SHAH LATIF JEE SHAIRY
شاهه لطيف اسان جي سنڌي شاعرن ۾ سڀني کان مٿاهون آهي. هن جي حياتيءَ تصوف ۽ ان وقت جي تاريخي ۽ سماجي تبديلين تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. سندس ٻوليءَ توڙي موضوعن کي به گهڻو بحث هيٺ آندو ويو آهي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته جيترو شاهه لطيف جي باري ۾ لکيو ويو آهي، اوترو ڪنهن به ٻئي سنڌي شاعر جي باري ۾ ڪين لکيو ويو آهي. جي ان سموري لطيفي ادب جي ڪٿ ڪبي ته ان ۾ شاهه لطيف جي پرک شاعر جي حيثيت ۾ گهٽ، ۽ وليءَ يا درويش جي حيثيت ۾ وڌيڪ ڪئي ويئي آهي. سواءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي، يا ڪن ٻين ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن يا مضمونن جي شاهه لطيف جي شاعراڻين خوبين جو خير ڪو ڪاٿو ڪيو ويوآهي. سڄي لطيفي ادب تي مذهبي توڙي صوفياڻو اثر ڇانيو پيو آهي.
شاهه لطيف جي اهميت، هن دؤر ۾، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شاعر جي حيثيت سان آهي. هن ڪتاب لکڻ جو مقصد شاهه لطيف جي شاعراڻين خوبين جي ڳولا آهي.
زندهه قومون پنهنجي عظيم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ورثي کي وري وري پيون پڙهنديون ۽ پروڙينديون آهن ۽ انهن جي ادبي ۽ فني خوبين کي ڳولهينديون رهنديون آهن. جيئن جيئن تاريخ اڳتي ٿي وڌندي رهي تيئن تيئن انسان ذات جي علمي مايي ۾ به اضافو ٿيندو ٿو وڃي. ادب ۽ تنقيد جا فن به سائنس وانگر ارتقا پذير آهن. جيئن سائنس ۾ نت نيون کوجنائون ٿينديون رهيون آهن، تيئن ادب ۽ فن کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ سمجهڻ جا نت نوان طريقا ۽ ذريعا ايجاد ٿيندا رهيا آهن. تنقيد جو فن بيٺل پاڻي نه، پر وهندڙ ڌارا آهي. ارسطوءَ جي پوئيٽڪس کان وٺي، ايليٽ ۽ آءِ. اي. رچرڊس تائين شعر کي پرکڻ، پروڙڻ، توڙي ان جي خوبين کي سمجهڻ لاءِ نوان نوان اصول ايجاد ٿيندا رهيا آهن. شعر جو باريڪ بينيءَ سان اڀياس جيترو هن دؤر ۾ ڪيو ٿو وڃي، اوترو ڪنهن به ٻئي دؤر ۾ نه ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب تي هڪ اعتراض ٿي سگهي ٿو- اهو هيءُ ته اڪثر مغربي نقادن جي راين جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو ويو آهي. جيئن اسان سائنس ۾ ايندڙ نون نون نظرين، توڙي نين نين کوجنائن مان فائدو حاصل ڪريون ٿا، تيئن ادب ۾ به ڪري سگهون ٿا. جيئن مغربي سائنسدانن پراڻا ۽ فرسودا نظريا مٽائي ڇڏيا، تيئن ادب جي باري ۾ به آهي. جيئن اسان مغرب جي ايجاد خوردبينيءَ سان گلن، ٻوٽن، توڙي انساني جسم جي باريڪ جوڙجڪ ٿا جاچيون، تيئن ادبي کوجنائن مان فائدو وٺي اسان پنهنجي ادب کي چڱيءَ ريت پرکي، پروڙي ۽ ان مان وڌيڪ حظ حاصل ڪري ٿا سگهون. شيڪسپيئر، خيام يا غالب کي جهڙيءَ ريت گذريل صديءَ ۾ پرکيو ۽ سمجهيو ويندو هئو، انهن شاعرن کي اڄ ان کان مختلف نموني ۾ پرکيو ۽ سمجهيو ٿو وڃي، ڇو ته شعر کي پرکڻ ۽ ان جي ماڻڻ جا نوان طريقا ايجاد ٿي ويا آهن، جي اسان انهن نون طريقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ته شاهه لطيف جي ڪيترن ئي خوبين کان بي خبر رهجي وينداسين ۽ سندس شعرن کي چڱيءَ طرح ماڻي نه سگهنداسين. شاعريءَ کي سمجهڻ، ان جو مزو ماڻڻ، توڙي ان مان حظ حاصل ڪرڻ جا طريقا اڄ بدلجي ويا آهن. قديم چيني شاعري، توڙي ڪلاسيڪي جپاني شاعريءَ جو هائيڪو صدين کان موجود آهن پر سڄو مغرب انهن مان حظ حاصل ڪرڻ اڃا هاڻي سکيو آهي. عڪسيءَ شاعري جي بنياد وجهندڙن ۽ ان جي نقادن، چيني شاعريءَ توڙي جپائي هائيڪوءَ جي نه فقط اهميت وڌائي ڇڏي، پر مغربي شاعريءَکي ان جي اثر هيٺ آڻي ڇڏيو.
اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾، خاص ڪري شاهه لطيف وٽ اٿاهه شاعراڻيون خوبيون آهن، جن جو مون فقط چئن عنوانن هيٺ اڀياس ڪيو آهي. اهڙا ڪيترائي عنوان ٿي سگهن ٿا، جن هيٺ هن عظيم شاعر جي شاعر تي لکي سگهجي ٿو. هيءُ فقط شروعاتي ڪم آهي ۽ في الحال سنڌي اديبن، پارکن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ آهي. جي هن لافاني شاعر جون فني ۽ معنوي خوبيون دنيا جي پارکن جي آڏو رکجن ته شڪ ناهي ته وڏو مقام حاصل ڪن. هن ڪتاب لاءِ ڪيترن دوستن صلاحون ڏنيون ۽ ڪيترن ڪتاب ڏنا. انهن مان خاص طرح آءٌ شيخ اياز، ربانيءَ، رشيد ڀٽيءَ، الهداد ٻوهئي ۽ الياس عشقيءَ جو ٿورائتو آهيان. شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي جي چيئرمن پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ۽ سيڪريٽري مسٽر مظهر يوسف هن ڪتاب جي ڇپائڻ ۾ دلچسپي ورتي ۽ ان کي شايع ڪرڻ لاءِ سڀ سهوليتون فراهم ڪيون. مسٽر پرڀو ناشاد پروف ريڊنگ جو ڪم سرانجام ڏنو. آءٌ انهن مڙني مهربانن جو شڪر گذار آهيان. سڀني کان وڌيڪ ٿورا پنهنجي قمر جا، جنهن سوچڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ آدرشي ماحول ميسر ڪري ڏنو.( 2 جنوري 1976ع )
”شاهه لطيف جي شاعري“ جو پهريون جلد، 1976ع ۾ شايع ٿيو هو. ادبي حلقن طرفان ان کي پسند ڪيو ويو، ۽ شاهه عبدالطيف کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي قدرن ۾ هڪ قدم اڳتي سمجهيو ويو. ان جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾، خاص ڪري شاهه لطيف وٽ اٿاهه شاعراڻيون خوبيون آهن، جن جو مون فقط چئن عنوانن هيٺ اڀياس ڪيو آهي. اهڙا ڪيترائي عنوان ٿي سگهن ٿا.....“
هن جلد ۾، مون ڪجهه وڌيڪ اڀياس ڪري، ٽن وڌيڪ عنوانن هيٺ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي، انهن مان آخري عنوان ”شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون“ اصل ۾ هڪ تقرير آهي، جيڪا مون حيدرآباد ريڊيو تان ڪئي، ۽ ان کي پوءِ ٽيپ تان اتاري ڪجهه سڌاريو ويو. بهرحال اهو مضمون ايڏو اونهون ۽ تفصيلي اڀياس نه آهي، فقط هڪ تاثراتي تقرير آهي.
محترم دوست الياس عشقيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ اڳي وانگر هن دفعي پڻ ڪيترائي مفيد مشورا ڏنا، جن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.
