PANJ FIKARI NAZRIYA
بين الاقوامي سياسي نظريا
International Political Thought
(1) قومپرستي Nationalism
قومپرستي اهو سياسي نظريو آهي، جنهن مطابق هر قوم کي حق خوداختياري جي عالمي اصولن تحت پنهنجي سياسي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو قانوني حق ۽ اختيار مليل هجي. بين الاقوامي انصاف ۽ آئين مطابق هر قوم پنهنجي آزاد ۽ جداگانه اقتدار قائم ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.
قوم ڇا کي ٿو چئجي؟ قوم پرستيءَ کان اڳ اهو هڪ اهم سوال آهي جنهن جو جواب قومن جي گڏيل بين الاقوامي اداري اقوام متحده هيئن ڏنو آهي ته، ”قوم هئڻ لاءِ سڀ کان پهرين جاگرافيائي حدن جو هئڻ ضروري آهي (ڇو ته جنهن قوم کي وطن ناهي اها بي پاڙي قوم آهي جنهن جو وجود هوائن ۾ هوندو آهي) ان کان پوءِ کين هڪڙي زبان هجي، هڪڙو ڪلچر هجي، تاريخي پس منظر هجي، قومي ڪردار هجي، ۽ سندن سياسي ۽ اقتصادي مفاد به هڪجهڙا هجن، ماڻهن جي اهڙي گروهه کي قوم چئبوآهي.“ پر هن وقت اقوام متحده طرفان دنيا جي تسليم ڪيل سمورين قومن مان صرف ٻه ملڪ اهڙا آهن جيڪي قوم جي ان نظرئي بجاءِ مذهب جي بنياد تي قوم جي نظرئي ۾ يقين رکن ٿا هڪ اسرائيل ۽ ٻيو پاڪستان.
اڄ ڪلهه ”قوم پرستي“ دنيا جو مقبول ترين نظريو آهي، هر غلام ۽ محڪوم قوم جڏهن به پاڻ کي غلاميءَ جي خطرناڪ پنجوڙن ۾ جڪڙيل محسوس ٿي ڪري تڏهن قومپرستي واري نظرئي ۾ پناهه ڳولي پنهنجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد هلائي ٿي. ۽ هينئر تائين دنيا جون ڪيتريون ئي قومون هن نظريي جي بنياد تي آزاد ٿي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيون آهن. خاص ڪري پهرين عالمي جنگ کان پوءِ شڪست کاڌل شهنشاهيتن جي وسيع ايراضين کي انهن ئي اصولن تحت ٽوڙي نين قومي حڪومتن ۾ تبديل ڪيو ويو، ۽ ”ليگ آف نيشنس“ ۾ انهن ئي بنيادن تي برپا ڪيل قومن کي قومي بنيادن تي نمائندگي ڏني ويئي. جهڙوڪ يوگو سلاويه، زيڪو سلواڪيه، هنگري، البانيا، گريس (يونان)، بلگيريا، رومانيه، پولينڊ، لٽويا، فنلينڊ، آئرلينڊ ۽ ٻين ڪيترين ئي محڪوم قومن جدا جدا قومي حيثيت اختيار ڪئي. ترڪيءَ واري سلطنت خلاف محڪوم قومن پڻ قومپرستي جي بنياد تي بغاوت ڪئي جن ۾ عراق، شام، عرب ۽ مصر وغيره شامل هئا. دنيا جي مختلف قومن ۾ مختلف دؤرن دوران قومپرستيءَ جا مختلف تخيل رهيا آهن.
اڳرائيءَ واري قومپرستي: قومپرستي جي هن قسم ۾، هڪ قوم جي ٻين قومن مٿان احساس برتريءَ وارو لاڙو پيدا ٿئي ٿو. جيڪو اڳتي هلي فسطائيت (فاشزم) جو روپ وٺي ٿو. جيئن ماضيءَ ۾ جرمني ۽ اٽليءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ هن وقت اسرائيل ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ پيدا ٿيل آهي.
مذهبي قومپرستي: هن قسم تحت مذهب جي بنياد تي قوميت جو تصور اڀري ٿو. جنهن مان اڳتي هلي ننڍين ۽ ڪمزور قومن جي مفادن ۽ وجود کي سخت ڇيهو رسي ٿو. ۽ مذهبي قومپرستي مان تعصب، نفرت ۽ ڪٽرپڻو جنم وٺي ٿو. جيڪو اڳتي هلي مظلوم ۽ محڪوم قومن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. مذهبي قومپرستي جي بنياد تي ڀارت، پاڪستان، اسرائيل ۽ انڊونيشيا ۾ ڪافي جماعتون جنم وٺي چڪيون آهن.
