VERAGI JE WANJINA HA
مون سي ڏٺا ماءِ
سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن جي هڪ ئي وقت سياسي ۽ ادبي حيثيت، عبدالواحد آريسر جهڙي هجي. عبدالواحد آريسر، مُنهن ۾ توڙي مَنَ ۾ موسيٰ آهي- هُو آرسي ناهي، شيشو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظرَ ڏسي سگهجن ٿا، زندگيءَ سان ڀرپور منظرَ.
هُن جو تعلق، سدا سهڻي مَن مهڻي سنڌُ جي اُن ڏُتڙيل حصي سان آهي، جتان جي ماڻهن، سخت ڏُڪار ۾ به ڏاڏاڻي ڏيهَه جي ’ولڙين واس‘ کي وِڪيو ناهي ۽ ڌارين جي لوڌن ۽ لشڪرن اڳيان به لوئيءَ جي لڄ قائم رکي آهي-سونهن، سگهَه ۽ سچُ، ٿر جي عظمت جا اُهڃاڻ آهن ۽ اِهي ٽئي شيون، جيئن جو تيئن آريسر کي ورثي ۾ مليون آهن، ڪائي به ڪاري ۽ ڊگهي رات، سون سريکي سورجَ کي اُڀرڻ کان روڪي ناهي سگهي. مسڪين، ڏيپلائي، لغاري، آريسر، سهسين سورج آهن (سڄي سنڌُ سورج آهي!)، جن ٿربر چلڪڻيءَ واريءَ مان ڪَني ڪڍي، ڪوڙ کي شڪست ڏني آهي، رات کي شڪست ڏني آهي.
[ڪتاب] هڪ سچي ماڻهوءَ جي ٻين سچن ماڻهن کي ڀيٽا آهي؛ اهڙو سلوڪ آهي، جهڙو ’بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن‘.
سنڌ ۾ هن کان اڳ ڇپيل خاڪا، سوانحي نوٽَ ۽ تاثر، ڀلي ته آريسر جي هنن لکيل تاثرن کان وڌيڪ دلچسپ هجن، پر اُنهن ۾ شخصيتن جي زندگيءَ جا صرف اُهي رنگ روپَ ظاهر ڪيل آهن، جيڪي ليکڪ کي ذاتي طور نظر آيا آهن، جڏهن ته ڪتاب جي سڀني شخصيتن جي زندگيءَ جا عڪس چِٽا پٽا اسان جي سامهون آهن، صرف آريسر ئي انهن کي پنهنجي ذاتي دوستيءَ يا واسطي جي آئيني ۾ ناهي ڏٺو، پر اسان سڀ/ سڄي قوم اُهي پسون پيا- اُهي سڀ، اسان سڀني جا گهڻگهرا آهن، ساٿي آهن ۽ محسن آهن- ڪڏهن نه وسرڻ جهڙا، ڪڏهن نه وسارڻ جهڙا- ’ڪي ڏُور به اوڏا سپرين!‘
هنن تاثرن ۾ آريسرَ، نه صرف مهان ماڻهن جي زندگيءَ جي حصن کي آڻي اڳيان پيش ڪيو آهي، پر اُن سان گڏ هن، سندن زندگيءَ جي پس منظر ۾ سنڌ جي سماجي حالتَ، ماڻهن جي پنهنجي محسنن ڏانهن بي حسيءَ واري برف جهڙي ٿڌي رويي، [هتي خاص طور تي مسڪين جهان خان کوسي جو حوالو ڏيندس، جنهن پنهنجي سڄي زندگي، ماڻهن لاءِ، ماڻهن جي روشن آئيندي لاءِ دان ڪري ڇڏي ۽ پڇاڙڪن پهرن ۾ لکن ماڻهن جي ميڙ مان ڪنهن هڪ به، هن جي آسروند اکڙيُن کي اچي آسيس نه ڏني- سندس عظمت جي پيرن ۾، پيار جي ٻٽڙن ٻولن جا ڦول ڀيٽا نه ڪيا!]، سجاڳيءَ جي تحريڪن، اُنهن جي سرواڻن ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي ۽ ادبي چڱن ۽ مَندن دورن مان گذرڻ جي وارتا به بيان ڪئي آهي- سولي سنڌيءَ ۾ اُن کي ’هڪ تيرَ سان ٻه شڪار ڪرڻ‘ چئبو.
