SAHIWAL JAIL JEE DAIRY

























ساهيوال جيل جي ڊائري پڙهندي، ذهن ۾ بي اختيار شيخ اياز جي ڪتاب ’ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ جي شروعات ۾ ڏنل ايمرسن جا اُهي لفظ اُڀري آيا؛ جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ’اُهي ناول درجي بدر جي دلپذير ڊائريون ٿيندا ويندا، بشرطيڪ ڪوئي پنهنجي محسوسات مان اُهي احساس چونڊي سگهي، جي واقعي هن جا هجن ۽ هو سچ سچائيءَ سان لکي سگهي.“
مان سمجهان ٿي اِهي دانشوراڻا ٻول ان ڊائريءَ سان سورنهن آنا ٺهڪي ٿا اچن، ڇو ته ان ۾ اُهي ئي نفيس احساس چونڊيا ويا آهن، جيڪي واقعي اياز جي دل جا ترجمان آهن، ته سچ به پوري سچائيءَ سان لکيو ويو آهي، جنهن ۾ قيد و بند جون عقوبتون، دوستن جون دلنوازيون، انقلابين جا احوال، علم و ادب جي عميق گهراين کان ويندي پِريان سندي پار جون مڙئي مٺايون، ڏاڍي چيت ۽ چاهه سان موجود آهن.
ادب ۾ هر حقيقت داخلي هوندي آهي، جنهن کي محض خارجي حقيقت نگاري نٿو چئي سگهجي. سڀ کان گهري حقيقت ته  اُهي يادگيريون، تصور، مقصد، خواهشون ۽ احساس آهن، جيڪي انسان جي اندر جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڪو اديب جيڪڏهن ڪنهن واقعي کي زندگي بخشڻ چاهيندو آهي ته کيس اهي داخلي ڪيفيتون اُجاگر ڪرڻيون ئي پونديون آهن، ڇا ڪاڻ ته واقعن جو انسانن سان واسطو آهي جن کان سواءِ اُهي بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا.
ڪال ڪوٺڙيءَ اندر مختلف موڊز ۾ لکيل هي ڪتاب اياز جي آتم ڪهاڻي جو انمول حصو، انساني نفسيات جو مطالعو ۽ پنهنجي دور جي سياسي توڙي سماجي حقيقت جي گذريل طوفانن جي تاريخ به آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جون دفن ٿيل چيخون،ڄڻ ساري سنسار کي ڦاڙي نڪرن ٿيون، جن جي گونج روح ۾ ربابن جيان وڄندي رهي آهي.
مستقبل ۽ ماضيءَ ۾ اڳتي پٺتي سفر ڪندي، واقعن جي تسلسل کي ڪجهه اهڙيءَ ريت برقرار رکيو ويو آهي، جو هڪ ڀرپور شخصيت پنهنجي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن سميت، اکين آڏو اچيو ٿي بيهي. مرڪزي نقطي کي ڪردارن ۽ واقعن جي ذريعي وڌ کان وڌ اجاگر ڪري، هن ڊائريءَ کي ڄڻ ناول جي رنگ ۾ رنگيو ويو آهي، جنهن جي نثر ۾ شاعريءَ جهڙو ترنم سمايل آهي.
جيستائين اياز جي شخصيت جو تعلق آهي، اها هن ڊائريءَ ۾ واضح طور نظر اچي ٿي ته هو نه رڳو ماهر قانون دان، سياسي مفڪر، دانشور ۽ عظيم شاعر آهي، پر ساڳئي ئي وقت هڪ نرم دل ۽ ٻاجهاري طبيعت وارو انسان به آهي، جنهن فن، ادب، اسلاميات، تاريخ ۽ مارڪسزم نظريات جو نهايت گهرو مطالعو ڪندي، پيٽر اٽول جي اداڪاريءَ کان ناظم حڪمت جي شاعريءَ تائين، ثقافت جي هر پهلوءَ ۾ گهڻي دلچسپي ورتي آهي. ڪٿي هن جي شخصيت نهايت شفيق پيءَ جي حيثيت ۾ اڀري ٿي ته ڪٿي هو شريڪ زندگيءَ سان بي پناهه قربن جا اظهار ٿو ڪري. گهريلو زندگيءَ کان علاوه ٻاهرين دوستين کي به خوب نڀائيندي، هن گهٽ نه گهريو آهي، جيڪي کيس ايتري قدر عزيز تر آهن، جو انهن جي قربت جي اظهار ڪرڻ کان به قاصر آهي.