رنگ ۽ نسل جي بنياد تي قومپرستي: هن قومپرستيءَ جي بنياد تي گورا، ڪارن مٿان حاڪميت جي حق جي دعويٰ ڪن ٿا. ڪٿي رنگ جي بنياد تي نسل پرستي ڪئي ٿي وڃي ته ڪٿي وري هڪ نسل پاڻ کي ٻين مٿان مٿانهون ٿو تصور ڪري ۽ ان بنيادن تي هڪ قوم ٻي قوم مٿان ظلم تشدد ۽ ڏاڍ روا رکندي پئي اچي. هن قوم پرستي جو عملي مظاهرو سائوٿ آفريڪا، روڊيشيا، پورچوگال ۽ آمريڪا ۾ ڪي گروهه ڪري رهيا آهن.
اڪثريتي قوم جي قومپرستي: قومپرستي جي هن قسم تحت ڪن ملڪن ۾ اڪثريت رکندڙ قوم، اقليتي يا ٿورائيءَ وارين قومن مٿان ظلم ۽ تشدد ڪن ٿيون. جهڙوڪ ڪئناڊا ۾ انگريزن جو فرينچن مٿان، ڀارت ۾ يوپيءَ جو ٻين صوبن مٿان، آمريڪا ۽ چين جو پنهنجي ننڍين قومن مٿان، پنجابين جو سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن مٿان. نه رڳو ايترو پر هن ملڪ ۾ ته تاريخ جي ابتڙ عمل ٿيو آهي. هتي ته اٺ ڪروڙ اڪثريتي بنگالين مٿان، ٽن ڪروڙ اقليتي پنجابين جو تسلط به رهيو آهي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ ته اهڙا معجزا به ٿيا آهن جن جو مادي دنيا ۾ تصور به نٿو ڪري سگهجي.
ترقي ڪيل قومن جي قومپرستي: قومپرستيءَ جي هن قسم ۾ اهي قومون اچي وڃن ٿيون جن تعليم، جديد ٽيڪنالاجي، سائنس، پئسي ڏوڪڙ ۽ وڻج واپار ۾ ترقي ڪري دنيا جون شاهوڪار ترين قومون بڻجي ويون آهن ۽ باقي ننڍين ۽ ڏتڙيل قومن جي رت ۽ پگهر تي پنهنجي وجود جي عمارت اڏي اٿن نتيجي طور اهي غريب ۽ مسڪين بڻجي ويون آهن ۽ شاهوڪار قومن جي قرض ۽ خيرات تي زندهه آهن. نه رڳو ايترو پر گروي ٿيل آهن.
(2) سوشلزم Socialism
سوشلزم جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي دؤر جو پيدا ڪيل نظريو آهي. هن نظريي جو بنياد سياسي ۽ اقتصادي مسئلن تي رکيل آهي. جنهن جو مقصد ڪنهن ملڪ جي عوام مان بک، بيروزگاري، بدحالي، غربت کي ختم ڪري انهن جي زندگيءَ جو معيار سڌاريو وڃي. هن نظريي تحت دنيا ۾ رڳو ٻه طبقا آهن. هڪ ڦريل طبقو (يعني پرولتاريه) ۽ ٻيو ڦريندڙ يا استحصالي طبقو (يعني بورجوازي). سوشلزم جا مکيه متا يا اصول هن ريت آهن. هڪ هن نظريي تحت پيداوار جا جملي ذريعا قومي يا سرڪاري سنڀال هيٺ آڻي عوام جي ڀلائي يا مفادن ۾ استعمال ڪيا ويندا. ٻيو ته ملڪي پيداوار جي ورهاست اهڙي منصفاڻي نموني ڪئي ويندي جيئن ڪنهن به قسم جي طبقاتي ڦرلٽ يا استحصال ٿي نه سگهي، وڏيرو هاريءَ جا حق ڦٻائي نه سگهي، سرمائيدار مزدور يا پورهيت جي پگهر ۽ رت جي ڪمائي کائي نه سگهي يا ڪو ڏاڍو ڪنهن ڪمزور يا هيڻي جي حقن مٿان ڌاڙو هڻڻ جي جرئت ڪري نه سگهي. ۽ ٽيون ته سموري پئسي ڏوڪڙ مٿان قومي اختيار ۽ ڪنٽرول مضبوط هوندو جيئن سڄي دولت مٿان چند ماڻهن يا طبقن جو ڪنٽرول نه هجي، اهي پئسي ذريعي پئسو ڪمائي نه سگهن ۽ اهڙي ڪمائيءَ تي مڪمل طور بندش هنيل هوندي. سوشلزم جا به ڪيترائي نمونا ۽ قسم آهن، اسان جي ملڪ ۾ ته سوشلزم کي مسلمان به بڻايو ويو هو ۽ ان کي اسلامي سوشلزم جو نالو ڏنو ويو هو.
(3) ڪميونزم Communism
ڪميونزم کي عام طور ”اشتراڪيت“ به سڏيو ويندو آهي. هي هڪ اهڙو سياسي ۽ اقتصادي نظريو آهي جنهن مطابق جملي ملڪيت، پيداواري ذريعا، ونڊ ورهاست جا ذريعا، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذريعا مطلب ته زندگيءَ جي ضرورتن وارا سڀ وسيلا حڪومت يا پارٽيءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ رهڻ ڪري عام غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي گهڻي کان گهڻو فائدو ملي ٿو، ڇو ته انهن وسيلن ۽ ذريعن کي انصاف ۽ حصيداريءَ سان غريبن جي ڀلائي ۽ فائدي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي ٿو. استحصال ۽ ڦرلٽ جو خاتمو اچي وڃي ٿو. شخصي ۽ طبقاتي مفادن مٿان قومي مفاد حاوي ٿي وڃن ٿا. هر ڳالهه کي تاريخي ارتقائي اصولن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ٿو. هن نظريي جو خالق، جرمنيءَ جي جڳ مشهور سياسي مفڪر ڪارل مارڪس کي مڃيو وڃي ٿو. جنهن ”داس ڪيپيٽال“ ۽ ”ڪميونسٽ پڌرنامون“ لکي ماديت پرستي (مٽيريلزم) جي بنياد تي پنهنجي سياسي فلسفي جي پيڙهه رکي. پهرين عالمگير جنگ کان پوءِ سڀ کان پهرين هن نظريي جو تجربو روس (سوويت يونين) ۾ ٿيو. شروعات ۾ ته سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ سامراجي قوتن هن تجربي جي سخت مخالفت ڪئي جنهن ڪري ڪافي مشڪلاتون پيدا ٿيون، پر هنن پنهنجي ٻڌي، ايڪي، طاقت ۽ رٿابنديءَ جي ذريعي انهن مشڪلاتن ۽ مخالفتن جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪيو. هنن جي سياسي پاليسي طاقت سامراجيت ۽ سرمائيداري جي سخت مخالف هئي. ان ڪري ڪمزور هيڻين ۽ غلام قومن کي انهن کان هر ممڪن مدد ۽ سهارو مليو.
ڪميونزم جي نظام ۾ هڪ پارٽي جي حڪمرانيءَ وارو تصور آهي. جنهن ڪري هنن وٽ تنظيمي ڍانچو مضبوط آهي. هيٺ کان وٺي مٿي تائين تنظيم ڪاري ٿيل هوندي آهي جنهن ڪري ڇڙواڳي جو ڪو تصور به ناهي هوندو. ان آتم ضابطي (پاڻ مٿان ضابطي) جي ڪري انفرادي مفادن کي اجتماعي يا پارٽي مفادن لاءِ قربان ڪرڻو پوي ٿو. جنهن ڪري سوشلسٽ مسلسل ترقي واري راهه تي هلي رهيا آهن.
