KOT LAKHPAT JO QEDI (Jail Diary)






























آئون رسول بخش پليجي سان جڏهن به ملندو آهيان، تڏهن لطيف جو هيءُ بيت منهنجي دل تي هُري ايندو آهي:
سڄ سڀاڻي جا ڪري، سائي سامين روءَ!
مون هن کان اڳي ڪڏهن ان ڳالهه تي ايڏو اونهو ڪونه سوچيو هو ته اهو بيت، هنجي حوالي سان، منهنجي ذهن تي ڇو ٿو وارد ٿئي، هاڻ جڏهن ان جو تجزيو ٿو ڪريان ته فقط ايترو چئي ٿو سگهان ته مون جهڙا ماڻهو، جيڪي ماضيءَ ۽ حال جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، ۽ ان مان، سي جڏهن ڪنهن ڏاهي کي ماضيءَ ۽ حال جي انهن ڌٻڻ کي، هڪڙي ئي ڇال سان اورانگهڻ جو سعيو ڪندي ڏسن ته پوءِ هنن کي آٿت اچڻ لڳندو آهي، ساهس ٿيڻ لڳندو آهي ته ٻيلي، جي ههڙا ماڻهو سونهان ٿين ته شايد اسين به ان ڌٻڻ مان نڪري پار پئون ته ڪو عجب ڪونهي!
آءٌ رسول بخش پليجي کي ٽي پاسو سڃاڻان (جيتوڻيڪ هو گهڻ پاسائون ماڻهو آهي): هڪ اديب، قلمڪار ۽ لکندڙ طور، هڪ مفڪر ۽ ڏاهي طور، ۽ هڪ سياستدان (يا سياسي ڪارڪن؟) طور درجيوار، انهي ئي ترتيب سان، هن کي سنڌ جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ پرکي سگهجي ٿو. ضروري نه آهي ته هن جي ڪنهن به ڪردار، سندس شخصيت ۾ ڪنهن پاسي يا هن جي فڪر ۾ ڪنهن نڪتي سان اختلاف رکڻ سان، ڪا هن جي اهميت گهٽجي ويندي يا هن جي شخصيت جي ڪُل کي سمجهڻ ۾ ڪا دشواري سامهون ايندي، انسان ٻاروتڻ کان پوڙهپڻ تائين، ڪابه غلطي، ڪابه ڏنگائي، ڪابه ڪميڻپ نه ڪري، سا ٿيڻي نه آهي. ڏسڻو اهو آهي ته انسان جو انهن غلطين، انهن ڏنگاين ۽ انهيءَ ڪميڻپ واري ڪردار ڏانهن پنهنجو ڪهڙو رويو. ڪهڙو ورتاءُ آهي. وڏو انسان اهو آهي، جيڪو پنهنجي غلطين کي مڃي، انهن کي سڌارڻ، بلڪه انهن جو ازالو ڪرڻ جو جتن ڪري: رڳو ذاتي سطح تي نه، پر اجتماعي طرح ڪُل جي حيثيت ۾ رسول بخش ان حوالي سان وڏو قداور شخص آهي. ذاتي حيثيت ۾ هو ڪجهه به هجي پر اجتماعي سطح تي هن ارتقا ۽ اوسر جون اهي سرحدون سورانگهيون آهن، جتي ذاتي طرح نقصان برداشت ڪري، هن اجتماعي نقصان ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن جو ادبي سفر، ڏاهپ جو سفر يا سياسي سفر ان ڪسوٽي تان سچو سون ثابت ٿئي ٿو. راءِ جو اختلاف رکندي به، هر ڪو منصف مزاج پارکو، اهوئي چوندو ته ڇا به هجي پر رسول بخش پليجو چوي سچ ٿو! ويهين صدي جي نائين ڏهاڪي ۾ اها وڏي ڳالهه آهي ته ڪنهن اديب، مفڪر يا سياستدان ۾ رياڪاري ايتري گهٽ هجي!
