Tareekh Saa’n Ta’ziat





























عبدالواحد آريسر جي زندگيءَجو مختصر احوال

سنڌ جي قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب ۽ دانشور، عبدالواحد آريسر، 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ وائوڙي (انڙآباد) تعلقي ۽ ضلعي امرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو جادو آريسر هو. جيڪو ٻڪريون چاريندو ۽ هارپو ڪندو هو. آريسر صاحب امرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙهيا، جتي کيس استاد عبدالغفور آريسر وٺي آيو، سندس پهريون استاد عبدالغفور آريسر هو ۽ سندس ٻيو استاد علي محمد ماڇي هو، جيڪو بعد ۾ کيس ڀينڊي شريف وٺي ويو. ان بعد مختلف مدرسن ۾ تعليم ورتائين، جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول، مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگوري (تعلقي ڊگهڙي) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاهه ولي لله اڪيڊمي وغيره، علامه غلام مصطفيٰ سندس استاد رهيو. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. کيس ابتدا کان وٺي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران ’ربيع الاول جا چار چنڊ‘ عنوان سان پهريون مضمون لکيائين، جيڪو هفتيوار همدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو. سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري، ماهوار ’بادل‘ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو هن غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد‘ تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو هو.
آريسر صاحب سياسي، ادبي، مذهبي ميدان ۾ مولانا ابو الڪلام آزاد،سائين جي. ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رهيو. 1967ع ۾ آريسر صاحب جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آئي. هڪ ته اُن وقت 4 مارچ جو واقعو پيش آيو، جنهن سنڌ جي اڪثر نوجوانن وانگر آريسر صاحب جي ذهن تي وڏو اثر وڌو، اُن کان اڳ ۾ آريسر صاحب جمعيت علماءِ هند جي سيڪريٽري جنرل مولانا احمد سعيد دهلويءَ جو برصغير جي سياست تي لکيل ڪتاب پڙهيو، جنهن ۾ هن پنهنجي موقف جي حمايت ۾ سنڌ جي سياستدان سائين جي. ايم سيد جي لکڻين جا حوالا ڏنا هئا، جن سندس ذهن تي اثر وڌو ۽ اُتان کان کيس جي. ايم سيد جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳيو، ۽ اهڙي شوق جي پورائيءَ جو اظهار هن ڀينڊي هاءِ اسڪول جي استاد محمد صديق سان 1964ع ۾ ڪيو هو، ڇو ته آريسر صاحب مدرسي مان واندي وقت ۾ هاءِ اسڪول ۾ اچي ويهندو هو. استاد محمد صديق کيس سائين جي. ايم سيد جو ڪتاب ’موجوده سياسي مسئلا‘ (جنهن تي بندش پيل هئي) ڏنو. ان بعد 1967ع کانپوءِ ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ ڪتاب پڙهيائين، جنهن تي مُلن گوڙ ڪري سيد تي فتويٰ ڪڍرائي هئي ۽ اُها فتويٰ ڀينڊي مدرسي ۾ به آئي هئي ۽ اُن تي اجلاس ڪوٺايو ويو، جتي آريسر صاحب سيد جي حمايت ۽ فتويٰ جي مخالفت ۾ تقرير ڪئي ۽ کيس مدرسي مان نيڪالي ڏني وئي. ان ئي دور ۾ آريسر صاحب قومپرستيءَ جي حمايت ۽ نام نهاد اسلام پرستيءَ خلاف مضمون لکيو، ۽ مهر علي مرزا ۽ مدد علي سنڌيءَ سان گڏجي سائين جي. ايم سيد سان ملاقات ڪئي ۽ ائين قومي سياست ۾ اچي ويو.
سندس پهريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ’جواهر آزاد‘
1970ع ۾ (اردو) ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماهوار پيغام جاري ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رهيو. 1972ع ۾ ئي سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي دور ۾، رسالي ’پيغام‘ ۾ ڇپيل تصوير هييان ڪئپشن ’س. ۾ لاهوتيءَ جو ڏهيسر دهشتگردن جي حضور ۾‘ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا، ۽ آريسر مسجد ڇڏي ڪُل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي.