(4) سرمائيداري Capitalism
سرمائيداري اصل ۾ مذهب جي پيداوار آهي، خاص ڪري مذهبي نظرين ۽ عقيدن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي جنهن جو بنياد شخصي مفادن تي ٻڌل هوندو آهي. هن نظريي مطابق هر فرد پنهنجي عمل لاءِ پاڻ جوابدار آهي. (يعني جيڪ عبادت ۽ بندگي ڪندو سو بهشت ۾ ويندو) هن نظريي تحت فرد کي، معاشري ۾ سرمايو گڏ ڪرڻ، پيدائشي ۽ ورهاستي ذريعن کي پڻ هن جي مرضي مطابق استعمال ۾ آڻڻ ۽ پئسي ذريعي پئسو ڪمائڻ جو حق حاصل رهي ٿو. ان سرمائيداراڻي ذهنيت کي وري مذهبي فلسفي جي ٽيڪ ۽ سهارو مليل هوندو آهي. ملڪن ۾ سرمائيداريءَ جي ڪري ناڻي تي چند ماڻهن جو قبضو رهي ٿو جنهن ڪري قوم جو گهڻو تڻو ۽ اڪثريتي حصو غريب، مسڪين، بي گهر، بکيو، لاچار ۽ محتاج رهي ٿو. ۽ سڄي معاشري مٿان ٿورائيءَ جي گهڻائيءَ مٿان حڪمراني قائم ٿي وڃي ٿي. سڄي قوم مٿان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو، طبقا ۽ گروهه اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي قومي ڌن دولت، پيدائشي ۽ ورهاستي ذريعن تي ناجائز قبضو ڪري عياشيءَ واري زندگي گذارين ٿا ۽ باقي سڄي قوم مٿان بک، بيروزگاري، جهالت، بيوسي، ۽ لاچارگيءَ جا ڪڪر ڇانيل رهن ٿا. مطلب ته سرمائيداري معاشري ۾ محنت ۽ پورهئي جو مڪمل استحصال ٿئي ٿو.
(5) سيڪيولرازم Secularism
سيڪيولرازم هڪ اهڙو سياسي نظريو آهي جنهن مطابق سياست کي، مذهب کان جدا ڪري هلايو وڃي ٿو. جيئن اڄ ڪلهه هندستان ۾ هڪ سيڪيولر اسٽيٽ آهي جنهن ۾ هر ماڻهوءَ کي مذهبي آزادي آهي پر ڪنهن به مذهب کي حڪومت يا سياسي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ جو ڪو به حق مليل ناهي. هتي پروپيگنڊه طور سيڪيولر ازم کي ”لادينيت يا لامذهبيت“ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. پر اهو مذهبي مفاد پرست ٽولن جو ذهني خلل آهي. جڏهن ته هن نظريي مطابق ”ملڪ جي سياسي مسئلن جو وقتي حقيقتن ۽ ضروريات مطابق عقل ۽ ذهن جي بنياد تي عام راءِ مطابق فيصلو ڪيو ويندو آهي.“ مذهب جي ڪردار کي مذهبي مسئلن تائين محدود ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري مذهبي مُلي وارو مفاد پورو ٿي ناهي سگهندو ۽ هو سيڪيولر ازم کي لا مذهبيت واري فتويٰ سان نوازيندو آهي. سيڪيولر ازم جي ڪري ڪو به مذهبي گروهه مذهب جي نالي ۾ سياسي دڪانداري نه ڪري سگهندو ۽ نڪوئي فرقه واريت ۽ مذهبي تعصب کي سياست لاءِ استعمال ڪري سگهندو.
(6) ماديت پرستي Materialism
ماديت پرستي (مٽيريلزم) جو بنياد مادي يا “Mattar” تي رکيل آهي ۽ مارڪس لينن جي سڄي فلسفي جو بنياد آهي ئي مادي تي رکيل. مادي جو سائنسي مفهوم ڇا آهي؟ اهي شيون جن کي ڏسي سگهجي ٿو، جن کي ڇهي سگهجي ٿو، جن کي توري ۽ ماپي سگهجي ٿو ان کي مادو چئجي ٿو جهڙوڪ: پٿر، ڀتر، ڪتاب، وڻ ٽڻ، پاڻي هوا وغيره. ٻيون اهڙيون شيون آهن جيڪي پڻ انساني شعور ۽ سوچ کان ٻاهر پنهنجو آزادانه وجود رکن ٿيون، اهي شيون ڪنهن ڪنهن روپ ۾ اسان جي، ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، سُنگهڻ ۽ چمڪڻ ۽ محسوسات ذريعي پڌريون ٿين ٿيون. پر مادو ناهن، يعني سوچون، خيال، خواب، خواهشون، ارادا، احساس انهن کي نه ته ماپي سگهجي ٿو نه ئي توري سگهجي ٿو ۽ نه ڏسي سگهجي ٿو. اهي شيون رڳو اسان جي شعور اندر ئي وجود رکن ٿيون. هاڻي واضع ٿيو ته اهي شيون جيڪي اسان جي شعور ۽ سوچن کان ٻاهر وجود رکن ٿيون اهي مادو آهن.
