GHICHI GANA LOH JA (Jail Diary)
























































تمٿان تن ترار (ترم ياترا)
هي ڊائريءَ نما يادگيريون، منهنجيءَ پهرين ’ترم ياترا‘ جون آهن. زندگيءَ جو اهو ڀيانڪ ۽ سوچ کي نکاريندڙ تجربو، ’پنج سؤ چاليهه ڏينهن‘ تي مشتمل رهيو، جنهن ۾ عذاب، عقوبت ۽ پيڙا جا ڪيئي مرحلا طئي ڪرڻا پيا. ڪيترن ماڻهن کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ جمهوريت جي هن ملڪ ۾ پهرئين تجربي جي واردات کي ماڻهن جي ذهنن ۽ جسمن تي ڍڳي گاڏيءَ جي چاڪن وانگر گذرندي ڏٺوسين. ائين ٿي محسوس ڪيوسين ته آزاديءَ ۽ خوشيءَ جو ديپ، اسان جي زندگيءَ ۾ وري ڪونه ٻرندو. ڪيسن مٿان ڪيس اسان جي خلاف ڪورٽن ۾ پهچندا رهيا ۽ اسان انهن جي شنواين ۾ روزانو پوليس جي پهري هيٺ گهاڻي جي ڏاند وانگر وهندا ٿي رهياسين. مائٽن مٽن جو ڪهڙو حال آهي؟ ڪيترا مُئا، ڪيترا ڄاوا، ڪيترا پرڻيا، ڪيتريون ڪنواريون ڪنوارپ جي پاڪ پوتر چُني لاهي سهاڳ جي چوڙن سان سينگارجي ويون ۽ ڇوڪرين مان ڦري عورتون ٿيون؟ ڪيترن ڳڀرو جوانن جي مُرڪندڙ مُهانڊن تي موڙ ٻڌا ويا؟ مُندون مَٽيون، ڪيئي سيارا اونهارن ۾ بدليا، ٿر جي واريءَ تي سانوڻ ڪهڙا ساٺ ڪيا؟ ڦڳڻ ۽ ڦوڳ ڦُلاريا به يا نه؟ سنڌوءَ جي سرمست اُٿل ڪيترا ويڙها ۽ لوڙها ويران ڪيا؟ اسان انهيءَ سموريءَ اٿل پٿل کان بيخبر شيخن ۽ دروازن جي اندر ڪنهن ايندڙ سونهاري صبح جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ زندگيءَ جي زهر جا ڍُڪ پيئندا رهياسين.
آءٌ ٿر جي وارياسن ميدانن جو رهاڪو، جتي سج جي پهرين ڪرڻن جي آبشار سان وهنجڻ ئي اسان جي زندگي آهي؛ جتي پرهه جي پاند کڻڻ سان رات جي ڪاري ڏائڻ جي ڀڄڻ جو تماشو ڏسيندا آهيون: جتي ستارن جي مُرڪ ئي اسان جي ڪائنات ۾ اڪيلي روشني هوندي آهي، جتي چنڊ جي چانڊوڪي روڪ بنا اسان جي اڱڻن تي سُرهاڻ ڀريل روشنيءَ جا ڇڄ ڇَنڊيندي آهي، اهڙي ماحول جي هيراڪ، مون پورو هڪ سال تارن جي روشني نه ڏٺي ۽ پرهه کي پاند سِرڪائيندي نه ڏٺو. چنڊ منهنجي لاءِ غزل جو روايتي محبوب بنجي ويو. پنجين وڳي کوليءَ ۾ بند ٿيندو هوس ۽ صبح جو سج اڀرڻ مهل کوليءَ جو تالو کُلندو هو، ته جيل جون سنگين ديوارون سامهون پوڙهيءَ وئشيا وانگر بي حيائيءَ سان گهورينديون نظر اينديون هيون. اهڙي ماحول، ذهن کي ان وقت جي حڪمران ٽولي جي خلاف زهر سان ڀري ڇڏيو، جنهن جو اظهار هنن ٽِڙيل پکڙيل پنن ۾ هر جڳهه تي نظر ايندو. پوءِ به اُن زهر کي ڇنڊڻ لاءِ مون وس پُڄندي زبان اُها استعمال نه ڪئي آهي، جيڪا ان وقت جي وزيراعظم (ذوالفقار علي ڀُٽي) لاءِ چوڌري ظهور الاهي ۽ ظهور حسن ڀوپالي استعمال ڪندا هئا. چوڌري ظهور الاهيءَ، ۾ ڪجهه خوبيون به هيون، پر هُو زبان، انتهائي ڪريل ۽ گندي استعمال ڪندو هو.
هڪ ڀيري سياسي بحث ڪندي چوڌري ظهور الاهيءَ ان وقت جي وزيراعظم [ڀُٽي صاحب] لاءِ گهٽ وڌ چيو ۽ کيس ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏنيون. اها ڳالهه ٻُڌندي شرط اسان جو دوست مولابخش لغاري سخت ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ موچڙي ۾ هٿ وجهڻ وارو هو ته مون جهلي ورتس. مولابخش چيو ته وزيراعظم سان سياسي اختلافن لاءِ اوهان سياسي بحث ڪري، سياسي زبان استعمال ڪري سگهو ٿا، پر ڀُٽي جي ماءُ هڪ سنڌياڻي عورت جي حيثيت ۾ منهنجي به ماءُ آهي. اوهان ڪهڙا سياستدان آهيو، جن کي ڪنهن به عورت جو احترام نه آهي؟ شايد اوهان وٽ عورت آهي ئي ڪوٺي تي ويهارڻ يا گار ڏيڻ لاءِ، اُن ڪري اوهان کي ڪنهن جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ يا زال لاءِ ڪوبه احترام نه آهي. مولابخش جو اهڙو جارحاڻو لاڙو ڏسي، چوڌري صاحب معافي ورتي ۽ پنهنجي زبان جي بي احتياطيءَ لاءِ شرمساريءَ جو اظهار پڻ ڪيو. اهو ساڳيو حال ظهور حسن ڀوپاليءَ جو هوندو هو ۽ کيس جڏهن به جواب ملندو هو ته شرمساري ظاهر ڪري، وري ڏينهن ٻن کانپوءِ ساڳي ڪُهاڙي، ساڳيو ڳن، جڏهن مولابخش جي انهيءَ روش جي وزيراعظم کي خبر پئي ته کيس چيائين ته: ”ڀوپاليءَ کي سبق نٿو سيکارين.“ مولابخش جواب ۾ چيو: ”ته جيئن توهان اسان کي آسانيءَ سان ڦاهيءَ تي چاڙهي سگهو!“
آءٌ هڪ سال ڪراچي جيل ۾ رهيس. اُن دؤر ۾ پي. اين. اي جي تحريڪ کان اڳ ۽ آمريڪي اليڪشن کان ترت پوءِ، پاڪستان ۾ چونڊون ٿيون، جن جي نتيجي ۾ ’قومي اتحاد‘ جي تحريڪ شروع ٿي. ان ڪري قومي اتحاد جي ليڊرن جيل ۾ اچڻ شروع ڪيو. اسان ماڻهن جي انهيءَ بي لغام هجوم ۾ پنهنجون سموريون شروع ڪيل علمي ۽ ڪتابي مشغوليون وساري ويٺاسين ۽ سياسي بحث جي بي مغز هڻ وٺ ۾ شروع ٿي وياسين. ترت ئي پوءِ اسان جي جيل بدلين جو سلسلو چالو ٿيو، جنهن جي شروعات ان وقت جي وزيراعظم سان ملاقات کان ٿي. انهيءَ ملاقات جو تفصيل مختلف ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي ۽ پڻ مُنهنجي ڪتاب ’مجيب ۽ ڀٽو‘ ۾ اهو سمورو ذڪر موجود آهي، ان ڪري هتي ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.