اياز پنهنجي ڪمزورين کان باخبر رهندي، ڪڏهن به انهن تي ڪو زر ڪاري غلاف چاڙهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، جيئن اڪثر دانشور ڪندا آيا آهن. ان جي برعڪس هن جنهن جرئت سان پاڻ کي پڌري پٽ پيش ڪيوآهي، تنهن ۾ نه ڪو رک رکاءُ آهي نه ئي ڪا ذهني سينسرشپ.
محبتن جي امرتا کي اياز کان وڌيڪ شايد ئي ڪو سمجهندو ۽ ڄاڻندو هجي، تڏهن ته اهي وقت جي واريءَ ۾ لٽجي، دٻجي وري وري اڀري ٿيون اچن..... هن جي من ۾ واسو ڪرڻ لاءِ...هن جي گيتن تي سُرمئي گهٽائن جيان ڇانئجي وڃڻ لاءِ، کيس پنهنجو پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ.
گذريل حياتيءَ جي اذيت ناڪ لمحن مان لنگهندي به هن تصنيف ۾ ورلي ڪو ٿڌو ساهه ملندو، ايئن نه ٿو محسوس ٿئي ته سڪ، سونهن ۽ جوڀن ڪي جَر تي ڦوٽا آهن. انهن کي پنهنجون حقيقتون آهن، دائمي حقيقتون......  جي دل کي راحت ۽ سڪون ڏين ٿيون. زندگيءَ جي ناپائيدارين کي چڱي ريت ڄاڻندي به ان جي مطالعي جو مجموعي تاثر اياز وٽ مايوسي ۽ غمگيني نه پر زندگيءَ ۾ ويتر پختو يقين آهي. بسنت رُت جيان نکريل نکريل سونهن ۽ ساڀيا هن لاءِ خوشيءَ جو اهڙو ڀرپور خزانو ثابت ٿيون آهن، جن سان هن جي ياد مالا مال آهي.
وقت جي غلبي کان آزاد اياز، جڏهن ۽ جنهن وقت چاهي، وهندڙ درياهه کي بند ڏيئي سگهي ٿو. وڃايل منظر، پراڻا جذبا، حيرتون، نفاستون ۽ بي چئنيون ڪجهه ان ريت اڀاريون اٿس، ڄڻ اُهي ويجهڙائيءَ ۾ هن جي زندگيءَ ۾ آيون هجن. هر ياد ۾ لمحي کي ابديت بخشيندي، هن پنهنجي جذبن جو مختصر پر نهايت ئي نفاست سان اظهار ڪيو آهي، جو پڙهندڙ هڪ پوري ڪائنات کي هن جي دل جي آئيني ۾ ڏسي وٺي ٿو، آئينو جو صاف شفاف آهي، جنهن کي وقت جي دز نه لٽي سگهي آهي نه ئي ڌنڌ لائي سگهي آهي.
ڪنهن ڀيري هن جي ياد وقت کي وراڪو ڏيئي نڪري وڃي ٿي ته ڪنهن ڀيري اها وقت جي وجود جو ڀرپور تاثر ڏئي ٿي.
هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ چوٽيءَ تائين ڀريل، ماضيءَ جي تهه خاني کي ويري ويسر، موهن جي دڙي جيان واري نه سگهي آهي..... ايئن ٿو لڳي ته يادگيريون هن جي رت ۾ محفوظ آهن. هو جڏهن به چاهي اهي هن جي اکين ۾ خوابن جي خوشبو جيان اُڀري، لبن تي امرت ڦڙا بنجڻ لاءِ بي قرار لڳن ٿيون ۽ ننڊ توڙي جاڳ ۾ هن سان گڏ آهن، پنهنجي رنگن، خوشبوئن، آوازن ۽ هم آغوشين سميت.... اياز انهن قربتن جا ادب آداب ڪڏهن به هٿان نه ڇڏيا آهن، هو ڪنهن به مغرب جي اديب کان گهٽ آزادي پسند ناهي، پر پوءِ به مشرق جا اخلاقي قدر هن جي اظهار جون حدبنديون ڪندا رهيا آهن.
نهايت فهميدو ۽ سنجيدو انسان هئڻ جي ناتي هن سموري تحرير  ۾ ٽهڪن کان پرهيز ڪندي، زير لب مسڪراهٽن تي ئي قناعت ڪئي آهي، پر گفتگوءَ جي انداز ۾ جيڪا حاضر جوابي نمايان اٿس، ان کان ڪم وٺندي هر ذهين ۽ مظلوم ماڻهوءَ جيان هن تکي مٺي طنز کي بطورڍال جي ڪم آندو آهي.