مون کي ياد آهي ته ڀُٽي مرحوم جي زماني ۾ پليجو هن کي بنهه ويجهو به هيو، پر هن سان اجتماعي سطح تي اهڙو اختلاف ڪيائين جو تِرنگ جو منهن ڏسڻو پيس. وري جڏهن پي اين اي (پاڪستان قومي اتحاد) سندس خلاف محاذ کڙو ڪيو، تڏهن مون چيو مانس ته سنڌ ۾ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻين سان گڏ، پليجي سان صلاح ڪرڻ ضروري آهي. منهنجي ڳالهه مڃيائين ۽ مرحوم کيس چيف منسٽر هائوس دعوت ڏيئي گهرائي ورتو. سنڌ جي شاگردن جي وفدن سان ملڻ کان پوءِ، سندن ملاقات ٿي، ۽ ڪافي ڊگهي ملاقات ٿي. هنن پاڻ ۾ الائي ڇا ڳالهايو. پر ان کان پوءِ مرحوم جيڪي لفظ چيا، سي مون کي اڄ تائين ياد آهن:
”سراج آئي وش آءِ هئڊ لسنڊ ٽو هم ارليئر، ائنڊ آءِ هوپ، اٽ از ناٽ الريڊي ٽو لئٽ ٽو ايڪٽ آن واٽ هي سيز!“
(ڪاش آءٌ هن کان اڳ سندس ڳالهه ڌيان سان ٻُڌان ها ۽ خُدا ڪري جيڪي هو چوي ٿو تنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هاڻ حد کان وڌيڪ دير نه ٿي ويئي هجي.)
پر ان وقت واقعي صورتحال اڻموٽ ٿي چڪي هئي! هن جا ”پنهنجا“، اندر ئي اندر، هن جي دشمنن سان چانڊين ۽ مگسين واري ڪردار کي نڀائي رهيا هئا، ۽ هن جا صحيح سڄڻ، بند ٿيندڙ راهن مان ڪو گس پيدا ڪرڻ لاءِ، حالتن جو سچو، بي ريا ڇيد ڪري رهيا هئا!.
حالتن جو صحيح ڇيد ڪرڻ جي اها ڏات رسول بخش پليجي کي اُن وقت کان آهي، جڏهن هن پنهنجي گس ٺاهڻ، فڪري ۽ سياسي راهه متعين ڪرڻ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته 1950ع ۾ آءٌ ميٽرڪ پاس ڪري، ڪراچي پڙهڻ آيو هوس ۽ انهن ئي ڏينهن پليجي سان پهريون ملاقاتون ٿينديون هيون. چيني انقلاب جو چوٻول هو ۽ رسول بخش جا هي لفظ منهنجي ذهن تي اُڪريل آهن ”انقلاب اسان جي چائنٺ تي بيٺو آهي، ۽ سڀاڻي کان دنيا، روايتي ڍڳي جي هڪڙي سِڱ تان مٽجي، ٻئي سِڱ تي اچي بيهندي، ۽ ان جي لوڏي سان گهڻائي بُت ڊهي اچي پٽ پوندا“. حالتن جو اهو حيرت انگيز ڇيد، ايڏي ننڍي عمر ۾، هڪ طرف هن جي بنيادي ذهانت ۽ سندس وسيع مطالعي ڏانهن اشارو ٿو ڪري ته ٻئي طرف ان مطالعي مان صحيح نتيجا ڪڍڻ جي سندس ڏات جي نشاندهي ٿي ٿئي! آءٌ کيس چيڙائڻ لاءِ، ڀوڳ ڪندي چوندو آهيانس ته ”ڀلا، وري ته ڪا اڳڪٿي ڪر ته اهو ڍڳو وري ڪڏهن ٿو سِڱُ مٽائي“. پر ڀوڳ ڀوڳ ۾، منهنجي ذهن ۾ اها آرزو پڻ هوندي آهي ته من هو وري حالتن جو اهڙو ئي تُز ۽ هٿيڪو ڇيد ڪري ٻڌائي جو شايد سنڌ جي چائنٺ تي ڪنهن انقلاب جي ڪا بشارت ملي.!
رسول بخش، منهنجي راءِ ۾، بنيادي طرح هڪ اديب، قلمڪار ۽ لکندڙ آهي، اهڙو اديب، جيڪو پنهنجي وطن ۾ پنهنجي هم وطنن ڏانهن سچائي ۽ ايمانداريءَ سان جوابدار ۽ جانبدار آهي. هن جي اها جوابداري (ڪمٽمينٽ) ايتري مڪمل ۽ همه گير آهي جو ان ۾ ڪنهن لشڪريءَ جي سختي ۽ اڳرائي اچڻ سڀاويڪ آهي. ان جوابداري ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جي آرزو هن کي تحرڪ ۽ تحريڪ ڏانهن وٺي آئي آهي. هن جي اها جوابداري، اڳرائي ۽ اجتماعيت هن کي لکڻ کان، فڪري رهنمائي ڪرڻ ڏانهن، ۽ فڪري رهنمائي ڪرڻ کان عملي سياست ۾ گهلي آئي آهي.