ماديت پرست فلسفي جو چوڻ آهي ته ”مادو ئي آهي جنهن روح يا شعور کي جنم ڏنو آهي.“ اڪثر بي علم ۽ جاهل ماڻهو ڪميونزم کي دهريت ڪوٺيندا آهن. پر دهريو، ماديت پرست کي چيو ويندو آهي جيڪو اڻ ڏٺي بجاءِ ڏٺي تي ايمان آڻڻ جو پرچارڪ هوندو آهي. ماديت پرستن جو چوڻ آهي ته شعور (ذهن) مادي جي مختلف عنصرن جي گڏيل عمل جي پيداوار آهي ۽ جڏهن به مادي جي گڏيل عمل جو خاتمو اچي ٿو تڏهن زندگيءَ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. هن فلسفي جا مڃيندڙ فرد جي جداگانه هستي (انفراديت) ۽ تسلسل ۾ اعتقاد نٿا رکن، موت بعد زندگي، جزاسزا، بهشت دوزخ يا ان جي تخليق ڪندڙ قوت ۾ ڪوبه يقين يا ايمان نه هوندو اٿن. سندن سڄو زور دنيا وارن جي زندگي بهتر بڻائڻ ۽ هر ڳالهه تجربن ۽ عقل جي بنياد تي ڪندا آهن.
(7) تصوريت پسندي Idealism
هن فلسفي کي ٻين لفظن ۾ روحانيت يا شعور پسندي پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. هي فلسفو ماديت پرستيءَ جو ضد آهي. آئيڊيلزم واري فلسفي تحت شعور يا روح کي حقيقي شيءَ ڪري مڃيو ٿو وڃي ۽ مادي کي شعور جي پيداوار ڪري سمجهيو ٿو وڃي. هن فلسفي جا مڃيندڙ چون ٿا ته ”جيڪڏهن دماغ نه هجي ها ته هيءَ دنيا وجود ۾ نه اچي سگهي ها. روح کي ذات ۽ مادي کي صفات ڪري مڃن ٿا، روح کي اذلي ۽ ابدي پر مادي کي فاني ۽ تبديل ٿيندڙ چون ٿا.“
هن ئي نظرئي جي بنياد تي دنيا جا سمورا مذهب وجود ۾ آيا ۽ مذهبي عقيدن جنم ورتو. جزا ۽ سزا جو تصور پيدا ٿيو، بهشت دلاسو ۽ دوزخ دڙڪو بڻجي پيو. هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي عملن جو جوابدار بڻائي ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جو ڊپ ۽ خوف ڏنو ويو ۽ نتيجي طور ماڻهو انفرادي آزاديءَ ۽ مفاد پرستيءَ جو نشان بڻجي پيو.
هر قوم يا معاشري ۾ انساني نفسيات مطابق ڪي ماڻهو ڏاڍا محنتي، باصلاحيت، هوشيار، ذهين ، ڏاها، سياڻا ۽ طاقتور ٿين ٿا ته ڪي وري اٽي تي چٽي، سست، ڪاهل، ڏڏ ڪچا، ڪمزور ۽ هيڻا ٿين ٿا. گروهي چٽا ڀيٽي يا کليل مقابلي ۾ چند چالاڪ، ڏاها ۽ طاقتور ماڻهو ڌن دولت، مال ملڪيت، پئسي ڏوڪڙ عزت ۽ اقتدار جا مالڪ بڻجي ويندا آهن پر اڪثريت ماڻهن جي محڪوم، مفلس، مظلوم، بيوس، لاچار، بکيو ۽ بيروزگار بڻجي ويندي آهي. ان سماجي نابرابري واري معاشري کي وري هي نظريو قانوني ۽ آئيني ٽيڪ يا سهارو ڏيڻ لاءِ مختلف هيلا ۽ بهانا ۽ مفروضا گهڙي ان نابرابري ظلم ۽ ڏاڍ کي قائم رکندو آهي. خاص ڪري انهن مذهبي ماڻهن جي ظلم ۽ تشدد جي چڪيءَ ۾ پيڙيل غريب مسڪين بيوس ۽ لاچار ماڻهن کي قسمت ۽ تقدير جهڙا مفروضا گهڙي رضا تي راضي رهڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪيو ويندو آهي. بک ۽ بيروزگاريءَ کي خدا طرفان موڪليل قهر ۽ ڏمر چئي کين خاموش ڪيو ويندو آهي. اميرن جي عياشي ۽ غريبن جي بک کي خدا جو موڪليل خاص انعام چئي ٻنهي ڌرين کي خاموش ڪيو ويندو آهي پر نتيجي طور ماڻهو جڏهن بک ۽ بيروزگاريءَ سبب مجبور ٿي انهن هٿراڌو ۽ جڙتو مصيبتن خلاف زبان کوليندا آهن، عقل ۽ تجربي جي بنياد تي معاشرتي اڻبرابري خلاف آواز اٿاريندا آهن ته کين ڪافر، غدار ۽ سماج دشمن ڪوٺي ٺڪاڻي لڳايو ويندو آهي. اهي اڳتي هلي انقلابيءَ جي روپ ۾ دنيا آڏو نروار ٿيندا آهن، حق سچ ۽ انصاف جي جنگ ۾ فتحياب ٿي ويندا آهن.
