Riasat Chha Ahe?



























اسان جي پياري صحافي دوست اظهار سومري ڪجهه وقت اڳي مون کي چيو، ته آءٌ سندس اخبار لاءِ رياست جي موضوع تي ڪو ڪالم لکي ڏيان، ڇاڪاڻ سنڌ ۾ انهيءَ ڏس ۾ ڪافي غلط فهميون ڦهليل آهن ۽ ماڻهن ۾ سنڌ جي پاڪستان ۾ هاڻوڪي حيثيت بابت سوچ ۽ ويچارن ۾ گهڻو تضاد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بهرحال، ان مهل مون ساڻس ها ڪئي، ته آءٌ کيس ڪو ڪالم ضرور لکي ڏيندس، پر جيئن ته فريڊرڪ اينگلس جو ڪتاب ”خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست“، ولاديمير لينن جو ”رياست ۽ انقلاب“ ۽ جينادي بيلوف جو ”رياست ڇا آهي؟“ ڪتاب منهنجا اڳ ۾ پڙهيل هئا، ۽ اِهو به پتو هو، ته مٿيان ٻه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ئي ترجمو ٿيل ۽ ڇپيل آهن، پر پڇاڙڪو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل نه آهي، تنهنڪري ڇو نه انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪريان، ته جيئن پڙهندڙن کي اِهو فڪري ڪتاب نه رڳو پڙهڻ لاءِ ملي، پر سنڌي ادب ۾ ڄاڻايل ڪتاب جو واڌارو پڻ ٿئي.
بهرحال، مون جينادي بيلوف جو ”رياست ڇا آهي؟“ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ جڏهن اُهو ڪتاب ترجمو ٿي ويو، ته مون انهيءَ ڏس ۾ روشني پبليڪيشن وارن سان ذڪر ڇيڙيو، جيڪو ادارو مارڪسزم بابت ڪتابن ڇپائڻ ۾ سدائين اَڳرو رهي ٿو، جن مان جيتوڻيڪ اداري کي شايد ڪو سِڌو ۽ جلدي مالي فائدو ته نٿو ٿئي، پر سندن فڪري لاڙي سبب اهڙو ڪو ڪتاب هڪدم سنڌي اَدب جو حصو بڻجي وڃي ٿو، روايت اداري پاران موجب ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ تي هائوڪار ڪئي وئي، ۽ ايئن مون اِهو ڪتاب اداري حوالي ڪيو.
هيءُ ڪتاب اصل ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپيو هو، جنهن جو انگريزي ترجمو پڻ ٿيو هو، ۽ انهيءَ کي پروگريس پبلشرز ماسڪو ڇپرايو هو. مون گهڻي ڪوشش ڪئي، ته مونکي اُهو انگريزي ڪتاب ڪٿان ملي وڃي، پر ايئن نه ٿي سگهيو، تنهنڪري مجبوريءَ ۾ ڪراچي اسٽڊي سرڪل طرفان ڇپرايل ڪتاب جو ئي ترجمو ڪيو ويو، جنهن جو انگريزيءَ مان ترجمو ڊاڪٽر ظفر عارف ڪيو هو.
هن ڪتاب پڙهڻ سان اسان کي اِهو چڱيءَ طرح پتو پوندو، جيڪڏهن اسان ڪتاب ۾ ڄاڻايل اصولن کي صحيح طريقي سان پاڪستان جي هاڻوڪيءَ رياست تي لاڳو ڪيو، ته پاڪستان جي رياست اصل ۾ ڪيئن وجود ۾ آئي هئي، ۽ انهيءَ ۾ خاص ڪري ننڍن صوبن- سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه جي هاڻي، برطانوي دؤر ۾ يا انهيءَ کان به اڳ ڪهڙي حيثيت هوندي هئي، ۽ پاڪستان جي رياست ۾ اُنهن صوبن کي ڪهڙا مالياتي، معاشي، سياسي ۽ سماجي وغيره فائدا ۽ نقصان ٿيا ۽ ٿين پيا.
هن ڪتاب جي پڙهڻ سان نه رُڳو پڙهندڙ جي فڪري صلاحيت ۾ واڌارو ٿيندو، پر کيس سنڌ جي شهري هئڻ طور، پنهنجي ”موجود حيثيت“ جو به چِٽو پتو پئجي ويندو. گڏوگڏ مونکي اُميد آهي، ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي پسند ايندو، ۽ جيڪڏهن ڪتاب پڙهندي ترجمي ۾ ڪٿي ڪا غلطي نظر اچي ته اها منهنجي طرفان سمجهي وڃي ۽ درگذر کان ڪم ورتو وڃي ته مهرباني.
حُسين بادشاهه
تاريخ: 3 جنوري 2016ع


Book No .756
Kitab Jo Nalo : Riasat Chha Ahe

by: Jenadi Belove
Translated by: Hussain Badshah

First Edition © Roshni 2016
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)