QAOMI TAHREEK AIN QAOMI TAHREEK MAIN RUKAWATOON
قومي آزاديءَ جي تحريڪ جا بنياد
قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي ڪهڙن بنيادن تي بيهارڻ، منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ گهرجي، ڪهڙيون شيون آهن، جن کي اوليت ۽ اهميت ڏيئي، انهن جي تبليغ ۽ پرچار کي قومي آزادي جي تحريڪ جو مرڪز بنائڻ گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي رهنمائن ۽ فلسفين ڪافي سوچ ويچار ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ٻڌايو آهي ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو بنياد انهن شين ۽ قدرن، سوچن ۽ لاڙن تي رکڻ گهرجي، جيڪي هڪ قوم جي تشڪيل ۽ تنظيم لاءِ بنيادي متا ۽ اصول بنجي سگهن. خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن صدين جي ڊگهي غلامي ۽ اُن دوران قابض ڌر جون هاڃيڪار ڪارروايون، قومن مان قوميت جو شعور ۽ احساس ختم ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ان قوم ۾ انيڪ خرابين سان گڏ گروهي، قبيلائي، طبقاتي ۽ ذهني اختلاف، مونجهارا ۽ ويڇا پيدا ڪري کين عزت، مانُ ۽ وقار سان زنده رهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ولولي کان محروم ڪري، ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب جانورن جي ڌڻ ۽ ولر ۾ تبديل ڪري ڇڏينديون آهن.
ڊگهيءَ غلاميءَ دوران محڪوم قوم اهڙي حالت کي وڃي پهچندي آهي، جو ان کي نظرياتي طرح ته هڪ قوم چئي سگهبو آهي، ليڪن قوم جي فردن جي پاڻ ۾ لاڳاپن ۽ ڳانڍاپن لاءِ جيڪي خصوصيتون ۽ خوبيون هئڻ گهرجن، سي بلڪل ختم ٿي وينديون آهن.
ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي مفڪر جو چوڻ آهي ته ’جهڙيءَ ريت ڪوبه ماڻهو اهو نه ٿو ٻڌائي سگهي ته مون کي ننڊ ڪهڙي وقت آئي، يعني ٺيڪ ڪلاڪ ۽ منٽ نه ٿو ٻڌائي سگهي،‘ بلڪل اهڙيءَ ريت ڪنهن قوم جي زوال ۽ پستيءَ جو ڏينهن، هفتو، مهينو ۽ وقت نه ٿو مقرر ڪري سگهجي . البته ڪجهه نشانيون ۽ علامتون، پار ۽ پتا، ڏس ۽ اهڃاڻ آهن، جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي قوم زوال ڏانهن وڃي رهي آهي؛ منجهانئس قومي ترقي ۽ زندگيءَ جو ولولو ۽ تحرڪ ختم ٿي ويو آهي. انهن اهڃاڻن مان سڀ کان وڏو اهڃاڻ ۽ نشان هي آهي، ته قوم جي فردن مان اجتماعي ۽ گڏيل قومي مفادن واري سوچ ختم ٿي وڃي ۽ ان جي جاءِ انفرادي ۽ ذاتي فائدي ۽ ڀلائيءَ جي سوچ ۽ لوچ اچي وڃي ۽ غلبو حاصل ڪري وڃي. يعني قومي ايثار جي بجاءِ پوري قوم جو هر فرد ذاتي خود غرضيءَ ۾ مبتلا ۽ گرفتار ٿي وڃي“. جڏهن قومي زوال جو سبب ئي اجتماعيت جو خاتمو ۽ ذاتي خود غرضيءَ جو پيدا ٿيڻ آهي. [اهي بيماريون خود بخود پيدا نه ٿينديون آهن، پر قابض ڌريون پنهنجي اقتدار ۽ قبضي کي مستحڪم بنائڻ لاءِ اهي بيماريون پيدا ڪنديون آهن.] ته پوءِ قومي تحريڪ کي به انهن شين کي اهميت ڏيڻ گهرجي، جن جي ڪري قوم جي فردن ۾ اجتماعي سوچ، اجتماعي ڪردار، اجتماعي ايثار ۽ گڏيل امنگ پيدا ٿئي.