انهيءَ جيل واري عرصي ۾ سخت ترين ۽ تاريخي عرصو اهو هو، جيڪو اسان سينٽرل جيل خيرپور ميرس ’سنڌ جي ڪاري پاڻيءَ ۾ گذاريو. انهيءَ جيل ۾ اسان سخت گرميءَ (سا به اتر سنڌ جي گرميءَ) جا مهينا مئي، جون، جولاءِ ۽ ڪجهه آگسٽ جا ڏينهن گذاريا. چئني طرفن کان کُليل بئرڪ ۾ پکي جي هوا لڳندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو قهري هٿ ٽانڊن جا ڇڄ ڀري اسان تي اُڇلائي رهيو آهي. سڄو ڏينهن اهو حشر رهندو هو. سج لهڻ کانپوءِ بئرڪ مان ٻاهر نڪرندا هئاسين، هن نيت سان ته ڪجهه هوا جو مزو وٺون. ڪجهه دوست راند ڪندا هئا ته آءٌ ۽ جيل جو دوست رسول بخش پليجو پسار ڪندا هئاسين. پر ان وقت به پگهر نه سُڪندو هو. البته ڪڏهن ڪڏهن چنڊ جو چهرو ڏسڻ جو وجهه ملي ويندو هو، پر چنڊ جي روشني به خيرپور جي سخت گرميءَ ۾ بيمار محبوب جي مُرڪ وانگر اُداس لڳندي هئي. اهڙي ئي هڪ شام جو راجا جاويد، پليجي سان وڙهڻ جي نيت سان کيس گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن تي مون مداخلت ڪندي راجا جاويد کي گاريون ڏئي اسان جي محفل مان اُٿڻ تي مجبور ڪيو. حقيقت ۾ راجا جاويد سمجهيو ته پليجو اڪيلو آهي، ’جيئي سنڌ‘ وارن سان سندس اختلاف آهن، ان ڪري اهي سندن ساٿ ڪونه ڏيندا ۽ آءٌ مزي سان پليجي تي رعب رکندس، پر هن کي شايد هيءَ خبر نه هئي ته اسان جا اختلاف سياسي هئا، ذاتي، خانداني يا قبائلي قسم جا نه هئا. پليجو هڪ سنڌي سياسي اڳواڻ قيديءَ جي حيثيت ۾ اسان جو پنهنجو حصو هو ۽ ان حصي جي توهين اسان ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهياسين! ساڳي حالت پليجي جي به هئي، هڪ ڀيري ڪراچي جيل ۾ اسان جي ڪنهن ساٿيءَ سان جيل جو سپرنٽينڊنٽ گستاخيءَ سان پيش آيو، ته پليجو جيل سپرنٽينڊنٽ تي ڪاوڙجي پيو. جيل جو عملدار حيرت مان پليجي کي ڏسي چوڻ لڳو ته: ”تنهنجو هن سان ڪهڙو واسطو؟ هي ته جيئي سنڌ جو آهي.“ پليجي چيو: ”توکي ڪيئن خبر پئي ته آءٌ جيئي سنڌ جو ناهيان. آءٌ ته انهيءَ تنظيم [جي ابتدائي شڪل: ’بزم صوفياءِ سنڌ‘]، جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهيان.“ اهو ٻڌائڻ جو مطلب هي آهي ته جيل ۾ سڀ قيدي خاص طرح سياسي قيدي، پوءِ اهي کڻي ڪهڙين به پارٽين سان لاڳاپيل هجن- هڪ برادريءَ وانگر رهندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ محمد سومار ٿيٻي [رئيس علڻ خان ٿيٻي]، جيڪا پليجي جي، منهنجي ۽ يونس شاد جي بيمارين ۾ خدمت ڪئي، ۽ جهڙي طريقي سان هن پنهنجو اثر رسوخ هلائي رات جي بيگاهه وقتن تي سول اسپتال مان ڊاڪٽر گُهرايا، اهڙي خدمت سڳا مائٽ ۽ گهر جا ڀاتي به نه ڪري سگهندا.
هڪ ڀيري پليجي صاحب کي ڪا سخت تڪليف ٿي پئي، پر ڊاڪٽر نه آيو، نيٺ محمد سومار ٿيٻي عرف رئيس علڻ خان، پليجي کي چيو: ”تون بيهوشيءَ جي ايڪٽنگ ڪر ۽ پوءِ ڏس ته جيل وارن کي آءٌ ڪيئن ٿو کڙڪايان.“ پليجي کي جتي ٻين ڳالهين ۾ ڪمال آهي، اتي سندس ايڪٽنگ جو به ڪمال ڏٺوسين. اهڙو بيهوش ٿي ويو، جو مون کي ته ڊپ ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سچ پچ بيهوش ته ڪونه ٿي ويو آهي. سندس اها مصنوعي بيهوشي ايترو وقت هلي، جو سول اسپتال خيرپور مان ڊاڪٽر آيو، جنهن سندس تڪليف جو معائنو ڪيو [بيهوشيءَ دوران] ۽ دوائون ۽ انجيڪشنون ڏنيون.
خيرپور سينٽرل جيل ۾ جتي اسان کي ٻيون تڪليفون هيون، اتي جيل جي مهربان ۽ شفيق سپرنٽينڊنٽ عثمان بلوچ جي مهربانيءَ سان اسان کي ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊ رکڻ جي آزادي مليل هئي، ان ڪري اسان پنهنجي پسند جون ڪيسٽون ۽ بي. بي. سي ٻڌي سگهندا هئاسين. خيرپور جي گرميءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو حيدرآباد سنڌ تان عابده پروين جو آواز سانوڻيءَ جي ڪڪر وانگر نروار ٿيندو هو ۽ سنڌ جي بهادر شاعر خليفي نبي بخش جا هي ٻول ته ’موٽ وسندڙي مينهن، لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا‘ وڏ ڦڙي وانگر وسڻ لڳندا هئا. اهڙي وقت آءٌ سمجهندو هوس، خيرپور جي گرمي ڇانوري ۾ بدلجي وئي آهي، ڪڙا ڪوٽ جُهري ۽ ڀُري ويا آهن، ۽ آءٌ وائوڙيءَ جي ڀٽ تي رِم جهم ميگهه ملهار ۾ ڪن ڳورين ٻانهن جي گهيري ۾، ڪجلين اکين ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي چڪو آهيان، ڏينهن ڏٺي جو اهو سپنو اُن وقت ٽُٽندو هو، جڏهن عابده جو آواز بند ٿي ويندو هو ۽ قهري هٿ جو اُڇلايل ٽانڊن جو ڇڄ منهنجي جسم کي اچي لڳندو هو.
بي. بي. سي ٻُڌڻ لاءِ اسان دستور هيءُ ٺاهيو هو ته واري واري سان هرهڪ همراهه جو ذمو هوندو هو، ته هو صبح سوير نه صرف بي. بي. سي ٻڌي، پر ٽيپ به ڪري ڇڏي، ته جيئن ٻيا همراهه اُٿي ضروري حاجتن مان واندا ٿي، ٽيپ ٿيل بي. بي. سي ٻُڌي سگهن.
5 جولاءِ 1977ع جي اُن منحوس صبح، منهنجي ڊيوٽي هئي، ته آءٌ بي. بي. سي ٻُڌي سُتل دوستن لاءِ ٽيپ ڪري رکان. مون بي. بي. سي کان اڳي ريڊيو پاڪستان جون خبرون ٻڌيون. خبرن ۾ سڀ خير لڳو پيو هو، وري ڳالهيون ٿيڻ جي خبر هئي ۽ ڳالهين ۾ ڪاميابيءَ جي اميد ڏيکاري پئي وئي ته اوچتو نيوز ريڊر مائي ڪجهه گهڙين لاءِ ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ چوڻ لڳي ته ”هاڻي خبر پئي آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن اقتدار پنهنجي هٿن ۾ ورتو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي ۽ قومي اتحاد جي اڳواڻن کي پنهنجي حفاظت ۾ ورتو آهي.“ مون خبرون هلنديون ڇڏي، مسٽر پليجي ۽ رئيس علڻ خان کي جاڳائي چيو ته: ”ڀُٽو ويو.“ ٻنهي کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، ڇو ته اها ڳالهه بلڪل غير متوقع هئي، جو ڪجهه مهينا اڳ ۾ هٿياربند فوجن جي ڪمانڊرن جو گڏيل بيان ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو هو ته اسان موجوده آئيني ۽ چونڊيل جائز حڪومت سان پوريءَ ريت وفادار آهيون. اُن واقعي کانپوءِ ڪجهه مهينن اندر اسان آزاد ٿياسين. پر ان ڏينهن خيرپور سينٽرل جيل ۾ قيدين مٺايون ورهايون ۽ اُنهن مٺائي ورهائيندڙن ۾ اسان جو دوست راجا جاويد به هو، جيڪو ان وقت سنگين ڏوهن ۾ ملوث هوندي به ”بي ڪلاس“ ۾ هو، کيس ڪهڙي خبر ته اڄ جي مٺائي سڀاڻي سندس لاءِ ڦاسيءَ جو ڦندو ثابت ٿيندي. ڪجهه سياسي قيدين به مٺائي ورهائڻ جي چاهنا ڏيکاري، پر اسان انهيءَ مسئلي تي سخت موقف اختيار ڪيو، اُن ڪري سياسي قيدين مٺائي ورهائڻ جو پروگرام رد ڪري ڇڏيو.