اِها شاهدي اياز جا دشمن به ڏيندا ته هن جي شخصيت ۾ ڪي به ڦند ڦير يا انتقامي جذبا ناهن، ورهيه اڳ هيءَ ڊائري لکي وئي، جنهن ۾ ڪي ڏيکاريل دل گهريا اڄ هن لاءِ ڌاريا ٿي چڪا آهن، پوءِ به جس هجيس جو هر رشتي کي ايمانداريءَ سان نڀايو اٿس. تنگ دل ته قربن ۾ گهاري پوڻ شرط جيڪر اهڙا نالا ئي نظر انداز ڪري ڇڏين ها، اياز ته پٺيءَ ۾ خنجر کائڻ کان پوءِ اهو به چوڻ وارو ناهي ته ”بروٽس (Brutus) تون به……“
هن جنهن لاءِ سچائيءَ سان جيڪو ڪجهه لکيو، ان جو هڪ حرف به نه ڪاٽيو اٿس. اها ڳالهه نه رڳو اياز جي ادبي عظمت جي، پر هن جي اندر جي گريس (Grace)  ۽ نيت جي صداقت جو دليل آهي.
جڏهن به ملڪ ۾ غير آئيني حڪومتون قائم ٿيون آهن، تڏهن سموري قوم جبر ۽ تشدد جي لپيٽ ۾ اچي ويندي آهي، ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ سان گڏ مڙني محرومين جا احساس شدت سان اُڀري ايندا آهن، تڏهن ئي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪي جيالا سِر تريءَ تي کڻي نروار ٿيندا آهن. اياز به ڌرتيءَ تان سر گهورڻ وارن مان آهي؛ پر سِر جي سلامتين کي هن ڪڏهن به اجايو نه سمجهيو آهي، هو اِهي سجايون ڪري ڄاڻي…ڇو ته کيس سر سان ئي سوين ڳالهين کي منهن ڏيڻو آهي، جِند سان ئي آزاديءَ جون جنگيون جيتڻيون آهن، سر ايڏو سهانگو ناهي جو انکي بنا ڪنهن مقصد جي حاصل ڪرڻ جي وڃائي ڇڏجي. قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اياز، ظلم سان جنگ جاري رکندو اچي، ان جرم جي سزا ۾ ئي هن ساهيوال جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو منهن ڏٺو.
اياز جي سموري ادبي پورهئي ڏي نهار ڪبي ته ’ڌرتي منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو‘ ڳائيندڙ شاعر کي قدرت هڪ نهايت دور رس نگاهه سان نوازيو آهي. پنجويهه سال اڳ هن هيٺيان شعر لکيا هئا.
ناگا ساڪي ناهه، آهي تنهنجي آرسي،
سانڀي جا تو ساهه ۾، ڀنڀٽ ٿي سا باهه،
سياڻو ٿي ساڃاهه، اڃا ويل وئي نه آ.
ناگا ساڪي ڪافي ناهه
سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان.
جڏهن اهي چتاءُ ڏيندڙ شعر شايع ٿيا هئا. تڏهن ڪنهن به انهن کي ڪا خاص اهيمت نه ڏني. تازو روس جي (Chernobyl Atomic Power Station) واري حادثي کان پوءِ اها شاعري لاشڪ ته پيغامبراڻي اهميت جي حامل ٿي پئي آهي.
جيئن پکي پکڻ جي ذات کي مينهن وسڻ جا پروڻ پهريائين پئجو وڃن، تيئن کيس به ڪيترن ئي اهم ڳالهين ۽ انقلابي طوفانن جا اُهڃاڻ پنهنجو پاڻ نظر ايندا آهن، جنهن جو تازو مثال ويجهڙائي ۾ شايع ٿيل سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’چنڊ چنبيليءَ ول‘ ۽ ’رڻ تي رم جهم‘ آهن. ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جا گذريل، دفن ٿيل دؤر ۾ اڄوڪي دؤر جو چٽو عڪس ٿي پسائي.