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن قومي ڇوٽڪاري جي جدوجهد شروع ٿيڻ وقت هڪ قوم پوريءَ ريت ذهني ۽ فڪري طرح اجتماعي سوچ جي جذبي سان لبريز هوندي آهي: جيئن بنگالي، ته ڪڏهن ڪڏهن قومي جدوجهد ۽ هلچل ئي هڪ قوم کي صحيح معنيٰ ۾ متحد، مضبوط ۽ ناقابل شڪست قوم بنائيندي آهي، جيئن ويٽنامي ۽ آفريڪي قومون. پوئينءَ صورت ۾ قومي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جو بنياد، اهڙين شين کي بنائڻ گهرجي، جيڪي پوري قوم ۾ گڏيل ۽ هڪ جهڙي ڪشش واريون هجن.
دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو بنياد (i) ثقافت، (ii) تاريخ، (iii) زبان، (iv) حب الوطني، (v) آزاديءَ جي فائدن تي رکڻ گهرجي.
اهي شيون ۽ وٿون، قدر ۽ گڻ آهن، جن جي ترتيب، تخليق ۽ تنظيم ۾ ساري قوم شريڪ هوندي آهي. ملڪ جي هڪ ڀاڱي کان ٻئي حصي تائين جيڪڏهن قوم جا فرد ڪنهن هڪ شيءِ کي بنا رقابت، بنا حسد، بنا ضد ۽ ساڙ جي پنهنجي سمجهڻ، ان کي زنده ۽ سلامت رکڻ، اُن سان پيار ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳرائيءَ واري جذبي سان ڪوشش ڪري، پنهنجو پاڻ ملهائين ٿا ته اهڙي شيءَ رڳو مٿي بيان ڪيل شين مان هر هڪ ٿي سگهي ٿي. انهن مان هر هڪ شيءِ ان لائق آهي ته پوري قوم جي گڏيل ميراث بنجي، پوري قوم جي پرستش لائق ٿي سگهي، ۽ قوم جو هر فرد پنهنجي عقيدت جا جذبا، پنهنجي محبت جا گل ۽ پنهنجي قربانيءَ جا رت ڦڙا ان کي ڀيٽا ڪري سگهي. جيتري قدر قوم جي فردن ۾ پنهنجي قومي تاريخ، قومي ثقافت، قومي زبان، عظيم ڌرتيءَ جي محبت ۽ آزاديءَ کان پوءِ حاصل ٿيندڙ اخلاقي، ذهني، روحاني، مادي، معاشي ۽ معاشرتي فائدن تي سوچ وڌندي؛ جيتري قدر پنهنجي دل جي ديول ۾ انهن جي مالها جپيندو ۽ جيتري قدر پنهنجي آسروند اکڙين کي انهن جي حسن پسڻ جي اوسيئڙي جو هيراڪ بنائيندو؛ اوتري قدر تيزي، جوش، همت، سچائي ۽ سورهيائيءَ سان عمل جي ميدان ۾ ڪاهي پوندو ۽ هڪ ڏينهن جبر جي هماليه جي چوٽي سر ڪري وٺندو.
قومي تحريڪ جا مرحلا
موجوده دور ۾، هر قومي تحريڪ کي اسان آسانيءَ سان چئن دورن يا مرحلن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
جن مرحلن مان هر قومي تحريڪ جو گذرڻ لازمي آهي، اهي مرحلا، دور، منزلون ۽ پڙاءَ، قومي آزاديءَ جي شاندار، عظيم ۽ لازوال مقصد تي پهچڻ لاءِ ائين فطري آهن، جيئن ڪنهن ماڙيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ تي پير رکڻ. باقي انهن مرحلن مان هر هڪ ڪيترو وقت ٿو وٺي ۽ ڪيترو آسان يا ڏکيو ٿو ثابت ٿئي، سو هر ملڪ جي حالتن تي دارو مدار رکي ٿو. ڪن تحريڪن جي زور، طاقت، مضبوطيءَ ۽ صلاحيتن ڪري اهي مرحلا تمام ٿوري وقت ۾ طئي ٿيو وڃن. ۽ ڪن ملڪن ۾ اڻاين حالتن، منجهيل مسئلن ۽ ڏکين راهن جي ڪري، آزاديءَ جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪيترن ڪونڌرن کي راتين ڏينهن، مهينن ۽ سالن جون ڪيتريون ڦيريون گهيريون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ۽ ڪيترائي ڪئلينڊر بدلائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي.
ليڪن هي ضروري آهي ته هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ واري عرصي ۾ قومي تحريڪ پنهنجي ناتواني، ڪمزوري ۽ بيوسيءَ جي جن ورن وڪڙن ۾ وقت به وقت ڦاسندي، الجهندي ۽ اٽڪندي آئي آهي، تن تي ڪرڙي نظر رکي، ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي.
قومي آزادي جي تحريڪ کي جيترو زور دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف ڪرڻو آهي، اُن کان وڌيڪ گهري سوچ سان پنهنجين ڪمزورين، غلطين ۽ اوڻاين کي ختم ڪرڻ، دور ڪرڻ ۽ انهن کان جان ڇڏائڻ، صفن کي مضبوط، تيار ۽ تيز رفتار بنائڻ لاءِ صرف ڪرڻ گهرجي.
قومي آزاديءَ جي تحريڪ ڪهڙي وقت شروع ٿي ٿئي. ۽ ڪهڙي وقت ٿو عوام ۾ پنهنجي قومي، ملڪي ۽ وطني آزادي، عزت ۽ شاندار زندگيءَ جي آغاز جو احساس ۽ شعور پيدا ٿئي، اها ڳالهه منهنجي خيال ۾ حاڪمن جي، هلت چلت، ڦرلٽ جي طريقن، ديسي باشندن سان برتاءَ، عوام جي معيار زندگي ۽ پيداواري ذريعن جي ڪيفيت ۽ حالت تي منحصر آهي.
قومي آزاديءَ جي تحريڪ مان منهنجي مراد آهي، ’وطن ۽ قوم جي آزاديءَ جي باقاعدي ۽ منظم تحريڪ‘، جنهن جي صفن ۾ فرزندانِ زمين جي هر طبقي ۽ عوام جي اڪثريت جو ڪردار ۽ جدوجهد شامل هجي. ان جي ڀيٽ ۾ غاصبن جي قبضي وقت ’وطن بچايو‘ جي نعري هيٺ وڙهيل جنگ کي اسان قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي مرحلن ۾ شامل ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه وري اهڙي وقت جنگ جي تياري ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڪن مرحلن مان گذرڻ لازمي آهي.
’وطن بچايو، جنگ‘ ۾ گهڻو ڪري صاحب اقتدار گروهه، قبيلو ۽ جماعت ڀرپور حصو وٺندي آهي، ۽ وڏي بهادري، دليري ۽ جرئت سان دشمن کي روڪڻ، پٺتي هٽائڻ ۽ ملڪ بچائڻ جون ڪوششون ڪندي آهي. انهيءَ ابتدائي چڪريءَ ۽ چوٽ ۾ حڪمران جي شڪست وقت حڪمران ۽ ان جي واسطيدار ڌرين سان سامراج ڪهڙو رويو ٿو اختيار ڪري، سو مختلف وقتن ۾ تبديل ٿيندو رهيو آهي. انهيءَ رويي کان قطع نظر وطن جي بچاءَ واري جنگ ۾ حصو وٺندڙ مجاهد ٻن روپن ۾ اسان جي سامهون آيا آهن:
پهريون هي ته هو دشمن جي طاقت، تشدد ۽ رعب کان ايترو هيسجي ويا آهن، جو آڻ مڃي ماٺ ڪري ويهي رهيا آهن ۽ هر قسم جي باغيانه چر پر ۽ هلچل جو خيال ئي ڇڏي ڏنو اٿن. اهڙيءَ حالت ۾ عوام جيڪو شاهه پرست ۽ شخصيت جو مڃتائو هوندو آهي، سو وڏن جي خاموشي ڏسي ماٺ ڪري ويهي رهندو آهي ۽ اڳين حاڪمن وانگر نون حاڪمن جو به سلامي ٿي رهندو آهي. نوان آيل حاڪم جيڪي اوبر جا ٽڪر، رعايتون ۽ مٿاڇرا فائدا ڏيندا آهن، تن لاءِ هو سندن شڪر گذار ٿي رهندو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ تمام دير سان شروع ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.
ٻيو هي ته جنگ ۾ شڪست جي باوجود ڪي جانٺا ۽ باغي سردار، جوان همت ۽ دلير شهزادا، باغيرت ۽ حوصلي مند سپاهي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پهاڙن، جهنگلن، ٻيلن، ريگستانن ۽ بندرگاهن جي ڪنارن تي پنهنجي جنگ جاري رکيو ايندا آهن. انهن جي سُتيءَ ۾ آڻ جو مٺاڻ پيل نه هوندو آهي. انهن جي رت ۾ بي همتي ۽ بزدليءَ جو پاڻي مليل نه هوندو آهي. انهن جي پيشانين تي ’موٽڻ جنين ميهڻو‘ جي تحرير لکيل هوندي آهي. انهن جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ قومي ذلت تي صبر جو اکر لکيل نه هوندو آهي. اهڙا ماڻهو بيابان جي وڻ ۽ واچوڙي ۾ اڏامندڙ باز وانگر اڪيلا، ڇڙوڇڙ ۽ ڌار ڌار رهندي به وطن جي جنگ وڙهندا رهندا آهن، جيتوڻيڪ اها جنگ منظم گوريلا جنگ ڪانه هوندي آهي، پوءِ به آهستي آهستي هلندي رهندي آهي. ڪڏهن هڪ گولي ۽ ٻي گوليءَ جي ٺڪاءَ جي وچ ۾ مهينا ۽ سال گذري ويندا آهن، دشمن مطمئن ٿي ويهي رهندو آهي، عين انهيءَ وقت اوچتو ڪنهن جهنگل مان گوليءَ جي ٺڪاءَ ۽ تير جي سرڙاٽ سان غاصب جي دل ۾ موت جي ڏڪڻي پيدا ٿي پوندي آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ مقابلي، ويڙهه ۽ مزاحمت جي اها ڌيمي رفتار ۽ حملن جي بي ترتيبي اڳتي هلي منظم قومي تحريڪ جي اوسر جو سبب بنبي آهي، ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جلدي پيدا ٿيندي آهي. پر قومي تحريڪ جو جلدي پيدا ٿيڻ هن ڳالهه جي ضمانت ناهي ته اها ڪامياب به جلدي ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن دير سان پيدا ٿيندڙ قومي تحريڪ جلدي ڪامياب ٿيندي آهي؛ جيئن بنگلاديش ۾ ۽ ڪڏهن جلدي پيدا ٿيندڙ قومي آزاديءَ جي تحريڪ تمام دير سان ڪاميابي ماڻيندي آهي: جيئن ويٽنام، انگولا وغيره ۾.
هتي هڪ ٻيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. اها هيءَ ته ’وطن بچايو‘ جنگ ۾ جيڪي ماڻهو وڙهندا آهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ رت جو نذرانو پيش ڪندا آهن، سي جيتوڻيڪ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وقت جي حڪمران سان وابسته هوندا آهن ۽ انهن جي تائيد، حمايت، مدد ۽ پٺڀرائيءَ لاءِ عوام جي اڪثريت ڪانه هوندي آهي. تاهم قومي آزاديءَ جي تحريڪ اڀرڻ، اُسرڻ، ڦلجڻ ۽ ڦولجڻ دوران انهن ماڻهن جي ڪردار جي پختگي، حوصلي جي بلندي ۽ حب الوطنيءَ کي وڌ کان وڌ ساراهيو ويندو آهي. اُنهن جي قربانين جي يادن جي چراغن ذريعي عوام جي دلين ۾ روشني پيدا ڪئي ويندي آهي.