اڄڪلهه آئيڊيلزم ۽ مٽيريلزم جي نظرياتي بنياد تي دنيا ۾ پارٽيون ڪم ڪن ٿيون. جنهن ۾ مٽيريلسٽ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ آئيڊيلسٽ شڪست کائي رهيا آهن ڇو ته اهي قومن جي مستقل مفادن جهڙوڪ وطن (جاگرافيائي حدن)، ڪلچر، ٻولي، اقتصادي مفادن، تاريخي ۽ قومي روايتن کي نقصان پهچائي ذهني سامراج وارو ڪردار ادا ڪن ٿيا.
(8) سامراجيت Imperialism
سامراج عام طور تي ڦرلٽ ڪندڙ يا استحصالي قوتن کي چيو ويندو آهي يا جيڪو ٻين جي محنت ۽ پورهئي تي پلجي. هن جديد دؤر ۾ سامراج پنهنجا روپ به بدليا آهن. اڄ ڪلهه اهي وڏيون طاقتور ۽ ترقي يافته قومون يا ملڪ جيڪي ننڍين، ڪمزور هيڻين ۽ پٺتي پيل قومن مٿان ناجائز طور تي سندن ڪمزوري يا غربت جي ڪري سياسي اقتصادي لساني ۽ ثقافتي بنيادن تي استحصال يا ڦرلٽ ڪن يا ڪنهن به طريقي سان سڌي يا اڻ سڌي طرح انهن مٿان قبصو ڪري انهن کي ڦرين يا لٽين ان کي سامراجيت ڪوٺيو ويندو آهي.
اڄ ڪلهه به مختلف طريقن سان قومن ۽ ملڪن مٿان، قومن ۽ ملڪن جي ڦرلٽ ۽ استحصال جاري آهي. ڪي طاقتور قومون، ننڍين ۽ پٺتي پيل قومن کي اقتصادي ۽ فوجي قرض ڏيڻ، ڪي فسطائي نظرين ذريعي محافظ يا چوڪيدار جي روپ ۾ تسلط ڄمائڻ، ڪي نظرين جي آڙ ۾ قومن مٿان قبضو ڪرڻ، ڪي مذهبي گروهن ذريعي قومن مٿان قبضو ڪرڻ، رنگ ۽ نسل جي آڙ ۾ قومن مٿان قبضو ڪرڻ به سامراجيت ۾ شامل آهي. سامراج جي قبضي جي بيان ڪيل طريقن جو بنياد خاص ڪري فسطائي نظرين، خود مطلبي، طاقت ۽ لياقت، زور زبردستي ڏاڍ، ڌوڪيبازي يا ٺڳيءَ جي بنياد تي رهي ٿو.