دورِ غلامي وارو ’هاٿيءَ جي لت‘ جو سور ئي نه ٺاپريو هو، جو مٿان مارشل لا جي مُڪ به آزادي ماڻيندڙن کي ’گڏهه جي لت‘جيان لڳندي اچي. قيد، ڏنڊ، ڦٽڪا اُن وقت به غريب عوام جو مقدر هئا، ته اڄ به اهي لفظ ڪنهن ڪميڻي جي قول جيان قوم تي مسلط آهن. جيڪا ولوڙ اڳ هئي، اُها ساڳي واويلا هاڻ به ٻريل آهي. جيلن ۾ ڄمار ڳاريندڙ ۽ جيءَ کي نت نوان روڳ لڳائيندڙ،سياسي قيدين جي آزدي جا مطالبا تڏهن به زورن تي هئا، ته اڄ به اهڙائي هُل متل آهن. بک بيروزگاري جي راڪاس جو راڄ اُن وقت به قائم هو ته اڄ به بخت بالا ۽ بادشاهي برقرار اٿس. هن وقت جيڪي سياسي حالتون آهن، تن جو ساهيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ پورو فلسفو ڏنل آهي، جنهن ڪري بلاشبه چئي سگهجي ٿو ته هي نه رڳو هن دور جو ڪتاب آهي، پر ان ڳالهه جو به مثال آهي ته اياز جهڙا شاعر ئي صحيح طور تشدد ۽ تبديلين جي تاريخ لکي ڄاڻيندا آهن.
اياز جي ٻين تصنيفن جيان زير نظر تصنيف پڻ، ٻين ڊائري نويسن کان مختلف انداز ۾ لکيل آهي. ڳالهه هلندي هلندي، واقعي جي مناسبت سان فلش بئڪ(Flash back)  ۾ هليو وڃڻ، جتي ذاتي چاهي سياسي صورتحال جي حوالي سان، ساڻس لاڳاپيل ماڻهن ۽ انهن سان تعلق رکندڙ واقعن جو سلسلي وار ذڪر ڪندي، وري واپس اصل موضوع تي اچي وڃڻ. تحرير جي انداز مان ڪيترن ئي اهم ڳالهين ۽ شخصيتن جي ڄاڻ پئي ٿي، جيڪي مجموعي طرح هڪ دور جي چٽي صورت اُجاگر ڪن ٿيون، جن جو الڳ طور تي ذڪر اچڻ شايد ته ممڪن نه هجي ها. تنهنڪري هي ڪتاب، جنهن ۾ ان دور جو ڪيل تجزيو، موجوده حالتن جي مناسبت سان وڏي اهيمت جو حامل آهي، نهايت ڌيان سان پڙهڻ گهرجي.
ڪتاب پڙهندي جتي اياز جي وسيع لڳ لاڳاپن جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي، اُتي سندس هر دلعزيزي ۽ مقبوليت جو پهلو، ذاتي توڙي شاعريءَ جي حوالي سان سامهون اُڀري اچي ٿو. ڪوئي هن جي شاعري جي جادوءَ ۾ جڪڙجڻ جي دعويٰ  ڪري، موٽي اچي وطن جا وڻ ٿو وسائي، ته ڪوئي وري سندس شخصيت جي سحر ۾ وڃائجي، کيس ڌرتيءَ کان دور وٺي وڃڻ جا جتن ٿو ڪري، پر هن جي دل ۾ ولايتون وسائڻ جا ڪڏهن به ارمان نه رهيا آهن؛ ڇا ڪاڻ ته هن جي من ۾ پوري ڪائنات آباد آهي. هو پهريائين هن ڌرتيءَ جو شاعر آهي، پوءِ ڪجهه ٻيو. اِها شاعري ئي هن جي امرتا آهي؛ تڏهن ته دل جي گهراين مان چيو اٿس، ”منهنجي امرتا ته منهنجي شاعري آهي، اها شاعري سنڌ جي مٽيءَ کان الڳ ٿي نٿي سگهي ۽ ڪراچيءَ جي رستن تي بوٽن مان ديس ديس جي مٽي ڦهلجي چڪي آهي.“
ڌرتيءَ سان ان وابستگيءَ جي علاوه، هن ڪي خواب به ڏٺا آهن، جيڪي هن جي اکين ۾ ڪنهن اڻ کٽ آس، نه اجهامندڙ اُڃ جيان اٽڪيل آهن… پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي مستقبل جا خواب، جن جي تعبير اڃا تاريخ جي پراسراريت ۾ پوشيده آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏا ڏوهاري آهن، جن کي آزادي ڏسڻ جا هزارين ارمان دلين جيان ڌڙڪندڙ دانهون بنجي، پولارن ۾ پري پري تائين پهچن ٿا.