آريسر جي تقريرن ۽ تحريرن ۾ جا هڪ شيءِ مون کي گهڻو وڻندي آهي، سا آهي، سندس ٻولي: مٺي، سوادي ۽ سونهن ڀري ٻولي، سياست جي پٿرن جهڙي سيني مان، ڦُٽي نڪرندڙ، مٿانهينءَ کان ڪِرندڙ جِهرڻي جهڙي مڌر مڌر ٻولي- سندس لکڻين ۾ شاعراڻيون جهلڪيون ايتريون ته ملنديون آهن، جو مون کي لڳندو آهي، ڄڻ آريسر ڪو جُوڻ مٽايل شاعر آهي يا جُوڻ مٽائي ڪڏهن نه ڪڏهن شاعر بڻبو. سندس لکڻين ۾ تشبيهون به ايتريون ته خوبصورت ۽ نيون نيون استعمال ٿيل هونديون آهن، جو اُنهن کي پڙهي، ذهن جي ڦرهيءَ تي شيخ اياز ۽ آغا سليم جا نانوَ تري ايندا آهن- ڪتاب جا سمورا تاثر به اهڙن ئي سُرن ڀريل ٻوليءَ ۽ سونهن ڀرين تشبيهن سان مُنهن تائين ڀريل آهن، جيئن ڪي هيٺ اُتاريل:
* انسان جي حياتيءَ جي ڏينهن کي موت جو ڪارو ڪانءُ، اَن جي داڻن وانگر چُڳي رهيو آهي. - سائين محمد صالح عاجز تي تاثر
* ”لفظَ، ٻُڌندڙن جي ذهن ۾ ائين پسار ڪري رهيا هئا، جيئن ٺٽي جي ڪا ڪنواري، ڪينجهر ڪناري، پِيا جي اوسيئڙي ۾ پسار ڪندي هجي.“ - سائين حسام الدين راشديءَ تي تاثر
* ”ڏيپلائيءَ جي ڪتابن مُنهنجي ذهن تي جيڪي چِٽ اُڀاريا هئا، سي اڄ به اِئين ياد آهن، جيئن ڪنهن وينگس کي زندگيءَ جو پهريون پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چُمي ياد رهجي ويندي آهي.“
- سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي تاثر
ڪتاب جا تاثر لکي، آريسر، اُنهن امر ماڻهن کي نه رڳو پنهنجي عقيدت اَرپڻ جو ڪم ڪيو آهي، پر هن پنهنجي دور ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ دور جي ماڻهن کي، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کان واقف ڪرائڻ جو جتن به ڪيو آهي، ڇو جو اُهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شخصيت ۾ سنڌ جي تاريخ آهن، سُڃاڻپ آهن. اهڙيون ساهميون آهن، جن جو سچائيءَ وارو پُڙ هميشه ڳرو رهيو آهي. اهڙا ڏيئا آهن، جي سچائيءَ جي منزل ڏانهن ويندڙ، اڻانگن ۽ ڏکين پيچرن تي ٽِم ٽم جَلي، پنهنجي پويان ايندڙن کي ڀُلجي ڀٽڪڻ کان بچائن پيا/بچائيندا رهندا. ليکڪ سان ڪنهن به ڳالهه تي شخصي اختلاف رکڻ کان هٽي، هي ڪتاب، هڪ اهم ادبي حيثيت رکي ٿو ۽ پڙهڻ ۽ پرکڻ ۽ سانڍڻ جهڙو آهي.
آخر ۾ هڪڙو عرض ته هن ڪتاب جو مسودو ڏئي، عبدالواحد آريسر جو حُڪم هو ته ’ٻن ٽن ڏينهن ۾ پڙهي، مهاڳ لکي ڏيان.‘ ڪنهن به ڪتابي مدد کان سواءِ، هيڏي جبل جيڏي ماڻهوءَ جي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ ۽ اُهو به ايتري ٿوري وقت ۾، ڏکيو ئي نه، ڏاڍو ڏکيو هو. ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم، پر سمجهان ٿو، آريسرَ ۽ سندس تحريرن سان انصاف نه ڪري سگهيو آهيان. هونئن به ڪنهن پٺاڻ جي دٻيءَ واري آئيني ۾، ڪينجهر ۽ ڪارونجهرَ جي عڪس کي قيد ته نٿو ڪري سگهجي!
- اياز گُل، عمرڪوٽ، سنڌ
Book No . 739
Kitab Jo Nalo : VERAGI JE WANJINA HA
by: Abdul Wahid Ariser
Compiled by: Taj Joyo
First Edition © Roshni 2015
Pages : 223
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔




















































Comments
Post a Comment