(9) آمريت Dictatorship
هن نظريي جو بنياد فسطائي نقطي نگاهه تي رکيو ويو آهي. جنهن مطابق ماڻهن کي لائق ۽ نالائق، طاقتور ۽ ڪمزور، سڌريل ۽ اڻ سڌريل گروهن ۾ ورهائي چڱائي ۽ برائيءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري اقتدار تي ناجائز قبضو ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي پسند مطابق اشاري تي هلندڙ ماڻهن کي چڱو، سڌريل ۽ لائق چئي طاقتور ۽ مضبوط ڪيو ويندو آهي. چند ماڻهو اڪثريت مٿان قابض بڻجي ويندا آهن. سچ خلاف ڪوڙ، ٺڳي، لوڀ ۽ لالچ جي حڪمراني هوندي آهي. تقرير، تحرير ۽ پارٽي بازي تي سخت پابندي وڌي ويندي آهي. خاص ڪري مخالف قوتن کي تمام سختيءَ سان چٿيو ۽ چيڀاٽيو ويندو آهي جيئن عشق ۽ ميدان جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز ليکيو ويندو آهي، تيئن آمريت ۾ آمر (ڊڪٽيٽر) پنهنجي مخالف کي چيڀاٽڻ لاءِ سڀ طريقا جائز تصور ڪندو آهي. ڊڪٽيٽر جي زبان مان نڪتل هر لفظ کي آمريت جو حڪم ڪري تسليم ڪيو ويندو آهي. آمريت ۾ عوام جي طاقت ۽ قوت بجاءِ ڪامورن يا نوڪرشاهي کي طاقت ۽ قوت سمجهيو ويندو آهي ۽ عوام مٿان سرڪاري ڪامورن جو مڪمل راڄ هوندو آهي. حڪومت جي مخالفت کي سخت ترين ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ۽ ظاهري مخالفت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ هيلا وسيلا ۽ حربا هلايا ويندا آهن جنهن ڪري مخفي طرح يا ڳجهه ڳوهه ۾ مخالف قوتون گڏجڻ شروع ٿينديون آهن جنهن ڪري ملڪ ۾ اوچتا طوفان برپا ٿيندا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ انقلاب ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. آمريت ۾ آمر جو هڪ لفظ قانون بڻجي ويندو آهي. سندس هڪ وحشي حڪم هزارين ٽڙندڙ مکڙين ۽ مهڪندڙ جوانين لاءِ موت جو پيغام بڻجي ايندو آهي.
(10) جمهوريت Democracy
جمهوريت جو مطلب آهي ته عوام جي حڪومت، ٻين لفظن ۾ ته، ”عوام کي حق آهي ته پنهنجو اقتدار قائم ڪري سموري سياسي طاقت جا مالڪ بڻجي وڃن، ڇو ته سڀ انسان آزاد ۽ هڪجهڙا پيدا ٿيا آهن تنهن ڪري هنن کي سماج ۾ آزادي ۽ هڪجهڙائيءَ سان رهڻ جو اخلاقي ۽ قانوني حق پهچي ٿو.“ جمهوريت ۾ ملڪ جي هر ماڻهوءَ يا فرد لاءِ آزادي ۽ حق تسليم ڪيل هوندا آهن، هر فرد کي زندگي جو حق، آزاديءَ جو حق، ۽ خوشيءَ جو حق مليل هوندو آهي ۽ هر فرد کي ضمير جي آزادي، زبان ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزادي، سوچن ۽ ويچارن جي آزادي، پريس جي آزادي، جماعت بنديءَ جي آزادي، جلسي جلوس جي آزاديءَ جهڙا بنيادي حق حاصل هوندا آهن. هر فرد کي، ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن لاءِ ووٽ (آزادانه راءِ) ذريعي پنهنجو عيوضي يا نمائندو چونڊي حڪومت هلائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي ٿو.
ٻين لفظن ۾ ته جمهوريت معنيٰ گهڻائيءَ جي حڪومت، هن ملڪ ۾ جمهوريت معنيٰ سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن مٿان پنجابين جي حڪومت ڇو ته هتي ملڪي آباديءَ جي لحاظ کان به پنجابي اڪثريت ۾ آهن ته سول ۽ فوجي نوڪرشاهيءَ جي لحاظ کان به پنجابي اڪثريت ۾ آهن، ان ڪري ئي هتي جمهوريت توڙي آمريت جي لحاظ کان پنجابين جي حڪمراني رهي ٿي. ٻيو ته اسان جو سنڌي عوام جمهوريت جي لحاظ کان به ٻٽي غلاميءَ ۾ رهي ٿو. ڇو ته عوام جي اڪثريت اڻ پڙهيل، ڇڙوڇڙ يا غير منظم، غريب ۽ سياسي شعور ۽ سجاڳي نه هئڻ ڪري مجبورن پير، مير، وڏيري يا مٿئين طبقي جي اثر ۾ رهن ٿا جنهن ڪري پنهنجي ووٽ ذريعي وري به ڪو ڦورو، استحصالي ۽ عوام دشمن وڏيرو عوامي نمائندو بڻجي وڃي ٿو. اسيمبليءَ جي سيٽ سيڙائي ۽ عوام هڪ طرف پنهنجي پنهنجي ۽ ڌارئي حڪمران جي ٻٽي غلاميءَ ۾ هليو ٿو وڃي.