اميد ته اڳئين جلد وانگر، سنڌي ادب جا شائق ۽ شاهه لطيف جا شيدائي، هن جلد کي پڻ پسند ڪندا. سدائين کان وڌيڪ قمر هن ڪتاب لکڻ لاءِ بهترين ماحول ميسر ڪيو.( 20 نومبر 1984ع )
گڏيل ڇاپي جو مهاڳ
هن ڪتاب جو پهريون جلد، 1976ع ۾ شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽيءَ، ڪراچيءَ مان پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾ مون هن عظيم شاعر جو اڀياس هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڪيو. مون سندس فني عظمت کي سندس شعر مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي ادبي حلقن ان کي گهڻو پسند ڪيو ، ۽ ان ڪتاب، شاهه لطيف کي هڪ نئين نظر سان پرکڻ ۽ پروڙڻ جي روايت جو بنياد وڌو. 1965ع جي جنگ جي ڪارين راتين ۾، انتهائي ذهني ڪرب کي دور ڪرڻ لاءِ، مون شاهه لطيف جو اڀياس ڪيو ۽ هيءُ ڪتاب ان دؤر جي اڀياس جو نتيجو هئو.
شاهه لطيف هڪ عمر يا هڪ ٽهيءَ جو شاعر ناهي. اهو لڳاتار ٽهين جو شاعر آهي، ۽ ان جو اڀياس هڪ مسلسل عمل آهي. ٽي. ايس. ايليٽ جي لکڻ موجب ”زنده قومون پنهنجي شاعرن کي بدليل حالتن هيٺ وري وري پيون پرکينديون ۽ پروڙينديون آهن.“ مون شاهه عبداللطيف جو اڀياس جاري رکيو ۽ 1985ع ۾ هن ڪتاب جي ٻئي جلد کي محترم فيروز احمد ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشنس پاران شايع ڪيو.
ڪتاب جا ٻئي جلد اڄڪلهه ناياب آهن. جڏهن فيروز احمد مون کي انهن جي ٻئي ڇاپي لاءِ چيو، ته مون وٽ وري ٽئين جلد جيترو مواد جمع ٿي ويو هو. جنهن مان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر“ هڪ تقرير هئي، جيڪا مون شاهه عبداللطيف ڪئمپس (هاڻي يونيورسٽي) جي استادن جي ائسوسيئيشن جي دعوت تي ڪئمپس ۾ ڪئي هئي، ۽ ٻيو مضمون ”سر گهاتو جو اڀياس“مون ڀٽ شاهه ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس لاءِ لکيو هو، ۽ ان کانسواءِ رنگن جي اڀياس تي هڪ مضمون به گڏيل ڇاپي ۾ شامل آهي.
اڃا به منهنجو اڀياس جاري آهي. اميد آهي ته هن کانپوءِ به شاهه، سچل۽ ساميءَ تي ڪم ڪندو رهندس.
مان محترم فيروز احمد جو ٿرائتو آهيان جو هو صاحب منهنجي هن ڪتاب جي ٽنهي جلدن جو گڏيل ڇاپو شايع ڪري رهيو آهي. هن ’گڏيل ڇاپي‘ ۾ عالمن، اديبن توڙي عام پڙهندڙن کي سڀئي مضمون هڪ جلد ۾ موجود ٿي ملندا، ان ڪري هو هن ڪتاب مان چڱيءَ طرح لاڀ حاصل ڪري سگهندا. ( 15 اپريل 1989ع )
هيءُ نئون ڇاپو، جيڪو روشني پبليڪيشن طرفان شايع ٿي رهيو آهي، ان ۾ ٻه نوان مضمون (شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار ۽ ساڄن سونهن سرت) وڌايا ويا آهن ۽ هڪ ٻن غلطين کي سڌاريو پڻ ويو آهي، جن ڏي مهربان پڙهندڙن ڌيان ڇڪايو. ان کانسواءِ سڄي مواد کي ٻيهر ترتيب ڏئي، مضمونن کي موضوع وار ترتيب سان رکيو ويو آهي. ( 24- جولاءِ 1994ع )
تنوير عباسي
سرمر جو گهرخيرپور
Book No .97
Kitab Jo Nalo : SHAH LATIF JEE SHAIRY
by: Tanveer Abbasi
Fourth Edition © Roshni 2015
Pages :311
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 350.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔




























Comments
Post a Comment