خيرپور سينٽرل جيل ۾ وقت گذارڻ لاءِ ڪيئي ترڪيبون ٺاهيوسين، جن ۾ مختلف رانديون، بيت بازيون، ادبي سنگت جون گڏجاڻيون (جن ۾ جيل جو نيڪ دل جيلر آغا نور الله به ڏاڍي خوشيءَ سان شريڪ ٿيندو هو) ڪسوٽي پروگرام، تاريخي، سياسي ۽ ادبي ليڪچر شامل هئا، پر هڪڙي انوکي ترڪيب هيءَ به ڪڍي وئي ته اخبارن ۾ جنهن به قيديءَ جي آزادي جو مطالبو اچي، سو سموري سنگت کي شربت پيئاري. انهيءَ ترڪيب ۾ اسان سنڌي قيدي گهاٽي ۾ هئاسين، ڇوته ’آفتاب‘ اخبار اسان جي آزاديءَ جي مطالبن، بيماريءَ جي خبرن سان نه رڳو روزانو ڀريل هوندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن ’آفتاب‘ جو عزت لائق ايڊيٽر سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ ايڊيٽوريل لکندو هو، ته اُن ۾ اسان مان گهڻن جا نالا ضرور ڏيندو هو. اُن لاءِ اسان کي گهڻو ڪري روز شربت پيارڻو پوندو هو. پر اسان شيخ صاحب جا ٿورائتا به ٿيندا هئاسين ته کيس اسان ياد آهيون.
هڪ اردو اخبار ’صداقت‘ تي پليجي صاحب جي ڏاڍي ڪاوڙ هوندي هئي، جيڪا روزانو پهرئين صفحي تي نفيس صديقيءَ جي پُٽ ڪاشف جي تصوير ڏيندي هئي ۽ هيٺان لکيل هوندو هو: ’ابو ڪهان هين؟ پريشان ڪاشف.‘ پليجي جو چوڻ هو ته اها پناهگير پريس، جيڪا هڪڙي ڇوڪري کي ايڏي پبلسٽي ڏئي رهي آهي، تنهن کي اسين سياسي قيدي ياد ئي نه آهيون.
18 سيپٽمبر 1977ع جي شام جو آءٌ آزاد ٿيس. اها رات پهرئين هئي، جنهن ۾ کليل فضا ۽ چانڊوڪي ڏٺم. فجر جو ٻانگي جي ٻانگ تي منهنجي اک کُلي، طبيعت ۾ سُڪون هو، سڌو مسجد جو رخ رکيم. حيدرآباد ضلعي جي سحرانگيز نسيم سحريءَ ۾ (جيل مان) آزاديءَ جي انهن ٻن رڪعتن جيڪا لذت ڏني، جيڪو سُرور ۽ سڪون بخشيو، سو زندگيءَ ۾ ڪنهن به عبادت مان نه مليو آهي.
هيءَ ڊائري اهڙي ماحول ۾ ابتدائي ڏينهن جون تِکيون مٺيون يادگيريون آهن. پوءِ ماحول ۾ هلچل ۽ تڪڙين تبديليءَ جي ڪري وڌيڪ ڊائري لکي نه سگهيس ۽ ڪن صفحن تي تاريخ هڻڻ وسري وئي اٿم، ڪن شخصيتن جي باري ۾ اڻ پوري معلومات اچي وئي آهي، ته ڪن جي باري ۾ ڪٿي لهجو سخت ٿي ويو اٿم. اهو سڀ اُن ماحول جو اثر آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته هن وقت هيءَ ڊائري ايتري اهم به نه آهي، پوءِ به ماضيءَ جي زندان خاني جي سوچ جي هڪ جهلڪ ضروري آهي، ان ڪري ڇاپي هيٺ اچي رهي آهي.
آءٌ معذرت ڪريان ٿو، انهن سڀني کان، جن جي هنن صفحن ذريعي جيڪڏهن دل آزاري ٿئي ٿي!
9 جنوري 1985ع
تاريڪ دؤر جي روشن ڪهاڻي ( ماڙين ماريس ڪينڪي )
هي منهنجو ڪتاب ’ماڙين ماريس ڪينڪي، ضياءَ دور ۾ جيل اندر منهنجي ذهني روشنائين جو سفر آهي. هن ڪتاب جا ٻه حصا هئا، جن مان هڪڙو جيل اندر مون تي گذرندڙ ڪيفيتن جي داستان جو ۽ ٻيو حصو جيل کان محترم پروفيسر عالماڻيءَ جي مهربانيءَ سان اسپتال منتقل ٿيڻ کانپوءِ اسپتال اندر محسوس ٿيندڙ ۽ پڙهيو ويندڙ شين جو عڪس هو.
مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جيل اندر مون جيڪو به مواد لکيو، اُهو گُم ٿي ويو ۽ اسپتال اندر جيڪي لکيم سو ئي ’ماڙين ماريس ڪينڪي‘ جي نالي سان ڇپيو هو. هاڻ محترم علي نواز گهانگهرو هن ڪتاب جو ٽيون• ايڊيشن ڇپائي رهيو آهي. ان کان به وڌيڪ مواد جيل اندر لکيل ڪتاب ۾ هو، جيڪو محترم رسول بخش ٿيٻي جي هٿان گم ٿي ويو. مثال طور هن ڪتاب ۾ مون کي ڦٽڪا لڳڻ جو ذڪر نه آهي، جيڪو هُن حصي ۾ هو. مون کي 11 فيبروري 1981ع تي ڏهه ڦٽڪا هنيا ويا، جيڪي ايڏا ته زوردار هئا، جو ستين ڦٽڪي تي ڦٽڪو ٽُٽي پيو ۽ انهيءَ جاءِ تي ٻيو آڻڻو پيو. ان جي باوجود به ٽِڪٽڪيءَ تان لهڻ کانپوءِ مون اسٽريچر تي اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪيو. آرمي ميجر جي سامهون آءٌ زور سان پير هڻندو اسپتال ڏانهن روانو ٿيس ۽ مون کي اسپتال ۾ معمولي ملم پٽيءَ کانپوءِ پنهنجي وارڊ ۾ وٺي آيا، جتي آءٌ اونڌو ستو هئس، ڇو ته سنئين سمهڻ جي گنجائش نه هئي. اُن وقت منهنجو ادبي هم ذوق رسول بخش پليجو مون سان ملڻ آيو ۽ مون کان پُڇڻ لڳو ته: ”ڦٽڪن لڳڻ وقت ڇا محسوس ڪيئي.“ کيس ٻڌايم ته ”ڏاڍي تڪليف ٿي، پر دانهن اُن ڪري نه ڪيم، جو ان وقت مون کي نهرو ياد اچي ويو، جنهن لکيو آهي ته ’سائمن ڪميشن جي بائيڪاٽ وقت لکنوءَ ۾ جلوس جي اڳواڻي مون پئي ڪئي ۽ گهوڙي سوار پوليس لٺيون وسائڻ شروع ڪيون ۽ هڪڙي لٺ منهنجي مٿي ۾ ايڏو زور سان لڳي، جو مٿو ڦاٽي پيو ۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. دل چاهيو ته پوليس جي لٺين کان ڀڄي وڃان، پر سوچيم ته، نهرو جي تون اڄ ڀڳئين ته هندستان جو مستقبل صديون پوئتي هليو ويندو. اها ڳالهه مون به ذهن ۾ رکندي رڙ نه ڪئي ته ’آريسر جيڪڏهن تو اڄ ڌڪ ڌَڪ تي دانهن ڪئي، ته اها سنڌ جي سمورن سياسي قيدين جي دامن تي ڪارو داغ بڻجي ويندي.‘- ۽ هر حال ۾ مون کي پنهنجي سنڌ جي سياست جي عظمت برقرار رکڻي هئي. ان ڪري سڀ سُور پي ويس.