اهو سفر ڏاڍو اڻانگو ۽ ڪٺن آهي، ۽ ان سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، گهڻو ڪُجهه سَٺو آهي، گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ۽ ساڳئي وقت هن گهڻو ڪجهه حاصل پڻ ڪيو آهي. ان سفر ۾ هن پنهنجي ملڪيت، وڪالت، صحت ۽ سُڪون جهڙيون نعمتون قربان ڪيون آهن. پر ان جي بدلي لکين مسڪين مارُو ماڻهن جون محبتون ۽ قربتون حاصل ڪيون اٿس!
ان سفر جو هڪڙو باب ”جيل جون يادگيريون“ پڙهندي، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته ان ۾ هو اسانکي، اوهانکي شامل ڪرڻ، پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جا جتن پيو ڪري. ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان،“ واري ڳالهه ڪري، هن سچائي ۽ جوابداريءَ جو ننگ نڀايو آهي. رسول بخش پليجو، جنهن ”بختاور“ ۽ ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي اصل روح سان ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائي، ان جي اها ٻولي هِتِ نظر نٿي اچي، پر ان جي بدران سنڌ جي هڪ سُڃاڻ ۽ ڏاهي سياسي ڪارڪن جي گفتگو، ڪچهري ۽ رهاڻ پلئه پوي ٿي. جيڪاهن جي رُوح جي واردات آهي، ان ڪري من کي جهوريو وجهي.
مون جيئن مٿي چيو آهي ته ضروري نه آهي ته رسول بخش جي فڪر ۽ ڏاهپ سان هر ماڻهو متفق هجي. پر ڇا به ٿي پوي هُن جي سچائيءَ ۽ سنڌ، ۽ سنڌ جي عام مسڪين مارو ماڻهن ڏانهن سندس ”ڪمٽمينٽ“ جو اعتراف ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. هن جو سفر اڃان آڳاهون آهي. مون جهڙا ماڻهو رڳو سفر جي منزل بابت فڪر مند هجڻ جي عياشيءَ ۾ مبتلا آهن، ۽ ڀٽائي جي هن بيت جو پاراتو بڻيل آهن ته:
متان ٿيئي اونداه، پير نه لهين پرينءَ جو!
شَلَ رسول بخش کي سندس سمورا پرين ڪُمهلي سَمي کان اڳ نصيب ٿين، ۽ هو سڀاڻي جي سج جي آجيان ۾ سڀ کان اڳتي ۽ آڳاهون هجي!

سراج

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 703
Kitab Jo Nalo : KOT LAKHPAT JO QEDI (Jail Diary)
                              [ Both parts in one volume ]

by: Rasool Bux Palejo

First Edition © Roshni 2015
Pages : 679
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 650.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+  مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH