ADHORA ADHORA (Peotry)
ڪنهن به ڏات ڌڻيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪو ڏکيو ڪم ٿي سگهي ٿو، ته اُهو اِهو ٿيندو، جو ان کان پاڻ پنهنجي فن جي باري ۾ ڳالهرائجي يا لِکرائجي. ڪنهن رقاص کي چيو وڃي ته هو پنهنجي رقص بابت ڳالهائي، ته ڇا ڳالهائي سگهندو؟ ظاهر آهي ته هن وٽ پنهنجي فن کي، ڪلا کي اظهارڻ جو سڀ کان اثرائتو ۽ سڀ کان خوبصورت ذريعو ته رقص ئي آهي. ائين ئي شاعري پڻ بذاتِ خود پنهنجي سرجڻهار جي سڀني خوبين، اڌمن، محبتن، نفرتن، ذهني اوچاين ۽ وسعتن توڙي کوٽن ۽ خامين جو سڀ کان چٽو ۽ قابلِ اعتبار وسيلو آهي. اهو ئي سبب هو جو مون ”اڌورا اڌورا“ جي پهرئين ايڊيشن ۾، پنهنجي پاران ڪجهه لکڻ ضروري نه سمجهيو.
هتي به مان پنهنجي شاعريءَ بابت نه، البته ان سان لاڳاپيل چند ڳالهين بابت لکڻ چاهيان ٿو.
اهو اسان جو عام مطالعو ۽ مشاهدو رهيو آهي، ته دنيا جا تمام گهڻا شاعر، موسيقار، مصّور ۽ ٻيا تخليق ڪار پنهنجي زندگيءَ ۽ زماني ۾ اها شهرت، هاڪ ۽ عزت نه ماڻي سگهيا، جيڪا سندن مئي کان پوءِ انهن جي حصي ۾ آئي. سوين سرجڻهار پنهنجي دؤر جي بي سمجهي، بي قدريءَ جي غفائن ۾ گم رهيا ۽ زمانن کان پوءِ، جڏهن ماڻهن جي اکين تان ڌُنڌ جا پردا لٿا، تڏهن انهن فن پارن جي چمڪ دمڪ ڏسي، جھانن جون اکيون خيزه ٿي ويون.
ــ پر آءٌ پاڻ کي انهن چند خوشنصيبن مان هڪ ٿو سمجهان، جن کي جيئري ئي پنهنجي وطن جي ماڻهن پاران ايتري ته محبت، ايتري ته حب، ايتري ته عزت ۽ پذيرائي ملي آهي، جو منهنجون ست پيڙهيون به انهن محبتن جي قرض کان ڪنڌ آجو نه ڪري سگهنديون. سنڌ جي هر طبقي، هر عمر جي لکين ماڻهن طرفان اهڙي موٽ، درحقيقت اظهار آهي سنڌ جي انهي حسناڪيءَ واري پاسي جو، جيڪو ذهني ۽ شعوري جاڳرتا، توڙي علم و فن ۽ انهن جي سرجڻ وارن سان محبت جو پاسو آهي. ڇو ته هن وقت مون کي هڪ سنڌ نه، پر ٻه سنڌ نظر اچن ٿيون. هڪ سنڌ جيڪا وڏيرن، غدارن، ميرن، پيرن، ٽڪي مال ويڪائو وزيرن، تعصبي ۽ ساڙ سڙيل اڏوهي لڳل اديبن، وطن فروشن، ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ خسيس ذاتي مفادن تي وڪامجي ويل، نام ڪَٺين ”قومي رهبرن“ ۽ ”سُورمن“ جي آهي؛ ۽ ٻي هڪ وڏي وشال خوبصورت ۽ دلربا سنڌ آهي، جيڪا لکين لوچ رکندڙ قومي ڪارڪنن، باضمير شاعرن، اديبن، مصّورن، فنڪارن، سگهڙن، سماجي ڪارڪنن، هارين نارين، وطن توڙي وطن کان ڏور هزارين انهن محبتي ماڻهن جي سنڌ آهي، جيڪا نه مرڻي آهي ۽ نه ميسارجڻ جي آهي.
ــ ۽ آءٌ يقين سان ٿو چوان ته جيڪڏهن اها سنڌ نه هجي ها، ته شايد مون جھڙا ماڻهو ڪڏهوڪا مايوسين جي ڌٻڻين ۾ ڦاسي، رڻ واهي ٿي وڃن ها. تنهن ڪري هي ٻه اکر ان لاءِ لکيا اٿم، ته جيئن مون سان محبت ڪندڙ انهن لکين ماڻهن جا پير، پنهنجي تصّور جي اکين تي رکي لک دفعا چوان ــ بقول نور محمد سومرو:
ڏُک هو يا سُک هو،
پر زندگي گذري وئي.
دوستن جي مهرباني،
دشمنن جي مهرباني.
منهنجي هن ڪتاب اچڻ کان پوءِ ڪجهه ”مهربانن“، انهيءَ ڳالهه کي ڳالهوڙو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته آڪاش جي هاڻوڪي شاعريءَ ۾ مايوسيءَ وارو عنصر حاوي آهي. جنهن ۾ هو خاص حوالي طور، منهنجو جڳ مشهور نظم ”اڌورا اڌورا“ پيش ڪن ٿا. آءٌ ان بابت وضاحت پيش ڪرڻ جي پرواهه نه ڪندي، صرف ايترو چوندس ته هر بااصول ۽ باضمير شاعر ۽ ليکڪ زمان و مڪان سان گڏوگڏ پنهنجي دؤر ۽ ان جي تاريخي، سماجي، فني توڙي تهذيبي روَين جو آئينو ٿئي ٿو. ڇا لطيف جي شاعري اسان جي ان دؤر جي سياسي سماجي حالتن، وڻج واپار، ماڻهن جي ڌنڌن (ڪِرتن)، عقيدن جي نالي ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين، ان وقت جي فن ۽ فن جي قدردانين، ٿر، ڪاڇي، لاڙ، اتر، صحرائن ۽ سمنڊ ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ جو چِٽو پِٽو عڪس ناهي؟ ته ٻيو ڇاهي؟ تنهن ڪري منهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اسان جي موجوده دؤر ۾ منهنجي وطن ۽ انهن جي ماڻهن سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، غدارين، عذابن ۽ ذلتن ــ ۽ اهو سڀ ڪجهه هوندي به هيڏين خاموشين، بزدلين ۽ مڪارين واري ماحول ۾ ڇانيل ماٺار جو ڪو منظر نظر اچي ٿو، ته ڇا آءٌ پنهنجي شاعريءَ جي آئيني کي اهو چئي ٽوڙيان، ته ان ۾ اهڙا منظر نظر ڇو ٿا اچن؟ افسوس جو مقام آهي ته اها ڳالهه اسان جا اهي دوست ٿا ڪن، جيڪي سدائين ”ادب براءِ زندگيءَ“ تي ليڪچر ڏيندا رهيا آهن. منهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن محروميءَ جو ذڪر آهي به سهي، ته به اها منهنجي ذاتي نه، پر منهنجي سموري دؤر جو پرتوو آهي. ”اڌورا اڌورا“ ۾ به جيڪڏهن محرومي آهي، ته ڦاسيءَ جا ڦندا چمڻ کان رهجي وڃڻ جي مايوسيءَ جو اظهار آهي، جيڪا هڪ روشن صبح جي تڙپ مان ڦٽي نڪتل آهي.
مان هن ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن ۾ رهجي ويل پروف جي غلطين تي پنهنجي مهربان پڙهندڙن، محبت ڪندڙن اڳيان هٿ جوڙ ٿو ڪريان، جيڪي ــ ”منهنجي مداين تي، ڪڏهين ڪوسانه ٿيا ڏوراپو ڏيئي.“
آخر ۾ آءٌ ٿورائتو آهيان سنڌ جي هوائن لاءِ ٿر ٻاٻيهي جيئن ڦٿڪندڙ سدا محبتي ماڻهو ڀاءُ منور لغاريءَ جو، ان کان سواءِ سائين خالد هاشماڻي، سائين صغير شيخ، خالد ميمڻ، مرتضيٰ سولنگي، جاويد ڀٽو، نفيسه هود ٻائي ۽ ٻين انهن مهربانن جو، جن هن ڪتاب جي مهورت جو واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ شاندار پروگرام برپا ڪري، مون کي پنهنجي محبتن جي گلن ۾ توري ڇڏيو.
آڪاش انصاري
https://www.facebook.com/RoshniPublication
Book No . 715
Kitab Jo Nalo : ADHORA ADHORA (Peotry)
Poet: Aakash Ansari
Fourth Edition © Roshni 2015
Pages : 143
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs.200.00
Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔
























Comments
Post a Comment