هُن ڪتاب ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي هڪڙي خوبصورت ۽ پياري ورڪر سڪندر اعظم مگسيءَ جو به ذڪر هو، جيڪو اسان جي قومي تاريخدان عبدالله مگسيءَ جو ننڍو ڀاءُ هو، جنهن کي ٽارچر سيل مان جيل ڏانهن آندو ويو هو. هو ايڏو ته خوبصورت هو ڄڻ ته ڇاڇري جي صبح ۾ روهيڙي جو گل. هن روئيندي مون کي ٻڌايو ته: ’سائين! ٻيو ته ٺهيو منهنجي ويهڪ جي جاءِ تي سگريٽ جي ڏنڀن سان لکيو ويو آهي ته ’لو سنڌو ديش‘.
سڪندر اعظم مگسي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيو هو ۽ پوءِ گم ٿي ويو يا آپگهات ڪري ڇڏيائين يا وري ايجنسين مارائي ڇڏيو. بهرحال، هفتيوار گڏجاڻيءَ تي پليجو صاحب مون وٽ آيو ته مون کيس اها وارتا ٻُڌائي ۽ پليجي صاحب مون کي چيو ته: ”مون سان هڪڙو معاهدو ڪيو، جنهن ۾ هي هجي ته پاڻ ان جو انتقام ان طرح وٺنداسين، جو انهن ايذاءَ ڏيندڙن جي به ساڳين جاين تي... “ ۽ مون کي افسوس آهي ته اسين ان تي عمل نه ڪري سگهياسين.
اُن حصي ۾ ماٺيڻي اوٺي جي آپگهات جو به ذڪر هو. ماٺيڻو ٿر واسي هجڻ جي حيثيت سان منهنجو ويجهو هو. وڏي ڳالهه ته جڏهن هو ميرپورخاص ۾ شاگرد هو، ان وقت هُن جي شاعري ’پيغام‘ رسالي ۾ مون ڇپي هئي. ماٺيڻي تي مون تفصيلي لکيو هو. ان مان مون کي اڃا به هڪڙو جملو ياد آهي ته: ’ماٺيڻا پاڻ ٿري ايڏا ڪمزور ته نه آهيون، جو هڪ ڇوڪريءَ جي مُرڪ رُسڻ سان آپگهات ڪري ڇڏيون. پاڻ ته اُن راڻي جا وارث آهيون، جنهن جي رُسڻ تي مومل چِکيا چڙهندي آهي.‘
مون 1978ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ آءٌ سهاڳ ماڻي نه سگهيس، جو 1978ع ۾ آءٌ زندان جي حوالي ٿيس. اُهي سڀ ڪيفيتون مون پنهنجي اُن ڪتاب ۾ لکيون هيون ۽ ڀٽائيءَ جون هي سِٽون سندن عنوان هونديون هيون:
تارا، تِر، تروڪڙيون، مٿن ڦُلڙيون،
کوءِ سي راتڙيون، جي پِرينءَ ريءَ پيئون!
(شاهه)
ان کانسواءِ هڪڙو مزاحيه واقعو به منجهس هو، ته صمد ڪانڌڙو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جساف جو صدر رهيو هو، تنهن کي رحمت الله هيسباڻيءَ ٻئي وارڊ مان چٺي موڪلي ته: ’پيارا ورزش ڪندو ڪر، ڇو ته مضبوط جسم ۾ مضبوط ذهن رهي ٿو.‘ صمد مون کي اها چٺي پڙهائي چيو، ته جواب ڪهڙو لکان، مون چيو ته لک پيارا! پڙهڻ جي ڪوشش ڪر. پڙهڻ سان ئي مضبوط ذهن ٺهندا آهن. جيڪڏهن مضبوط جسمن سان مضبوط ذهن ٺهن ها، ته هندستان جو ليڊر مهاتما گانڌي نه، پر گاما پهلوان هجي ها.“ ان کانپوءِ وري رحمت الله ڪڏهن به هن کي چٺي نه لکي.
هتي هڪڙي تاريخي حقيقت ٻڌائيندو هلان ته ذوالفقار علي ڀُٽي جون ٽي خواهشون هيون:
- نيوز ويڪ جي ٽائيٽل تي منهنجو فوٽو اچي.
- ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي بار کي خطاب ڪريان.
- سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي آرٽس فئڪلٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ مخاطب ٿيان.
- هيءَ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته اُن جون ٽئي خواهشون پوريون نه ٿيون ۽ جڏهن هو اقتدار تان لٿو، تڏهن هن چيو، ”چوڌري..... ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خطاب ڪري سگهي ٿو ته آءٌ به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خطاب ڪري سگهان ٿو. اُنهيءَ وقت صمد ڪانڌڙي، جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾ بيان ڏنو هو ته: ”ڀٽا صاحب! تو چيو هو ته جيڪو ڍاڪا جي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندو، آءٌ ان جون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس ۽ اها تنهنجي تاريخي ۽ سياسي اقتدار واري هَوس جي غلطي هئي، ۽ آءٌ توکي چتاءُ ٿو ڏيان ته جيڪڏهن تون سنڌ يونيورسٽيءَ آئين، ته جساف تنهنجون ٽنگون ٽوڙي ڇڏيندي.“- ۽ نتيجي طور ڀُٽو يونيورسٽي نه آيو. بهرحال هن جون اهي ٽيئي خواهشون پوريون نه ٿيون. جيڪي ماڻهو پنهنجي قومن سان رشتا ٽوڙيندا آهن، تن جو اهڙوئي حشر ٿيندو آهي. بهرحال، جيڪڏهن منهنجي ڪتاب جو اهو حصو ڪٿي به ڪنهن وٽ هجي ته ظاهر ڪري ته آءٌ ٿورائتو رهندس.
15 اپريل 2003ع
صحرا جو آزاد هرڻ ( اسان جيئن جيئي ڪو)
هي پنجن مهينن ۽ چئن ڏينهن تي پکڙيل مسلسل اونداهيءَ رات جو داستان آهي، جنهن رات ۾ هن دُنيا ۽ اُن جي ماڻهن کي صرف اندر جي اک سان ئي ڏسي سگهيس ٿي. اُنهيءَ رات دوران جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، سو مڪمل طرح آءٌ هن ڪتاب ۾ بيان نه ڪري سگهيو آهيان. اُهو اِن ڪري، جو جنهن وقت آءٌ ٻاهر آيس، اُن وقت منهنجو ذهن ۽ جسماني حالت انتهائي هيڻائيءَ کي پهتل هئا، ۽ مون ۾ قلمُ هٿ ۾ کڻڻ جي سگهه به نه رهي هئي. ان ڪري مُون هيءٌ سڄو داستان، زباني طرح پنهنجي دوست اڪبر لغاري [ميرپور خاص واري] کي ٻڌايو ۽ هن اُن کي قلمبند ڪيو. ايڏي وڏي ويهڪ ۽ مسلسل ڳالهائڻ ڪري ٿڪاوٽ غالب پئجي ويندي هئي، جنهن ڪري واقعن، ڳالهين ۽ ڪيفيتن بيان ڪرڻ ۾ ڪوبه ربط ۽ تسلسل برقرار نه رهي سگهندو هو. اُهوئي سبب آهي، جو هن ڪتاب ۾ منهنجي ٻوليءَ وارو رَس ۽ چَسُ مڪمل طرح موجود نه آهي، تنهن ڪري پڙهندڙن کي جيڪڏهن اها کوٽ محسوس ٿئي ته منهنجيءَ اُن حالت کي نظر ۾ رکيو وڃي.
هن داستان جي شروعات، هڪڙي عجيب اتفاق سان ٿي، جو نئين ڪوٽ جي ڀرسان ڳوٺ هيدي لاشاريءَ ۾ اسان جي دوست بشير بيوس اوٺي، ’جشن لطيف‘ ڪوٺايو هو. اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نئين ڪوٽ پهتس ته منهنجي ملاقات، سنڌ جي عوامي شاعر ’بلاول اوٺي‘ سان ٿي، جنهن چيو ته: ”جشن لطيف ۾ ته وڃين پيو، پر آءٌ ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مظفر حسين شاهه اوهان جي تعلقي جو آهي، ۽ سڀ کان پهرين اوهان کي گرفتار ڪرائيندو.“- ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واقعي، آءٌ عمرڪوٽ تعلقي جي رهاڪو، سائين جي. ايم. سيد جي دوست، سيد غلام حيدر شاهه جي پُٽَ، سنڌ جي وڏي وزير، سيد مظفر حسين شاهه جي حڪمرانيءَ ۾ گرفتار ٿيس. مظفر حسين شاهه، اليڪشن کان اڳ ۾ مون وٽ آيو هو ۽ چيو هئائين ته: ”توهان کي خبر آهي ته منهنجي خاندان جا سائين جي. ايم. سيد سان ڪهڙا واسطا رهيا آهن؟ اُهي ايتريقدر ته گهرا هئا، جو سائين جي. ايم. سيد، جناح صاحب سان جن معاملن تي اختلاف ڪيو هو، تن مان هڪڙو منهنجي والد جي ٽڪيٽ جو مسئلو به هو.“ مون کلندي کيس چيو هو ته: ”ها سائين، مون کي خبر آهي، پر اُنهيءَ اختلاف جي نتيجي ۾ سائين جي. ايم. سيد اڄ تائين جيل ۾ آهي. آءٌ به توهان کي ووٽ ڪرائيندس، پوءِ شايد منهنجو حشر به ساڳيو ٿئي!“
مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙيون بيساخته ڳالهيون، جيڪي اڳتي هلي سچ ثابت ٿين ٿيون، سي ڪهڙي قوتَ، انسان کان ڳالهرائي ٿي! جڏهن ته مظفر حسين شاهه جي موجودگيءَ ۾ مون اهو سوچيو ئي ڪونه هو، ته مون سان ڪا اِها ويڌن ٿيندي.
خان غفار خان هڪ ڀيري ٻُڌايو هو ته: ”مون زندگيءَ جو گهڻو حصو دشمنن جي جيلن ۾ گذاريو، پر جيڪو عرصو مون ون يونٽ واري دور ۾ جيل اندر گذاريو، سو انتهائي سخت هو، ڇو ته اُن وقت مغربي پاڪستان جو وڏو وزير منهنجو ڀاءُ هو.“ اهڙيءَ طرح مون به جيلن ۾ ڪافي عرصو سياسي مخالفن جي حڪومت ۾ گذاريو آهي، پر جيڪا سختي، منهنجي ڳوٺائي سيد مظفر حسين شاهه جي دؤر ۾ مون سان ٿي، سا اڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي. حيرت انگيز ڳالهه آهي ته شاهه صاحب جو صلاحڪار، منهنجو پراڻو سياسي رفيق سيد شاهه محمد شاهه هو. اُن مان محسوس ٿئي ٿو ته اقتدار اهڙو انڌو ديوُ آهي، جيڪو رفاقتن جون راهون لتاڙي، پنهنجا پيچرا ٺاهيندو آهي، ۽ پنهنجي اقتدار جي بُکَ مِٽائڻ لاءِ پنهنجن ئي پوڄارين کي کائيندو آهي!
ٽارچر سيل جي هن مسلسل اونداهيءَ رات ۾، جڏهن اها به خبر نه هوندي هئي، ته ٻاهر ڇا وهي واپري پيو، اُن وقت انسان کي اهو سڀ ڪجهه سهڻ جي سگهه، هڪڙي ئي شيءِ بخشي سگهي ٿي: اُها آهي باعزت ۽ باوقار زندگيءَ سان پيارُ- زندگي اهڙي طريقي سان گذارجي، جو فرد کان وٺي اجتماع جي وچ ۾ ماڻهو اوچي ڳاٽ سان ڳالهائي سگهي. معافيون وٺي به ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو، اعترافِ جُرم ڪري به ماڻهو حياتيءَ جي ڏوريءَ کي ڊگهو ڪري سگهي ٿو، ۽ ايجنٽ بنجي به ماڻهو زندگيءَ جي ڏينهن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو: پر اهڙي زندگي، اُهو ڪينسر جو روڳ آهي، جو هر ڏينهن، ماڻهوءَ جي ذهن ۽ ضمير کي اندران ئي اندران ڪوريندو رهندو آهي- ۽ جڏهن اهڙو ماڻهو، خاص ڪري سياسي ڪارڪن، مجمعن ۾ بهادريءَ واريون ڳالهيون ڪندو آهي، ته اُن وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ ڪا هڪ طوائف عصمت جي عظمت تي ليڪچر ڏئي رهي آهي، ۽ هو پاڻ به شايد اِئين ئي ڪندو هجي!
اُنهيءَ ئي اونداهيءَ رات [ٽارچر سيل] ۾ رهندي، مون تي عجيب انڪشاف ٿيا. اي. زيڊ. او (الذوالفقارآرگنائيزيشن) وارن مون کي چيو ته: ”اسان سڀ ڪجهه ٻُڌائي ڇڏيو آهي، ڇو ته ’ڊاڪٽر صاحب‘ [مرتضى ڀُٽي جو مخفي نالو ’ڊاڪٽر صاحب‘ هو] جو اسان کي چوڻ هو ته کل بچائڻ لاءِ ايجنسين وٽ اعتراف ڪجو، پر ڪورٽن ۾ ڦِري وڃجو.“ مون کين چيو ته: ”ايجنسين وارن کي ته معلومات ٿي کپي، ڪورٽن تائين وڃڻ جو ته هنن جو ڪوبه ارادو ڪونهي- ۽ اها معلومات اوهان ڏئي ٿا ڇڏيو، ته پوءِ کَل بچائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اُن مان رڳو توهان جي حيثيت جي هنن کي خبر پوي ٿي، پر توهان جا دوست به هنن جي نظرن ۾ اچن ٿا- ۽ اهو ڪهڙو انقلابي استاد آهي، جيڪو شاگردن کي ضمير بچائڻ جي بدران کَل بچائڻ جي تلقين ڪري ٿو! جڏهن ته دنيا جي انقلابين ته پنهنجن ڪارڪنن کي اها هدايت ڪئي آهي ته: ’ساهه وڃي، پر ويساهه نه وڃي‘-“ ۽ مون کين ٻُڌايو ته ڪيوبا جي انقلاب دوران، هڪ ڇوڪريءَ وٽ سندس ڀاءُ جي اک ڪوري ڪڍي آندي وئي، ۽ کيس چيو ويو ته: ”اسان تنهنجي ڀاءُ جو هيءُ حشر ڪيو آهي، جيڪڏهن تون انقلاب جا راز نه ٻُڌائيندينءَ، ته توسان به اهوئي حشر ڪيو ويندو.“ ته هن جواب ڏنو ته: ”جڏهن منهنجي ڀاءُ پنهنجي اکِ جي روشني ختم ڪري، انقلاب جي روشنيءَ کي اُجهامڻ نه ڏنو آهي ته، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جي محبت کي انقلاب جي محبت تان قربان ٿي ڪريان.“
ها، آدرشن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ديسَ جي ڌرتين تان جلاوطني ۽ وطن جي مٽيءَ تان بيدخلي، چانڊوڪين جي چاهتن ۽ پنهنجي پيارين محبتن کي به قربان ڪرڻو پوندو آهي، ته جيئن ديس تي اهڙو واهُوندو وري، جو محبتون دائمي بنجي وڃن، چانڊوڪين جي روشني جهيڻي نه ٿئي ۽ زندگي، بهارن جا ڳاڙها ڳڀ بنجي وڃي- ۽ ڪوئي نوجوان ڳالهائڻ وقت، پنهنجي اعترافن [جزم جي] جي بار هيٺان جهڪيل ۽ شرمندو نه هجي.
ٻيو انڪشاف مون تي ٽارچر سيل مان ٻاهر نِڪرڻ کان پوءِ اِهو ٿيو ته سنڌ جي هڪڙي خوبصورت تقرير ڪندڙ ليڊرَ پنهنجو اعتراف نامو پنجويهه صفحن تي لکي ڏنو ته: ’اسان واقعي دشمن ملڪ جي ايجنسيءَ سان لاڳاپيل هئاسون، ۽ اُن جي ڪنهن اعلى آفيسر کي اسان هتي جون حساس جايون ڏيکاريو هيون.‘ هُن اهو به لکي ڏنو هو ته: ’آءٌ پنهنجي اُن عمل تي شرمسار آهيان ۽ آئيندي اهڙي حرڪت نه ڪندس.‘ باوجود اُن اعترادف نامي جي، هن کي آزاد نه ڪيو ويو. تڏهن هو اِهو چوڻ لڳو ته: ’بابا! آءٌ جي. ايڇ. ڪيو جو قيدي آهيان ۽ مون کي ڇڏڻ ڪنهن سول حڪومت جي وس ۾ نه آهي.‘
- ۽ پوءِ اُهو ليڊر جڏهن سول حڪومت جي دؤر ۾ آزاد ٿيو، تڏهن چوڻ لڳو ته: ’اسان دؤرن جا قيدي آهيون. هڪڙي حڪومت جي دؤر ۾ قيد ٿيندا آهيون، ٻيءَ حڪومت جي دور ۾ آزاد ٿيندا آهيون.‘
اُن جي ٻئي ساٿيءَ، ٻاهر اچڻ کانپوءِ اهو چيو هو ته: ”آءٌ سياست تان رٽائر ٿو ڪريان، ڇو ته ايجنسين وٽان موٽي اچي سياست صرف اُهوئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو يا ته فولادي عزم جو مالڪ هجي، يا ايجنسين جي چوڻ تي سياست ڪري. آءٌ نه فولادي عزم وارو آهيان، ۽ نه ئي ايجنسين جي چوڻ تي سياست ڪري سگهان ٿو.“• سندس انهيءَ بيان تي اُن وقت جي سنڌي صحافت جي هڪ نه وسرندڙ ڪردار، فقير محمد لاشاريءَ لکيو هو ته ”شعور ڪڏهن رٽائرڊ نه ٿيندوآهي.“ ۽ اُن مضمون ۾ هن منهنجو حوالو ڏنو هو، پر اُن باندي ليڊر جو حوالو نه ڏنو هو.
هتي بنيادي سوال اِهو ٿو اُٿي ته آخرڪار سنڌ جو شعورُ، جيڪو مهاراجا ڏاهر کان سائين جي. ايم. سيد تائين جسم جي ڪپجڻ ۽ ڪورجڻ جي باوجود شڪست قبول نه ڪندو آيو آهي، انهيءَ شعور کي ايترو هيڻو ۽ ذلت واري زندگيءَ سان پيار ڪندڙ، ڪهڙيءَ مٽيءَ بنايو آهي؟ ڇا زندگيءَ سان پيار واري فلسفي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اهو زندگيءَ سان پيار نه آهي. زندگيءَ سان پيار اِهو ئي آهي ته اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ ته پنهنجي قوم جي ٻارن جي چپن تي مُرڪ برقرار رکون، پنهنجيءَ سرزمين جي تقدس کي پائمال ڪرڻ لاءِ ايندڙ قوتن جون ٽنگون ڀَڃي ڇڏيون، پنهنجي ڪنوارين جي اُرهن جي پاڪيزگي ائين برقرار رکون، جيئن مسلمان قرآن جي ورقن، ۽ هندو گيتا جي اشلوڪن جي پاڪيزگي قائم رکندا آهن. ڌرتيءَ جي چانڊوڪي ميرانجهڙي نه ٿئي، مور جي نڙيءَ ۾ گيت اٽڪي نه پون؛ تاڙن جي تنوار کي ڪائي روڪ ٽوڪ نه هجي، ۽ اسان جي ماڻهوءَ جو مانُ اِئين مٿانهون هجي، جيئن حيدر بخش جتوئيءَ جي شهپر جو موڙُ مٿانهون هوندو هو- ۽ ٻي زندگي اها آهي، جيڪا چارلس نيپئر کان وٺي جهانگير ڪرامت تائين سمورن طاقتورن جا بوٽَ صاف ڪندي، نائون مل کان وٺي اڄ تائين جا ڪجهه ليڊر گذاريندا آيا آهن. زندگيءَ سان اهڙو پيار، ڪائي حيثيت نٿو رکي، انهيءَ زندگيءَ تي موت وحشيانه ٽهڪ ڏيندو آهي. اهڙا ماڻهو، جسماني طرح زندهه ۽ ذهني طرح مرده هوندا آهن. بهادر جو موت، هڪ ڀيري ٿيندو آهي، ۽ بُزدل، حاڪمن جي اڳيان پنهنجي عزت سميت بار بار مرندو آهي.
ٻيو سبب ڇا اها حڪمت عملي آهي، ته جيئن تيئن ڪري آزاد ٿيون ۽ پوءِ صفون درست ڪري ٻيهر وڙهون؟ جيڪڏهن اِهو سبب آهي ته اُهو منظم سياسي ادارن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ واري عرصي جو بدترين سبب آهي ۽ خصوصاً ننڍي کنڊ جي روايتن جي بلڪل ابتڙ ۽ انهن کي ملياميٽ ڪندڙ آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا موجود آهن، جن ۾ ڪي قيدي معافي ناما وٺي نِڪتا، ۽ مٿن سندن گهر وارن به ايڏي لعنت ملامت ڪئي، جو اُهي شرم وچان آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
افسوس اهو آهي ته سنڌ جي عام ماڻهوءَ ته ٺهيو، پر اهل قلم صحافين ۽ دانشورن ۾ به اهو جذبو نه رهيو آهي، جيڪو راجستاني سيتا، پختون گُل مهر ۽ سنڌي مٽيارڻ بيبي پير غلام مجدد سرهنديءَ جي والده ’بي امان‘ ۾ موجود هو- ۽ اُنهيءَ جذبي جي اڻاٺ ئي ليڊرن کي حڪمت عملين جي آڙ ۾ بزدليءَ واري زندگي گهارڻ تي مجبور ڪيو آهي، ۽ حاڪمن آڏو سنڌ جي شعور کي ذليل۽ رُسوا ڪيو آهي.
پر آءٌ سمجهان ٿو ته اِهو سبب به نه آهي، ڇو ته ٽارچر سيلن مان ٻاهر ايندڙن جي اڪثريت پنهنجا پراڻا رستا، نظريا ۽ گس بدلائي، اقتداري ايوانن ڏانهن ويندڙ رستا اختيار ڪيا آهن. اِهوئي ڪارڻ آهي، جو اڄ مون کي ۽ منهنجي پارٽيءَ وارن کي اهو چيو پيو وڃي ته ’نوان نعرا، نوان آدرش ۽ نوان رستا اختيار ڪري اچو ته گڏجون، پر انهن کي خبر ناهي ته نعرا، آدرش ۽ نظريا، بلڪل ائين پراڻا نه ٿيندا آهن، جيئن سج جي شفقَ، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ ڪارونجهر جي دلڪشي پراڻي نه ٿيندي آهي- ۽ اها هر نئين ڏينهن نئين هوندي آهي.