18 جون 1972ع تي سائين جي. ايم سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر بنايو ويو. آڪٽوبر 1977ع ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي ڪنوينر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رهيو.اُن وچ ۾ 1992ع کان 1993ع تائين سيد غلام شاهه چيئرمئن ٿيو. اُن بعد جڏهن 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌو ويو ته اُن جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ هن جا بشير خان جي شخصي برتريءَ واري رويي سبب ساڻس اختلاف ٿيا ته آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي اڪثريت ميمبرن جو فيصلو ٺُڪرائي، جڏهن ٻن ميمبرن بشير خان کي بحال ڪيو ته، پاڻ ڪميٽيءَ جي اڪثريت سان گڏجي بيٺو ۽ اُها آرگنائيزنگ ڪميٽي برقرار رهي، ٻن سالن بعد پاڻ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمئن ٿيو، جنهن تي آخر تائين رهيو.
سنڌ ۾ سائين جي. ايم سيد جي فڪر ۽ آزاديءَ جي تحريڪ کي پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشهور مقرر مڃيا وڃن ٿا. آريسر صاحب جا هيٺيان ڪتاب قومي حوالي سان اهم آهن:
’پرهه جو پيغام‘، ’صدين جون صدائون‘، ’جي. ايم سيد‘، ’سَر ۾ سانجهي وير‘، ’ٽهڪي نڪتا ٽُوهه‘، ’قومي تحريڪ‘، ’وريا واهرو‘،
’مٽيءَ هاڻا ماڻهو‘ (ترجمو)، ’تُرم ياترا‘، ’ٿي نه محبت مات‘، ’ماڙين ماريس ڪينڪي‘، ’چانڊوڪيون ۽ چيٽ‘، ’مجيب ۽ ڀُٽو‘، ’قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون‘، ’ڇا ته شخص هو‘، ’سِر جي صدا سُر ۾‘، ’سچ وڏو ڏوهاري‘،
’رُوئداد هڪ رات جي‘، ’تقريرون‘، ’اُميد جو قتل‘، ’زندگي آزادي ۽ محبت‘، ’ڪنڌي ٽڙن ڪنول‘، ’کٽڻهار کڙيا‘، ’تاريخ جي جهروڪي مان‘،
’ڳچي ڳانا لوهه جا‘، ’وطن يا ڪفن‘، ’وطن پرستي‘، وغيره
عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، کيس پهريون ڀيرو اپريل 1975ع ۾ ميرپورخاص جيل ۾ ٽن مهينن لاءِ قيد رکيو ويو، ٻيو ڀيرو 11 اپريل 1976ع ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٽيون ڀيرو 1978ع ۾، ضياءُالحق جي مارشل لائي دور ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ بنگلاديش ۽ شيخ مجيب الرحمان جي حمايت ۾ تقرير ڪرڻ تان کيس گرفتار ڪيو ويو، اُن دوران کيس 10 ڪَوڙا ۽ سٺ هزار ڏنڊ ڀرڻو پيو. ٽيون ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. چوٿون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾  ڳُجهن ادارن هٿان گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو. پنجون ڀيرو 11 آگسٽ 1999ع تي هڪ هفتي لاءِ جيل ويو. ڇهون ڀيرو 2007ع ۾ ٻيو ڀيرو ڳُجهن ادارن هٿان حيدرآباد مان ساٿين سميت کنڀجي ويو. اُن کان سواءِ مختلف وقتن تي مختصر عرصي لاءِ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيندو رهيو.
 ٿر جي هن پورهيت پيءُ جي پُٽ قومي سياستدان، سياست ۾ پنهنجو وقار ۽ عزت بحال رکي، ۽ جيلن، تڪليفن، الزامن ۽ سرڪاري لالچن ۽ دٻاءَ تي نه جُهڪيو، نه وِڪيو، بلڪه هميشه اُوچي ڳاٽ رهيو.
سنڌ جي هن قومي سپهه سالار، لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾،
3 مئي 2015ع تي، اسر ويلي پساهه پورا ڪيا ۽ ساڳئي ڏينهن، پنهنجي اباڻي ڳوٺ، وائوڙي (انڙآباد) ۾ هزارين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُمهي رهيو.

اي سنڌ توکي الوداع!
اي هند توکي الوداع!
تو ۾ هُيو سارو جڳت،
اي جند توکي الوداع!

علي نواز آريسر

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 730
Kitab Jo Nalo : Tareekh Saa’n Ta’ziat

Compiled & Edited By: Taj Joyo
Co-compilers: Ali Nawaz Arisar & Rasool Mangrio

Firth Edition © Roshni 2015
Pages : 336
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.400.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH