب جهڙيون معتبر هستيون چِٽيون پِٽيون نظر اينديون اٿم.
نصير مرزا
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 757
[Kitab Jo Nalo : JEEAN SO TARO SUBOOH JO [Anthology

Compiled By : Naseer Mirza
First Edition © Roshni 2016
Pages : 640
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 800.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)