پاڪستان ۾ زبانن جو صحيح درجو ڪهڙو آهي ۽ اهو انهن کي ڪيئن ملڻ گهرجي، ان تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي اياز جيڪا روشني وڌي آهي، تنهن مان سندس منفرد سوچ جهلڪڻ سان گڏ اهو به ظاهر آهي ته ٻولين جي، يا ڪنهن به مسئلي تي هو پنهنجا رايا مڙهڻ جو قائل نه رهيو آهي، نه ئي ٻين جي راءِ تي اکيون ٻوٽي ڪنڌ ڌوڻڻ وارن مان آهي.
جن به شروعاتي دور ۾ هن جي سوچ کي متاثر ڪيو، اڄ هو انهن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي، پر پوءِ به انهن لاءِ احسانمنديءَ جو اظهار نهايت فراخدليءَ سان ڪيو اَٿئين، هن جي ادبي حاصلات، هن پوري دور جي ادبي حاصلات تي ڀاري آهي.
اياز کان اڳ سنڌي شاعري تي بي انتها جمود طاري هو. هن شاعريءَ کي نوان موضوع، نوان موڙ ۽ نئين بيهڪ ڏئي سڄي معاشري ۾ اهڙي ولوڙ وجهي ڇڏي، جو اڄ چاليهه سال گذري وڃڻ کانپوءِ به نئين کان نئون بڻجي سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل آهي، جنهن کان شاعرن جون لڳاتار ٽي نسلون متاثر رهنديون اچن. هن جي اها انفراديت ڏسندي ئي ڀُٽي صاحب ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو هو ته، ’شيخ اياز ادب کي سماجي انقلاب لاءِ ايئن استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن کي هن کان اڳ ڪنهن به شاعر نه ڪيو آهي.‘
ڊائريءَ ۾ جا ڳالهه مون کي حيرت انگيز لڳي، اُها هئي اياز جي مطالعي جي وسعت، جنهن جو انت لهڻ مشڪل آهي. هن هر موضوع تي ڪتاب پڙهيا آهن، جن هن جي زندگيءَ جي نظريي ۾ وڌيڪ پختگي آندي آهي. ڪائنات جي وحدانيت محسوس ڪرڻ جي فلسفي کان وٺي دور حاضر جي هر فلسفي جا سمورا لنگهه لتاڙيا اٿس. بنهه ننڍي عمر کان مطالعو ڪرڻ، ديس ديس جي مصنفن جا نالا، ڪتابن جا نالا، موضوع، مقصد، نظريا، فڪر ۽ تحريڪون حوالن سميت ياد رکڻ، وري انهن جي باري ۾ توريل تڪيل انداز سان ڇنڊ ڇاڻ ۽ صحت مند مباحثا ڪري، ڪنهن نتيجي تي پهچڻ، انتهائي غير معمولي ذهن جي مالڪ هئڻ جو ثبوت آهي. ڪٿي ڪٿي مطالعي جو اظهار ڪجهه ڳرو محسوس ٿئي ٿو، پر ما سمجهان ٿي ته اهو ذڪر ڪيل واقعي جي صحيح اندازي لڳائڻ لاءِ ضروري آهي.
وسيع مطالعي اياز ۾ جيڪا آزاد خيالي آندي آهي، تنهن کيس ڪنهن به ازم ۽ مڙهيل فتوائن جي پابندي قبول ڪرڻ نه ڏني، پر به هڪ شاعر ۽ ادب جي حيثيت ۾ هن انسان جي تاريخ ۽ تقدير کان باخبر رهڻ پنهنجو فرض سمجهو. هن جو سياست سان به رڳو اهوئي سڱ سياپو رهيو آهي.
ڪتابن جي فِدائن جا به قسم ٿين، هڪڙا ڇڙو رعب رکڻ لاءِ لائبريرين ۾ ڳورا ڪتاب سجائي ڄاڻين، ٻيا اُهي جن جو هر انداز اڌارو، سٽ سٽ ۾ ريفرنس ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ قول شامل هوندا آهن. جن کي نه پنهنجي ذهانت آهي نه ئي انجي اظهار لاءِ مناسب ٻولي. ٽيجها وري اُهي جيڪي ترجمن جا چار ڪتاب پڙهي، پرڏيهي ليکڪن جي نالن جي ڊگهي لسٽ  جا حافظ  سڳورا بنجي، پاڻ کي ڏاڍو جينئس ۽ پارکو پيا سمجهندا آهن.مطالعو ڪرڻ ڪا مذاق ناهي، اها اندر جي گهُر آهي. ڪنهن بي دلئي ۽ لاپرواهه ماڻهوءَ جو چئو چوا ۾ اچي دل تي جبر ڪري، رڳو مطالعي وڌائڻ جي خيال کان پڙهڻ ايئن آهي، جيئن ڪواشتهاري نسخو آزمائيندو هجي ته من ڪا واٽ کلي پئي، پر نتيجو اهوئي دٻي ۾ ٺڪريون.
مطالعي جو ذوق رکڻ وارا به ڪافي آهن، پر اياز جيان ’ويا جي عميق ۾، منهن ڪائو ڏيئي‘ ٿورا آهن. هن جي من ۾ هڪ اهڙي جستجو، طلب، علم جي اُڃ ۽ اساٽ آهي، جيڪا کيس وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ لاءِ اُڪسائيندي رهي ٿي. ڏسجي ايئن ٿو ته مطالعو هن لاءِ جڳن جو جادو آهي، جنهن سان گهري هم آهنگي ۽ وابستگي هن ۾ زمان ۽ مڪان جا فاصلا مٽائي ڇڏيا آهن، هو نيڻن جي مشعلن سان ڪائنات جي انڌيرن کي دور ڪندو رهي ٿو.
 وقت، ويڇا ۽ حالتون، آبشارن جهڙي تيزي ۽ رواني رکندڙ شدتن جا رخ ماٺي وهڪرن ڏي موڙيو ڇڏين، پر اياز جي لکڻين ۾ اڄ به اهائي شدت سمايل آهي، جيڪا ’پنهل کانپوءِ‘ لکڻ مهل به پنهنجي عروج تي هئي، ان مان ثابت ٿيو ته هن هر دور ۾ جذبي جي شدت سان سوچيو ۽ لکيو آهي. اها شدت، ان ديوانگي ۽ جذبات جو نالو ناهي جن جا شعلا بلندين تائين ڀڙڪي،ٻري ٻري رک بڻجو وڃن، سندس من جي جوال، شديد نفرتن ۽ محبتن جي رد عمل جي مليل جُليل ٻارڻ سان ٻرندي رهي آهي، ڪڏهن به نه اجهامڻ لاءِ. هن جا جذبا وقتاً بوقتاً  جيڪي شدتون اختيار ڪندا رهيا آهن، اُن ۾ نهايت گهڻي سمجهه ٻُوجهه آهي، جيڪا هن تي مينهن جيان وسندڙ ڏات کي، هر ڏولائي کان محفوظ رکندي اچي. شايد انڪري ئي ايڏا ڏک ۽ تڪليفون سهندي به هو اڏول رهيو آهي. نه ماياڪو وسڪي جيان حوصلو هاري ويٺو، نه ئي Von Goch جهڙو ديوانو بڻيو، نه نذرالاسلام جيان پنهنجي ئي ڏات جو ٻوجهه هيٺ دٻجي سگهيو.
ڊائريءَ ۾ اياز جي دوستن، گهڻ گهرن ۽ واقف ڪارن جا ڪيترائي اهڙا ڪردار نظر ايندا، جن جا ڄڻ هن ننڍا ننڍا چتر ويهي چٽيا آهن، جيڪي ٿوري ۾ سندس ذاتي، ادبي ۽ سياسي زندگي جي باري ۾ دلچسپ ۽ چڱي خاصي ڄاڻ ڏين ٿا ته گڏ اياز جي پنهنجي سياسي شعور ۽ سندس هم عصرن جي نفسيات جي گهري مطالعي جي نشاندهي ڪن ٿا.
جيئن ڪي شاعر حضرات اياز کي ٺاهڻ جا دعويٰ ڪندا آهن، ڪجهه اهڙيءَ ريت پيپلز پارٽيءَ جي اهم رڪن ملڪ اسلم حيات جو مثال به هن ڊائري ۾ سامهون اچي ٿو، جيڪو ڀُٽي صاحب سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ گرفتار ٿيو ۽ ان نظر بنديءَ کان گهڻو هيسيل هراسيل هوندي به ڀُٽي صاحب جي رهنمائي ڪرڻ جي وهم ۾ مبتلا رهيو. هن جي اها سوچ انهن ڪارڪنن کان مختلف نه هئي، جيڪي ڀُٽي صاحب جي سايي ۾ اُڀريا اُسريا پر سمجهندا ائين هئا ته کيس ٺاهيو ئي ڄڻ انهن آهي. هي اها خوشفهي هئي، جنهن ۾ پنهنجي قدوقامت جي ڪٿ ڪرڻ بنا اڳتي هلي ڀُٽي صاحب تي آمريت جا الزام هڻي، ساڻس چپ ۾ پيا ۽ پنهنجي نااهليءَ تي پردو وجهڻ لاءِ پاڻ کي جمهوريت ۽ اظهار جي آزاديءَ جا حامي ظاهر ڪرڻ لڳا.