ڌرتيءَ جي سدورن پٽن کي صرف هن ڪري نظر انداز ڪري ڇڏڻ ته اهي شڪست کاڌل آهن، انتهائي درجي جي مڪاري ۽ منافقي آهي ۽ اهڙي قسم جي تبليغ ڪندڙ ماڻهو ڄاڻي واڻي آزاديءَ جي قومي انقلابي تحريڪ ۽ حب الوطنيءَ جي مقدس جنگ جي وچ ۾ هڪ قسم جو خلا، دوري ۽ ڌاريائپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ قومي تاريخ جي تسلسل کي ڪٽي، تاريخ ۾ انساني ڪردار کي مسخ ڪرڻ جو ڪڌو ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجي [مدبرانه] حيلن حوالن سان رستن کي وڌيڪ ڏکيو پيچيدو ۽ مشڪل بنائڻ جي چڪر ۾ ڦرندا رڙهندا گيسرون ڪندا رهن ٿا.
’وطن بچايو‘ جنگ ۾ وڙهندڙ ماڻهن جي پيش نظر صرف پنهنجي اقتدار ۽ تخت بچائڻ جي خواهش ڪانه هوندي آهي، پر ان سان گڏ ۽ اُن کان وڌيڪ حب الوطني ۽ ڌرتيءَ سان پيار جو اکٽ جذبو ڪارفرما هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ارغونن جي حملي وقت سنڌ جي بچاءَ جي مقدس جنگ ۾ جتي مخدوم بلاول، دولهه دريا خان شهيد ۽ سندس ٻن فرزندن موٽڻ ۽ محمود پاڻ ملهايو، اتي نوابشاه جي سهتن ۽ عمرڪوٽ جي سوڍن، عاليشان ۽ شاندار حب الوطنيءَ جو مظاهرو ڪندي جنگ ۾ ڌر ٿيڻ قبوليو. اڳتي هلي سمن جي مڪمل شڪست کان پوءِ باغبان جي سولنگين، بکر جي ڌاريجن ۽ اوٻاوڙي جي ماڇين جون ويڙهون، سر زمين سنڌ سان عشق ۽ محبت جو کليو ثبوت آهن.
مغلن جي حڪمرانيءَ وقت، شورن، انڙن، دلن، ٻٻرن، سميجن، چانڊين، ٻگهين، لاکيرن، سهتن ۽ ٻين قبيلن جون سرڪشيون ۽ بغاوتون، چڪريون ۽ چوٽون، حملا ۽ هلائون، نافرمانيون ۽ شورشون، آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو شاندار باب آهن، جنهن سنڌ جي تاريخ کي شاندار بنائي ڇڏيو آهي.
عربن جي اچڻ کان پناهگيرن جي يلغار تائين، سنڌ جي حڪمرانن ۽ عوام طرفان وطن جي آزاديءَ ۽ بچاءَ لاءِ مزاحمت ۽ ويڙهه جو ڊگهو تاريخي تسلسل موجود آهي. اهڙي تسلسل جي موجودگيءَ مان ڪا به قومي تحريڪ پنهنجي بنيادن کي مضبوط، پڪو ۽ پختو ڪرڻ لاءِ ڪافي روشني، رهبري ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿي.
انگريزن کان ڇوٽڪاري وقت سنڌ جي قومي هيرن ۽ انهن جي ڪارنامن ڏانهن ڪنهن به ڌيان ڪونه ڏنو، ڇو ته اها جدوجهد صحيح معنيٰ ۾ قومي ڇوٽڪاري جي تحريڪ هئي ئي ڪانه.
ليڪن ”ون يونٽ ٽوڙيو“ تحريڪ دوران سنڌ جي قديم قومي هيرن ۽ انهن جي ڪارنامن کي جوش ۽ عقيدت سان کنيو ۽ اڀاريو ويو. ڇو ته قومي تحريڪ جي آغاز ۾ پنهنجي قديم هيرن جي ڪارنامن جو تازو ٿيڻ ۽ انهن تي فخر ڪرڻ دنيا جي قومي تحريڪن جو مڃيل ۽ مروج اصول آهي ۽ [ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ] صحيح معنيٰ ۾ قومي تحريڪ ڏانهن وڌڻ جو سانباهو هئي.
انهيءَ پوري پس منظر ۾ قومي تحريڪ جو پهريون مرحلو شروع ٿيندو آهي. انهيءَ مرحلي جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪن دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جي تخليقن ذريعي وطن جي محبت سان گڏ محرومي، حق تلفي ۽ ويچارگيءَ جو احساس ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پکڙجڻ لڳندو آهي. ڪي نعرا هوا جي ڪلهن تي چڙهي ملڪ جي فضا ۾ پکڙجي، وطن واسين جي ذهنن ۾ مسرت ۽ محبت جا ٿڌڙا ڪڍندا رهندا آهن. انهيءَ دور کي اسان قومي تحريڪ جي اوسر جو دور يا قومي تحريڪ جو خودرو [پاڻ پيدا ٿيل] دور چئي سگهون ٿا.
انهيءَ دور جي ڊگهي ٿيڻ تي ڪن سوچيندڙ دماغن ۾ ملڪ اندر پکڙيل خام مواد کي گڏي، هڪ ترتيب ۽ تنظيم جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ ۽ هڪ منزل طرف سوچ، سمجهه، صلاح، مشوري ۽ دانائيءَ سان هلائڻ جو خيال ۽ شعور پيدا ٿيندو آهي. جنهن وقت اهڙي قسم جي سوچ گهڻن دماغن ۾ گڏجي فڪر ۽ عمل جي هڪجهڙائي پيدا ڪري ٿي، اُن وقت صحيح معنيٰ ۾ قومي تحريڪ جو پهريون مرحلو شروع ٿئي ٿو. جيئن ته انهيءَ دور ۾ صرف تنظيمي عمل جي تڙپ ۽ تات اڀري ٿي، ڪا تنظيم وجود ۾ اچي ٿي، تنهن ڪري ان کي اسان تنظيمي مرحلو چئي سگهون ٿا.
قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون
هن وقت تائين ذڪر ڪيل قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي بنيادن ۽ مرحلن مان هرگز اهو نه سمجهڻ گهرجي ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ آسانيءَ سان پنهنجي مرضيءَ پٽاندر اڳتي وڌندي، ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيندي آهي، ۽ اهي طاقتون، جيڪي صدين کان هڪ قوم ۽ ملڪ جو رت ست چوسينديون رهنديون آهن، سي آسانيءَ سان قبضو خالي ڪري، اقتدار قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي حوالي ڪري هليون وينديون آهن. معاملو انهيءَ سوچ سمجهه جي بلڪل ابتڙ آهي. ڪابه قابض طاقت ۽ ڌر آسانيءَ سان ڪڏهن به قبضي تان دستبردار نه ٿي آهي. طاقتور جي دل ۾ نه ٻارڙن جون چيخون نرمي پيدا ڪري سگهنديون آهن. ۽ نه وري ڪنوارين جون ڪيهون ۽ نه وري انگ اگهاڙن انسانن جا سُڪل پيٽ. دنيا ۾ هي ڏٺو ويو آهي ته هڪ چور جي دل ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿيو ۽ هن چوريءَ جو مال ڇڏي ڏنو؛ هڪ ڌاڙيل جي دل ڪنهن عورت جي اوساري تي پوسرجي ويئي ۽ هو بنا ڌاڙي هڻڻ جي هليو ويو؛ هڪ قاتل جي دماغ تي مظلوم جي دانهن هٿوڙي وانگر لڳي ۽ هن ڪهاڙيءَ جو وار روڪي ڇڏيو؛ هڪ ڪفن چور، مُردي جي چهري جي بيڪسيءَ تي هراسجي هليو ويو هجي. انساني سماج جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پيئي آهي، پر سامراجي قوتن جي پوري سرگزشت اهڙن واقعن ۽ احساسن کان ائين ئي خالي آهي، جيئن وياج خور جي دل محبت کان خالي هوندي آهي.
سامراجي قوتن ڪڏهن به آسانيءَ سان قبضو نه ڇڏيو آهي. ڪڏهن به حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن قوم جي پيدائشي حق تسليم ڪرڻ ۾ فراخدليءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي. ڪڏهن به نه سوچيو اٿن ته اسان جو قبضو، تسلط ۽ جبر ڪو ناجائز، ۽ حقيقت جي خلاف آهي؛ ان ڪري اسان کي وڃڻ گهرجي، قبضو ڇڏڻ گهرجي ۽ حق حقدارن جي حوالي ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ذهنيت جي آڌار تي اهي قوتون قومي تحريڪ جي اوسر کان وٺي اُن جي ڪاميابيءَ تائين، اُن جي راهن ۾ بيشمار رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهنديون آهن ۽ بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اُهي، قومي تحريڪ جي زندگيءَ سان ڀرپور وجود لاءِ هر اهڙو هٿيار، حيلو، حوالو ۽ اٽڪل استعمال ڪنديون آهن، جيڪو زهر بنجي قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي بي جان ۽ مردو بنائي وجهي.
دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سامراج، بي پناهه وحشيانه تشدد، هڪ قبضي ڪرڻ وقت ڪندو آهي ۽ ٻيو قبضي ڇڏڻ کان اڳ ڪندو آهي.
قومي تحريڪ آزادي، پنهنجي آخري منزل تائين پهچڻ لاءِ جيئن جيئن اڳتي وڌندي ويندي آهي، مرحلا طئه ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن سامراج اُن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ رنڊڪون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ويندو آهي. هو نهايت هوشياري ۽ ڪاريگريءَ سان قومي تحريڪ آزاديءَ جي وڌڻ ويجهڻ، ترقي ڪرڻ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ کي روڪيندو آهي.
قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي روڪڻ، ناڪام بنائڻ يا اُن جي رفتار کي سست ڪرڻ لاءِ سامراج جي جهوليءَ ۾ بيشمار هٿيار، چالون، حرفتون ۽ اٽڪلون هونديون آهن. اڻ ڳڻيا مهرا ۽ انيڪ پتا هوندا آهن. جن کي موقعي، مهل تي استعمال ڪري، هو قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي ناڪام يا سست رفتار بنائيندو آهي.
قومي آزادي يا سوشلسٽ سماج لاءِ هلندڙ انقلابي تحريڪون، سامراجي حرفتن ۽ اٽڪل بازين جو شڪار ٿي، سست رفتاريءَ سان اڳتي وڌيون آهن ۽ جلدي حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون، دير سان حاصل ڪيون، اٿن اهڙين تحريڪن جي رهنمائن پنهنجي انهيءَ سست رفتاريءَ جو نالو رکيو: ”طويل ورن وڪڙن ۽ پيچرن واري انقلابي جنگ“. انهيءَ طويل انقلابي جنگ کان پوءِ عوام تي وري جبري محنت ۽ مشقت لاڳو ڪري ملڪي شان شوڪت، چمڪ دمڪ وارا هٿيار ته ايجاد ڪري ورتائون، ليڪن عوام جي معيار زندگيءَ ۾ ڪو به فرق يا ڦيرو نه آيو.
بهتر اهو، هو ته طويل انقلابي جنگ جا خالق، اهو اعتراف ڪن ها ته فلاڻن موقعن ۽ مرحلن تي اسان سامراجي سازشن جو شڪار ٿي وياسين. سامراجي چالن، اسان جي رستي، راهه ۽ پنڌ کي وڌيڪ مشڪل، ڏکيو ۽ اڙانگو بنايو ۽ اسان جي تنظيم، سامراجي سازشن کي بروقت ناڪام بنائي نه سگهي، ڇو ته انهن سازشن کي سمجهي نه سگهي.
هيءَ ڳالهه صاف آهي ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ آزادي ۽ خودمختياريءَ جي جنگ جوٽڻ جو جذبو، پنهنجي انتها ۽ عروج تي پهچي ويندو آهي، اُن وقت قابض طاقت کي يقين ٿي ويندو آهي ته هاڻي هڪ ڏينهن مون کي هتان ٽپڙ ويڙهڻا پوندا، ان ڪري هوءَ چاهيندي آهي ته جنگ جيتري طويل ٿئي، اوترو چڱو، ان مان هڪ ته مقبوضه ملڪ جا پيداواري ذريعا تباهه ٿيندا ويندا ۽ ان کي وڌيڪ لٽ مار جو موقعو ملندو. ٻيو هي ته ڊگهيءَ جنگ مان ماڻهو ٿڪجي بيزار ٿي ويهي رهندا ۽ آزاديءَ جي جنگ مان نڪتل مايوسيءَ جي شڪار فردن سان حاڪم ٽولو، وڏا خطرناڪ ۽ پنهنجي لاءِ فائديمند ڪم وٺندو آهي. قومي جنگ مان نڪتل فردن جي جاءِ ڀرڻ لاءِ نون ڀرتي (ٿيل) ٿيندڙ ماڻهن جي تياري قومي تحريڪ لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته قومي آزادي جي جنگ ۾ شريڪ عوام، جنگ مان بيزار ٿي دشمن فوج لاءِ رستا ٺاهڻ ۽ بيرڪن تعمير ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو آهي.
فرانزفينن، آفريڪي قومي آزاديءَ جي جنگين جي متعلق لکندي، الجزائر، ڪانگو، انگولا ۽ ڪن ٻين آفريڪي ملڪن ۾ عوام جي انهيءَ ذهني تبديليءَ جا مثال ڏنا آهن. هن ڊگهي آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ قومي ملڪيت جي بهاني عوام کان جبري محنت وٺڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي ۽ اقتصادي بدحاليءَ جا مثال پڻ ڏنا آهن.
موزمبيق جو مثال اسان جي سامهون آهي، اهو ملڪ اڄ ڏڪار جي حالت ۾ آهي ۽ پاڪستان جهڙي پٺتي پيل ملڪ کان فني امداد وٺڻ تي مجبور آهي.
انهيءَ ڪري قومي آزاديءَ جي جنگ جيتري مختصر ٿئي، اوتري سٺي آهي. ۽ پرامن طريقي سان قومي آزادي حاصل ٿئي ته ان جهڙي ڪا ٻي نعمت ٿي نه ٿي سگهي. ليڪن پرامن قومي آزاديءَ جي جنگ ۾ به سامراج رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو ۽ پيدا ڪندو رهيو آهي. ان لاءِ ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو مثال اسان جي سامهون آهي. سامراجي ملڪ ۽ قومون، آزاديءَ جي جنگ ۾ جيڪي رڪاوٽون پيدا ڪندا آهن، سي آزاديءَ جي تحريڪن جي مطالعي کان پوءِ مون کي هيٺيون نظر آيون آهن:
(i) قبيلي وار تنظيمون (ii) مذهب
(iii) ذاتي رنجشون (iv) هٿرادو ليڊر
(v) دانشور جو ٻٽو ڪردار (vi) قومي سرمائيدار ۽ وڏيرو
(vii) ناپائيدار مسئلا (viii) لاڙن ۾ تبديلي
(xi) جبر ۽ لڙائي.
موجوده دور ۾ قومي آزاديءَ جي جنگ، جيئن نوان تجربا ڪندي، سامراج جي حربن کي بيڪار بنائيندي، اڳتي وڌي رهي آهي، تيئن سامراج طرفان اُن جي تيزي، تيز رفتاري ۽ فتحمنديءَ کي روڪڻ لاءِ نوان نوان طريقا ۽ چالون ايجاد ٿينديون پيون وڃن.
اهڙيءَ حالت ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي رهنمائن جو فرض ٿئي ٿو ته اُهي نقالي، تقليد ۽ ڪتابن جي پراڻين سٽن جي گس وٺڻ بجاءِ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي سان انهن رڪاوٽن جو حل پيش ڪن ۽ قابض ڌرين جي چالن کي ناڪام بنائي، اونداهين مان پنهنجي قومي ٻيڙيءَ کي سلامتيءَ سان ڪناري تائين پهچائين. قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ پڙهندي، هر مرحلي ۽ هر ميدان ۾ اسان کي اهي رڪاوٽون ۽ انهن تي داناءَ اڳواڻن جون فتحيابيون نظر اچن ٿيون ۽ قابض طاقت جون پيدا ڪيل رڪاوٽون، هنن جي تحريڪ ۽ تنظيم ۾ تمام گهٽ اثر انداز ٿي سگهيون آهن.
Book No . 738
Kitab Jo Nalo : QAOMI TAHREEK AIN
QAOMI TAHREEK MAIN RUKAWATOON
by: Abdul Wahid Ariser
First Edition © Roshni 2015
Pages : 180
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔




































Comments
Post a Comment