(11) فاشزم Fascism
فاشزم کي عام فهم ٻوليءَ ۾ ”فسطائيت“ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي بنيادي فلسفي مطابق ماڻهن جي اتحاد ۽ تنظيم کي ٽوڙي ختم ڪري انهن کي گروهن ۽ ٽولن ۾ ورهائي گهڻائيءَ مٿان ٿورائيءَ جو ناجائز قبضو ڪرائڻ ۽ ان ناجائز قبضي کي وري ظلم، تشدد، ڏاڍ ۽ طاقت جي بنياد تي قائم رکڻ کي فسطائي عمل ڪوٺيو ويندو آهي. ان فلسفي تي هٽلر جرمني ۾ پنهنجو اقتدار قائم ۽ مضبوط ڪيو. پر اتي ظلم ۽ تشدد جي رد عمل طور فسطائيت جنم ورتو، هن نظرئي تحت آمرانه حڪومتون عوام جو استحصال ۽ ڦرلٽ ڪن ٿيون.
(12) اهنسا Non Violance
”اهنسا“ کي عام ٻوليءَ ۾ عدم تشدد وارو نظريو به ڪوٺيو ويندو آهي. يعني بغير ڪنهن ظلم ڏاڍ يا تشدد جي مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. هن نظرئي جا پوئلڳ پٿر جو جواب پٿر سان نه پر پٿر جو جواب محبت ۽ صلح سانت سان ڏيڻ چاهيندا آهن، يعني لطيف جي لفظن ۾
هو چوني تون مَ چئه واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي.
هن نظرئي جو باني مهاتما گانڌي آهي، جنهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اقتدار، ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف اهنسا کي هڪ منظم هٿيار طور استعمال ڪيو. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ اهنسا جو پرچار سرحدي گانڌي خان غفار خان ڪيو ۽ مرڻ گهڙي تائين غفار خان پاڻ کي اهنسا (عدم تشدد) جي فلسفي جو پيروڪار ثابت ڪيو. سنڌ ۾ هن فلسفي کي سائين جي. ايم. سيد زور وٺايو. عام طور ماڻهو اهنسا کي ڪمزوري ۽ هيڻائپ جي علامت ڪوٺيندا آهن پر هن نظرئي جي پرچارڪ رهنمائن جو چوڻ آهي ته ”اهنسا ڪمزوريءَ جو نه پر اعليٰ همت ۽ سورهيائپ جو نشان آهي. زندگيءَ ۾ آزادي، امن ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لازمي امر آهي، پنهنجي راءِ عقيدي يا نظريي کي زوريءَ يا تشدد ذريعي ٻين مٿان نه مڙهجي، جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪرڻ کپي، اختلاف جو نبيرو گڏيل سوچ سان ڪجي، ناحق ۽ ناانصافي جو مقابلو ڏاهپ يا اهنسا ئي طريقن سان ڪرڻ کپي ۽ ڏاڍ يا ظلم آڏو سچ چوڻ جي جرائت رکڻ کپي.“
(13) ڪنفيڊريشن Confideration
80ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي پليٽ فارم تان عطاءُ الله مينگل، ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادو ”ڪنفيڊريشن“
جي ڳالهه ڪئي سنڌ ۾ ڪنفيڊريشن نظرئي جو حقيقي خالق سائين جي. ايم. سيد آهي جنهن پاڪستان جي 1973ع واري آئين کان اڳ ڪنفيڊريشن جي بنياد تي نئين پاڪستان جي اڏاوت جو مطالبو ڪيو هو ۽ ان وقت تائين ”جيئي سنڌ محاذ“ جي منشور جو حصو هو پر 1973ع واري آئين کان پوءِ جيئي سنڌ تحريڪ آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ۽ پوءِ ممتاز علي ڀٽي ڪنفيڊريشن تي نظرياتي طرح ڪم ڪيو ۽ هڪ نظرئي جي روپ ۾ ٽن مظلوم قومن سنڌي بلوچ ۽ پٺاڻن کي ڪنفيڊريشن جو مفهوم سمجهايو. جنهن مطابق ڪنفيڊرل آئين جو مطالبو ڪيو ويو ۽ عملي طور ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان آواز کي پهچايو ويو. ڪنفيڊريشن جي جديد وصف هيءَ آهي:
برابري وارو وفاق+ صوبائي خودمختياري= ڪنفيڊريشن

منصور قادر جوڻيجو
Book No .751
Kitab Jo Nalo : PANJ FIKARI NAZRIYA
Written by: Barbara Ward
Translated by: Mansoor Qadir Junejo
First Edition © Roshni 2016
Pages : 168
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 2000.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔۔

Comments
Post a Comment