ٽيون سبب جيڪو آءٌ سمجهي سگهيو آهيان، سو آهي قومپرستي ۽ عوام دوستيءَ جي نالي ۾ مفاد دوستي ۽ پيٽ پرستي، جيڪا سياسي ڪارڪن کي توبهه تائب ٿيڻ جا دلاسا ڏئي، دولت ميڙڻ لاءِ اُتساهيندي ۽ آقائن اڳيان گوڏا کوڙائيندي آهي- ۽ اُنهيءَ سبب جي ڪري سڄيءَ سنڌ جو شعور گهڻي ڀاڱي عقاب سان اکيون اٽڪائڻ واري سگهه وڃائي ويٺو آهي. پر اُن جو اهو به مطلب نه آهي ته سڄيءَ سنڌ جو شعور ڪو سَنڍ ٿي ويو آهي. اڃا به ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن سَن جي ساگر مان سُرڪي پيتي هئي، سي پنهنجي سڀني اوڻاين، ڪمزورين ۽ عيبن جي باوجود، نيپئر جي وارثن جي سامهون جُهڪڻ کي مارئيءَ جي عصمت جي لُٽجڻ جي برابر سمجهن ٿا. هيءَ سڄو داستان، انهيءَ لازوال سُرڪيءَ جي خُمار آلود ڪيفيتن جو اظهار آهي، جيڪا اڄ به چئي رهي آهي ته:
”آ ءٌ صحرا جو آزاد هرڻ آهيان، جنهن کي به شوق هجي، سو مون کي اچي شڪار ڪري.“ هڪڙي ٻي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، ته ڪنهن ماڻهوءَ کي قيد ڪرڻ ۾، قابض قوتن جو مقصد هوندو آهي، ته هن کي پنهنجيءَ مرضي سان جيئڻ، گُهمڻ، سوچڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ کان روڪڻ- خاص ڪري سياسي ماڻهن کي قيد ڪرڻ جو مطلب عوام سان رابطي ڪٽڻ جي ڪوشش هوندي آهي، جيئن مثبت مقصد ۽ پنهنجي نظريي جي هو پرچار ڪري نه سگهي- ۽ اُن جي ڀيٽ ۾ اهڙين منفي قوتن کي آزادي ۽ حوصلا افزائي ملندي آهي، جيئن اُهي قيد ٿيندڙ ماڻهوءَ جي مقصد جي خلاف ڀرپور پروپيگنڊا ڪري سگهن، جنهن جا ٻه مثال ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ملن ٿا:
(1) ٻي جنگ عظيم دوران ڪانگريس جي سموريءَ قيادت کي قيد ڪرڻ، ۽ مسلم ليگ جي سموريءَ قيادت کي نه رڳو آزادي ڏيڻ، پر سندن حوصلا افزائي ڪرڻ- اهوئي سبب آهي، جو ننڍي کنڊ جي ورهاست جي زبردست تبليغ، اُنهن ئي پنجن سالن 1942ع کان 1947ع دوران ٿي.
(2) سنڌ ۾ سائين جي. ايم. سيد کي مسلسل قيد ۽ نظربند رکڻ ۽ سندس مخالف قوتن کي نه رڳو جسماني آزادي، پر مالي ۽ معاشي آزاديءَ سان گڏ، پروپيگنڊا ڪرڻ جي به ڀرپور آزادي ڏني وئي. نتيجي ۾ سائين جي. ايم. سيد، جنهن کي 1946ع ۾ جناح هڪڙي اهڙي باهه ڪوٺيو هو، جنهن کي وسائڻ جي ڪنهن ۾ به طاقت نه هئي، سو پنهنجي عوام کان مڪمل طرح جسماني، عملي ۽ تبليغي طرح ڪٽجي ويو ۽ اها باهه، جنهن کي جناح ’نه وسامندڙ‘ ڪوٺيو هو. سا وقتي طرح پنهنجو تابُ ۽ تپش برقرار رکي نه سگهي.
- ۽ ٻيو ڪنهن قيديءَ تي تشدد ڪرڻ جو مقصد اِهو هوندو آهي، ته اُن کي ذهني ۽ جسماني طرح ايترو ٽوڙي ڇڏجي، جو هو ڪابه سرگرمي جاري رکي نه سگهي، ۽ پوءِ هو يا ته حڪمرانن جو بوٽ چٽائو بنجي وڃي، يا صوفيت جي فراري طريقي تي عمل ڪندي، گوشه نشين ٿي وڃي.
اهڙي ٽارچر دوران ذهني توڙ ڦوڙ کان اُهوئي قيدي بچي سگهي ٿو، جنهن وٽ ڪوئي ’نصب العين‘ هجي، ڪو آدرش هجي: اهڙو آدرش، جيڪو اکين تي پٽي ٻَڌل هوندي به، هن جي سامهون چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندو رهي. هن کي پنهنجي نصب العين تي ايترو ته يقين هجي، جيترو يقين کيس پنهنجي انسان هجڻ جو هوندو آهي. اهڙي قسم جا ماڻهو، چچريل جسم، رَت هاڻين اکين ۽ بي ست عضون جي باوجود، صحتمند ماريندڙن کان وڌيڪ پنهنجي دل۽ دماغ جي ٻوٽي کي ترو تازه رکندا آهن- جيئن جيولس فيوچڪ، نازي ٽارچر سيل ۾ رَت جون گُرڙيون هاريندي، ظاهر ڪيو هو. جڏهن هن لکيو هو ته: ”توهان مون کي ماري ڇڏيو، پر آءٌ پنهنجن هيڻن چپن سان انٽرنيشنل (ترانو) ڳايان ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته ريڊ آرمي ۽ منهنجي وطن جا گوريلا گڏجي، برلن ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ هٽلر جي کوپڙيءَ تي هٿوڙو هڻي رهيا آهن. فتح اسان جي آهي.“
- پوءِ جيولس فيوچڪ نه رهيو، پر دنيا ڏٺو ته برلن ۾ سڀ کان پهرين جيڪو فوجي دستور داخل ٿيو، سو ريڊ آرمي ۽ چيڪ گوريلن جو هو.
اهو آهي واضح مقصد، ۽ اُن سان مڪمل وابستگيءَ جو مڪمل ثبوت!
سنڌ ۾ بدقسمتي اها رهي آهي ته جيڪي سياسي پارٽيون، گروهه ۽ ٽولا، نالي چمڪائڻ، پيٽ پوڄا، شهرت ۽ نمائش لاءِ سرگرم آهن، تن وٽ ڪو واضح نصب العين نه آهي. ڪڏهن هو اليڪشن جي پٺيان ڊوڙن ٿا، ڪڏهن جمهوريت جو راڳ آلاپين ٿا، ۽ ڪڏهن ’مبهم انقلاب‘ جي ڳالهه ڪن ٿا، پر انهن شين ۾ به سندن ويساهه نه آهي. منهنجيءَ نظر ۾ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن کي پنهنجي آدرش سان عشق هو،ته اهو صرف نذير عباسي هو، باقي ترقي پسندي، جمهوريت پسندي ۽ عوامي انقلابيت جا نعرا هڻندڙ سڀ ڪاپي ڪندڙ آهن- ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته ڪاپي ڪندڙ جي نه ذهني سطح بُلند هوندي آهي، ۽ نه ئي شعوري سطح روشن هوندي آهي.
باقي جيستائين منهنجو تعلق آهي ته آءٌ هڪ اهڙي عظيم انسانَ ۽ اُن جي تحريڪ سان لاڳاپيل هئس، جنهن کي پنهنجي ’نصيب العين‘ جي ڪاميابيءَ ۽ سچائيءَ تي ايترو ئي يقين هو، جيترو سڀاڻي جي سج اُڀرڻ تي ماڻهوءَ کي يقين هوندو آهي، اُن ڪري آءٌ ذهني ٽوڙ ڦوڙ کان بچي ويس- ۽ جڏهن آءٌ آزاديءَ کانپوءِ سنڌ جي اُن عظيم انسان سان مليس ته مون کان پڇيائين ته: ”ڪيئن آهين؟“ مون چيو: ”سائين! ايمان ۽ جان ٻئي سلامت کڻي آيو آهيان.“ چيائين: ”عشق به سلامت کڻي آيو آهين، يا.....؟“ عرض ڪيم ته: ”جي عشق سلامت نه هجي ها، ته ايمان ۽ جان ٻئي سلامت نه رهي سگهن ٿا.“
اُن ڪري، آءٌ ڪارڪنن کي ۽ سنڌي ماڻهن کي اهو مشورو ڏيندس ته قربانيون ڏيو، پر ڪنهن واضح مقصد لاءِ، ۽ اُن مقصد جي سچائيءَ ۽ ڪاميابيءَ تي مڪمل يقين سان. ٻيءَ صورت ۾ قابض قوتن جو ٽارچر، سموريءَ قوم کي چرين ۽ پاڳلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو، -۽ نتيجي طور انهيءَ پاڳلپڻي کان بچڻ لاءِ اوهان اهڙي زندگي پنڻ تي مجبور ٿيندؤ، جيڪا عزت سميت روز مرندي آهي.
سنڌي قوم جي بدقسمتي اها رهي آهي، ته اُن غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ، آزادي ۽ اُن جي لذت ۽ مزن کي ڏٺو ئي نه آهي. سائنس جو هڪڙو اصول اهو به آهي ته جنهن عضوي کان ڪم نه وٺبو آهي، ته اُهو ڪجهه وقت کانپوءِ ناڪاره ۽ آخر ۾ ختم ٿي ويندو آهي. اُنهيءَ اصول موجب سنڌي قوم مان آزاديءَ جي لذتن، مزن، خوشين ۽ مسرتن واري حِس ئي ختم ٿي وئي آهي.اُها صرف سائين جي. ايم. سيد ۽ اُن جي هلچل ئي آهي، جنهن سنڌين کي آزاديءَ جو وساريل خواب ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- ۽ اُهو خواب جيستائين پنهنجن سمورن خوبصورت منظرن سميت سنڌي ماڻهن جي من جي مندرن ۾، سانجهيءَ ٽاڻي ٻرندڙ ڏيئي وانگر روشن نه ٿو ٿئي، تيستائين سنڌ جا نوجوان مختلف نعرن، نظرين، لالچن ۽ سَرابن ۾ ڀٽڪندا رهندا. ۽ پوءِ ٽارچر سيلن ۾ ڪنهن واضح نصب العين نه هئڻ ڪري، ’اعترافِ جرم‘ ڪري، ٻاهر نڪري ايندا.
مون پنهنجي هن داستان ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته مختلف پارٽين جا ڪارڪن، ٽارچر سيل ۾ روئيندا هئا ۽ خدا کان دُعا گهرندا هئا ته ”يا الله! اسان کان هيءُ ڏوهه ٿيو آهي. اُهو معاف ڪر، وري نه ڪنداسين.“ اتي آءٌ کين چوندو هوس ته ”بابا! توهان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، سو ڏوهه نه آهي. پنهنجي عمل تي پشيماني، ڀاڙيائپ جي شروعات آهي. توهان اِهو يقين ڪريو ته اسان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اُهو اسان جو حق هو، ۽ اسان انهيءَ حق لاءِ وري وري جدوجهد ڪنداسين.“
- ۽ مون تي جيڪي الزام مڙهِيا ويا، تن کي مون ڪڏهن به ڏوهه يا جُرم نه سمجهيو، ۽ مون سمجهيو ته اهو منهنجو حق هو. جنهن لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان ۽ ڪندس- ڇو ته مون فلسفي ۾ اهو پڙهيو آهي ته: ’اهو ماڻهو ڊهي پوندو آهي، جيڪو پنهنجي عمل تي پشيمان ٿيندو آهي، ۽ اُن کي ڏوهه سمجهندو آهي.‘ اُنهيءَ معاملي ۾ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي خاص طرح اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته سڀاڻي هو آزاديءَ جي نعري جي ڏوهه ۾، ڪهڙي به امتحان مان گذري سگهن ٿا، پر اُتي اُهي آزاديءَ جي نعري کي جُرم نه سمجهن، بلڪل ائين سمجهن،جيئن محبوبا کي چُمي ڏيڻ سندن حق آهي- ۽ اسان جهڙا ڪمزور ماڻهو ٽارچر سيلن مان ’جان، ايمان ۽ عشق سلامت‘ صرف اُنهيءَ جذبي تحت کڻي آيا آهن، آءٌ سمجهان ٿو ته عشق جي امتحان جا مرحلا اڃا ختم نه ٿيا آهن:
ستاروں سے آگے جہاں اور بھی ہیں
ابھی عشق میں امتحان اور بھی ہیں۔
هن موقعي تي آءٌ پنهنجي سياسي رفيقَ علي حسن چانڊيي، يوسف لغاري، جناب نورالدين سرڪي، ۽ مجيب پيرزادي جو خاص ٿورائتو آهيان، جن مون جهڙي هڪڙي ناتوان فقيرَ جي ڀرپور قانوني مدد ڪئي- ۽ خاص ڪري علي حسن چانڊيي جو احسانمند آهيان، جو ٿرپارڪر مان جڏهن ڪوبه ماڻهو، مائٽُ، ذات وارو به منهنجو پٽيشنر ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، تڏهن هو منهنجو مائٽ سڏائي، منهنجو پٽيشنر ٿيو- ۽ اِئين شايد ئي ڪو وڪيل ڪنهن قيديءَ جو پٽيشنر ٿيو هجي! آءٌ سنڌي پريس جو به شڪر گذار آهيان، جنهن منهنجي ڪيس کي مؤثر طريقي سان کنيو. اُن ۾ خاص طور تي حيدرآباد جي منهنجن دوست صحافين کانسواءِ مرحوم ف. م لاشاري ۽ خاص ڪري سراج ميمڻ جو ٿورائتوآهيان، جنهن ’جاڳو‘ اخبار ۾ مون تي خاص مضمون لکيو، جنهن ۾ لکيائين ته ”آرميءَ وارن هڪ اهڙي ماڻهوءَ ۾ هٿ وڌو آهي، جيڪو صرف دليل جي سياست ڪندو آهي، ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ ڏهه اهڙا ماڻهو پيدا ٿين ته يقيناً سنڌ آزاد ٿي ويندي.“ اُن ۾ آءٌ پنهنجي تعريف تي خوش نه آهيان، پر هن [سراج] جي آزاديءَ سان ڪمٽمينٽ جو سنڌي دانشورن ۾ ڪو جواب ئي نه آهي.
آءٌ خاص ڪري اُن وقت جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جناب ناصر اسلم زاهد جو ٿورائتو آهيان، جو هن سنڌ جي عدالتي وقارَ جو مانُ رکيو، بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙي طرح مولوي تميزالدين جي ڪيس ۾ جسٽس خميساڻيءَ رکيو هو. ناصر اسلم زاهد هڪ عجيب شخصيت آهي، منهنجي آزاديءَ کانپوءِ هوٽل فٽاز ۾ هڪ فنڪشن ٿيو، جيڪو ناصر اسلم زاهد جي اعزاز ۾ سڏايو ويو هو. اُن ۾ مون کي به گهرايو ويو هو، پر اسٽيج سيڪريٽري جيئن ته هڪ خاص گروپ جو دوست هو، اُن مون کي تقرير ڪرڻ لاءِ نه گهرايو، باوجود اُن جي جو لسٽ ۾ منهنجو نالو به هو. اُتي سڀ تقريرون انگريزيءَ ۾ ٿيون، ۽ منهنجي دوست رسول بخش پليجي جڏهن تقرير شروع ڪندي چيو ته، ”آءٌ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ڳالهايان ٿو ته ڪيترا سامعين نه سمجهندا، تنهن ڪري اردوءَ ۾ ڳالهايان ٿو-“ ۽ اُن تقرير ۾ هن ناصر اسلم زاهد جي بي پناهه تعريف ڪئي. اُن کانپوءِ جڏهن جسٽس ناصر اسلم تقرير لاءِ اُٿيو ته هن چيو ته: ”آءٌ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ته نه ويٺو هئس، جو توهان سڀ انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيا آهيو! آءٌ سنڌي آهيان ۽ آءٌ سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندس، تنهن کانپوءِ اردوءَ ۾ ڪندس ۽ آخر ۾ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندس، پر آءٌ حيران آهيان ته پليجي صاحب منهنجي هيڏي تعريف ڇو ڪئي آهي؟ شايد مون ڪڏهن ڪو هن جو ناجائز ڪم ڪيو آهي؟ پر مون کي نه ٿو سُجهي ته ڪو مون ائين ڪيو هجي. ممڪن آهي ته هو هاڻي منهنجي تعريف ڪري، ڪو ناجائز ڪم وٺڻ چاهي ٿو!“
آءٌ هتي اهو واضح ڪندو هلان ته جڏهن آرميءَ وارن مون تان ڪيس واپس ورتو، ته اُن وقت جسٽس ناصر اسلم زاهد اهو فيصلو ڏنو ته: ”ٺيڪ! قيدي بيگناهه آهي، پر پنج مهينا ۽ چار ڏينهن، توهان جيڪا هن جي جسماني، ذهني ۽ مادي سگهه وڃائي آهي، اُنهي تي هرجاڻي جي دعوى جو آءٌ کيس حق ڏيان ٿو- ۽ هو جڏهن چاهي، اهڙو ڪيس داخل ڪري سگهي ٿو.“
آ ستمگر ہُنر آزمائیں،
تو تیر آزما، ہم جگر آزمائیں۔

عبدالواحد آريسر



Book No .753
Kitab Jo Nalo : GHICHI GANA LOH JA (Jail Diary)


by: Abdul Wahid Areeser
New compiled by: Taj Joyo
New Revised First Edition © Roshni 2016
Pages : 400
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 450.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.


اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)