پاڪستان جي چوٽيءَ جي ماڻهن سان ڪلها هڻندي به، اياز جي توجه جا مرڪز بچي ڊرائيور  ۽ جيل جي سنتري جهڙا عوامي ڪردار رهيا آهن. اهڙي ريت جيڪي به اهم يا غير اهم شخصيتون هن ڊائريءَ ۾ ڏيکاريل آهن، انهن جي نه رڳو ڪردار نگاري ڪئي وئي آهي پر ان مان ادب، سياست، ۽ انساني فطرت بابت اهم نتيجا ڪڍيا ويا آهن. انهن ڪردارن ۾ جج، وڪيل، وزير، اسيمبليءَ جا ميمبر، آفيسر، دانشور، شاعر، اديب، سياستدان، شاگرد، انقلابي وغيره ۽ ديوان پرمانند جهڙا شخص به اچي وڃن ٿا، جنهن لاءِ دوستي هڪ مستقل قدر آهي، پر سياست يا انقلاب ۾ کيس ڪا به دلچسپي ناهي.
ڊائريءَ ۾ جتي هن محمد ابراهيم جويو جون ادبي عظمتون ۽ ذهانتون ڏيکاريون آهن، اُتي سندس شخصيت جو حوصلو ڏياريندڙ ضد به ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ اياز کي چئي ٿو، ’اسان ٻه ڪافي آهيون، جي اسان ٻه چاهيون ته سنڌ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا‘. حشو ڪيولراماڻي کي زبردست خراج پيش ڪرڻ سان گڏ، هن جي ڪردار تي چٽي روشني وڌل آهي، جنهن جو سياسي مقصد مايوسي آهي، پر پوءِ به هن انسانيت جو پلئه هٿان نه ڇڏيو آهي، هن جي اها وداعي وصيت دل تي گهرو اثر ڇڏي ٿي، جنهن ۾ هو اياز کي نماڻائيءَ سان چئي ٿو، ’جي تو پاڪستان ۾ ڪنهن ريفيوجيءَ  (مهاجر) تي هٿ کنيو ته ڄڻ تو مون تي هٿ کنيو، ڇو ته مان به هندستان ۾ ريفيوجي آهيان‘......
رسول بخش پليجي جهڙو عظيم انقلابي دانشور، جنهن مائو جي ڳاڙهي ڪتاب تي ’مائو جو رسالو‘ نالو رکيو، تنهن جو سنڌ جي سياسي تقدير جو تصور نهايت منفرد آهي.
حفيظ قريشي جهڙي دور انديش محب وطن جا، راجسٿاني نواب کان وائڙو ڪندڙ سوال ڏاڍا دلچسپ آهن. حوالن ۽ قولن کان وئون ويندڙ، قريشيءَ جي بيزاري اُن وقت پنهنجي نقطهءِ عروج تي نظر اچي ٿي، جڏهن رسول بخش پليجي کي هڪ حوالي ڏيڻ تي  ٽوڪيندي پڇي ٿو ’پليجا صاحب! جي مائو ايئن نه چئي ها ته اوهان ڪنهن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اعتبار نه ڪيو ها ڇا؟“
اهو پڙهندي ته اکيون ڀَرجو اچن، جنهن ۾ مونس جهڙو دانشور دوست، حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي، بي وسيءَ مان پنهنجو سر ايئرپورٽ جي ڀتين سان ٿو ٽڪرائي.
ان ڊائريءَ جي حوالي سان ڪن سرڪاري عهدي داران جون ڪجهه مضحڪه خيز ڳالهيون پڻ نظرن مان گذرن ٿيون، جيئن هڪ سي-ايس-پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر، جنهن کي ڊيگال ۽ سارتر جي نالي جي به خبر ناهي پر سنڌ جي شاعرتي وطن دشمني جا الزام هڻي کيس جيل اماڻي سگهڻ جا اختيار رکي ٿو.
ساڳي ريت هڪ سنڌي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر، جنهن کي پيئڻ پيئارڻ کان سواءِ دنيا جي ٻي ڪا به خبر ناهي ۽ جيڪو اهو به نٿو ڄاڻي ته پاڪستان ٽائيمز ڪٿان نڪرندي آهي، سو فيض جهڙي لينن انعام يافته اشتراڪي دانشور کي امريڪا گهمڻ جون صلاحون ٿو ڏي. جڏهن ته هڪ سنڌي ايم-پي وري ”نارائڻ شيام“ کي خدا جو هند ڪو نالو سمجهي مڇرجي ٿو پئي.
 ان کان سواءِ ڪيترن ئي سڄڻن جون سارون ان ڊائريءَ ۾ موجود آهن-شهيد ڀُٽي جو سڪ ڀريو ساٿ سنڀاريندي هن رشيد ڀَٽي جهڙي توڙ نڀائيندڙ دوست، تنوير عباسي جهڙي ڏک سک جي ساٿي کان علاوه نثار ۽ فوزيه جهڙي مخلص انسانن، ڄام ساقي جهڙي انقلابي، علي احمد راشدي ۽ اي. ڪي. بروهي جهڙن دانشورن، گوبند مالهي جهڙي ترقي پسند، زندگي کي ڪنهن آدرش جي آڙهه ۾ اڇلڻ کان انڪاري، ڊاڪٽر نعيم صديقي جهڙي جهان ديد انسان، سياسي تجربا ڪندڙ واجد علي شيخ جهڙو ليڊر، ڪراچي جي برک سنڌي وڪيلن سميت جمال ابڙو، حيدر بخش جتوئي، عاليه امام، رباني وغيره کان ويندي هند جي ڪيترن ئي اديب دوستن ۽ پروفيسر رام پنجواڻي جو به ان ۾ ذڪر ڪيو آهي. جيڪو اياز جا گيت ڏاڍي چاهه سان پنهنجي پرسوز آواز ۾ ڳائيندو رهيو آهي.
ڊائريءَ ۾ جتي ع-ق-شيخ بابت سنسني خيز انڪشاف ڪيل آهن.  اُتي ڪامريڊ پوهوءَ تان به پردا کنيا ويا آهن، جنهن پرڻي جي پهرين رات اصولن تي ’مت ڀيد‘ ڪري نئين نويلي ڪنوار، بنا منهن ڏسڻ جي وڃائي ڇڏي! جنهن لاءِ عين ممڪن هو ته اصول ٻڌي ٻڌي ڄمار ڳري وڃينس ها.
ڪجهه صفحن تي ڪي چونڊ اخباري خبرون اهو ڄاڻڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن، ته ڪيئن هڪ مطلق العنان حڪومت پريس جي آزادي سلب ڪري پنهنجا، خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون شايع ڪرائي ٿي، پر ان ساڳي حڪومت جي ڪمزور پوندي ئي اڪثر صحافي ايندڙ سياسي تبديلين کان ڊڄي، پاڻ کي نئين دور ۾ کپائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه صحيح خبرون به هلايو ڇڏين.
قيد تنهائيءَ ۾ هڪ حساس شاعر کي پل پل ڪهڙا پور پون ٿا،  هن جي اندر جي لوڇ ۽ تڙپ کيس ڪيڏو بيقرار ڪري ٿي، هي ڊائري اهڙين ڳالهين جو پڻ نظر افروز داستان آهي.
لاليءَ جو وڻ تي چهچائڻ، منڊا خاني مان ڳاتل ماهيا، برسات جي ڌار جو ڌرتيءَ جي سيني تي رقص ڪرڻ، ڪوڙا ماريندڙن جا ازيت ناڪ سٽڪا، رات جي خاموشيءَ ۾ جيل جي پهريدارن جون هڪلون، جيل جي ٻاهران لنگهندڙ اُٺن جي چنگن چڙن جا موسيقين ڀريا آواز… هي اهي ڳالهيون آهن، جي خود اياز جي ڪردار تي چٽي روشني وجهن ٿيون.
جيل ۾ رچيل هڪ نثري نظم،
’اسان پاڻ کي ٻين کان بهتر نٿا سمجهون،
رڳو اسان مختلف آهيون…‘
نظم نه ڄڻ تاريخ آهي، سنڌين جي سڪ ۽ پيار جي تاريخ، سندن رنگا رنگ ورثي جي تاريخ، سندن جيءَ ۾ جوالا جي تاريخ…سگهه ۽ جاکوڙ جي تاريخ، اهڙي تاريخ جيڪا پاڻ دهرائيندي رهي آهي ۽ هڪ ڀيرو پاڻ کي ٻيهر دهرائي اياز جي شاعريءَ تي ابد تائين امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏيندي.

ماهتاب محبوب

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 702
Kitab Jo Nalo : SAHIWAL JAIL JEE DAIRY

by: Shaikh Ayaz

First Edition © Roshni 2015
Pages : 224
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 260.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+  مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH