GAAI INQALAB GAAI
گذريل اڌ صديءَ جو سنڌي ادب ۽ خاص طور ان جي شاعري، اياز جي نالي ۽ حوالي کان سواءِ هر لحاظ کان اڌورا ۽ اڻ پورا آهن. جيتوڻيڪ اڌ صديءَ جي ان ڊگهي پنڌ ۾ دنيا جهان جي انسانن، سندن آزادين ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جي ويڙهه ۾ سندن سهڪاري ٿي بيهڻ، پنهنجي تحفظ ۽ تشخص کي برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ جابر قوتن سان ٽڪر کائڻ ۽ پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن ۽ سندن ٻوليءَ سان محبت جي ان عبادت جهڙي رستي تي، اياز سان ساٿ ۾ هڪ پورو قافلو هيو، پر ان قافلي جي واڳ، نمائندگي ۽ سرواڻي اياز وٽ ئي رهي- ۽ هو ئي صحيح معنيٰ ۾ ان جي اهل به هيو. هو پنهنجي اڀياس، شعور، احساس ۽ فنڪارانه نگاهه وسيلي، ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل ۾ جهاتي پائي سگهڻ جي غير معمولي سگهه جو مالڪ هو. ڏات ۽ ڏاهپ هن جي ذات ۾ ايئن رلي ملي ويون هيون، جيئن پاڻي مٽيءَ سان يا محبت دل جي ڌڙڪنن سان رلي ملي ويندي آهي، ۽ اهو سمجهي نه سگهبو آهي، ته ڪير ڪنهن جي زندگي آهي. هُن جي شاعري هڪ مڪمل ديس جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي. توهان هن جي شاعري پڙهي، هڪ مڪمل سنڌ سان ملي سگهو ٿا. هڪ اهڙي سنڌ، جيڪا فقط لڪيرن وسيلي دنيا جي گولي تي ڪڍيل نقشو نه آهي، پر وٽس هڪ ڪبوتر جي دل ۽ عقاب جي اک به آهي. جيڪا مور جو پَر به آهي ۽ رڃ ۾ هرڻ جي ڊوڙ به آهي. جيڪا پاڻياريءَ جي مٿي تي ٻيلهڙو آهي ۽ دور کان نظر ايندڙ اٺن جو قافلو آهي. سنڌ جيڪا ڪڏهن تاڙي جي تنوار ۽ ٻاٻيهي جو ٻول آهي، ته ڪڏهن ڪاريهر جو وِههُ ۽ چڙيا گهر ۾ بيٺل واگهه جي گهُور آهي. اها ئي سنڌ هن جي شعرن ۾ سانوڻ جي سنڌوءَ وانگر اٿلون کائيندي، ڏسي سگهجي ٿي.
اياز جيڪڏهن اها دعويٰ ٿي ڪئي، ته هو پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نه اورانگهي سگهڻ جهڙو حفاظتي لوڙهو ڏئي رهيو آهي، ته هو ڪو ايترو غلط به نه هيو. اسين هڪ ننڍڙي ۽ رواجي معيار وسيلي به اياز جهڙي وڏي ماڻهوءَ جي اهڙيءَ دعويٰ کي آسانيءَ سان پرکي سگهون ٿا. هونئن ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي وڏ- ماڻهپائيءَ کي پرکڻ لاءِ ڪي وڏا معيار مقرر ڪرڻ ايترا لازمي به نٿا ٿين. اوهان ڀٽائيءَ جي وڏائي پرکڻ چاهيو ٿا، مخدوم بلاول کي جاچي ڏسڻ جا خواهشمند آهيو، شاهه عنايت شهيد، دودي سومري، ڄام نندي، جي ايم سيد، ڀٽي، بينظير، حيدر بخش جتوئيءَ، سچل، ساميءَ، ميين عنات، خليفي نبي بخش، ڪشنچند بيوس، ڪنهن به ٻئي وڏي ماڻهوءَ کي هڪ ننڍڙي معيار آڌار سولائيءَ سان پرکي سگهو ٿا- معيار فقط اهو آهي، ته جنهن هنر، ڪم، شعبي يا سماج ۾ ان شخص جي وڏ ماڻهپائي تسليم ٿيل آهي، کانئس اڳ ان جي حالت، سطح ۽ معيار ڇا هو ۽ کانئس پوءِ اهو ڪهڙين تبديلين مان گذري، ڪهڙي معيار ۽ مقام تي پهتو! جيئن ڀٽائي آهي. ڀٽائيءَ کان اڳ سنڌ ڪيئن هئي، ان جا قدر ڪهڙا هئا، ان وٽ ننڍ وڏائيءَ جو معيار ڇا هو، ان ۾ ڪهڙي قسم جو ماڻهو قابلِ عزت سمجهيو ويندو هو، ان جا هيروز ڪير هئا، حاڪم تصورَ ۽ ڪلچر ڪهڙو هو، ڪنهن به نئينءَ ڳالهه، فڪر ۽ سوچ کي قبولڻ جي منجهس گنجائش ۽ سهپ ڪيتري هئي، وٽس رائج ڏندڪٿائون ڪهڙي قسم جون هيون، سندس ٻوليءَ کي ان جي ئي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت ۽ مقام حاصل هو، ۽ ان دور جي شاعريءَ ۾ رائج قدر، لاڙا ۽ رويا ڪهڙا هئا- ۽ جڏهن ڀٽائي 63 سالن جي ياترا پوري ڪري هليو ويو، تڏهن سنڌ ۽ سنڌي شاعري انهن سڀني معاملن ۾ ڪٿي پهتي هئي. انهن سوالن جا جواب ڳولي لهڻ شرط ڀٽائيءَ جي وڏماڻهپائي خودبخود نکري سامهون اچي بيهندي. اياز کي به اسان کي ايئن ئي پرکڻ گهرجي، ته هن کان اڳ سنڌ ڪيئن هئي ۽ هو جڏهن هليو ويو، تڏهن سنڌ کي ڪٿي ڇڏي ويو. چوندا آهن، ته جڏهن به ڪو ماڻهو تري درياءُ پار ڪندو آهي، ته ان کان پوءِ اهو درياءُ ساڳيو رهندو آهي، نه ئي اهو شخص ساڳيو رهندو آهي. اياز به اهڙن ئي ماڻهن منجهان هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ، نه فقط اهو، ته هن جي شخصيت هڪ نئين ڪردار طور اڀري سامهون آئي، پر هن جو وطن سنڌ به، هڪ نئين تشخص سان بلڪل نرالي وطن طور متعارف ٿيڻ لڳو. ايئن ئي سنڌي ٻولي، جيڪا ڀٽائيءَ کان پوءِ روايتي فارسي زده شاعرن هٿان زنگجي، ڪاراٽجي، پنهنجي اصلوڪي معصوم ۽ سٻاجهي صورت وڃائي چڪي هئي، اياز ان کي نئين سر سنواريو، سينگاريو، ڳهَه ڳٺا پارايا ۽ سونهن راڻي بڻايو. اهو سمورو ڪم هن پنهنجي بي مثال باغيانه فطرت، گهري شعوري صلاحيت ۽ دنيا جهان جي اعليٰ تخليقي روايتن جي اڀياس ۽ ادراڪ وسيلي ڪيو. خاص طور بغاوت کي هن اڳ موجود فرسوده روايتن ۽ قدرن جي مينارن ۽ ڪوٽ قلعن کي ڊاهڻ لاءِ بهترين ۽ مضبوط هٿيار طور ڪتب آندو. بغاوت هن جي شاعريءَ ۽ شخصيت جو تخليقي گڻ ئي نه آهي، غالب رويو به آهي. هن کي خود به پسند هو ته دنيا کيس هڪ باغي شاعر طور سڃاڻي.
هن جيڪا سڀ کان پهرين بغاوت ڪئي، سا شاعريءَ جي روايتي ٻوليءَ سان هئي. هن جو پهريون شعري مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ ته گهڻو پوءِ 1962ع ڌاري آيو، ان کان اڳ ۾ ئي هن ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ جيڪي سهڻا، سجيلا، نفيس احساسن تي ٻڌل، رسيلي ٻوليءَ وارا گيت لکيا هئا، سي هن جي پنهنجي ٻوليءَ سان اٿاهه محبت ۽ پنهنجي لوڪ ۽ اساسي شعري روايت سان ڳنڍجڻ جي سلسلي ۾ پهرينءَ ڳنڍ مثل هئا.
آءُ سرنهن گل ڪيا، مينهن پيا آءُ
آءُ پرين آءُ!
پنڌ پيو آنهه ڇا؟ چنڊ هنئين ڇو پِڙي؟
آءُ سٻاجها سڄڻ! آءُ گهڙيءَ لئه گهڙي،
چنڊ جيان ڪر چٽاءُ
آءُ پرين آءُ!.
هن کي اهڙي رشتي جي ڳنڍ سان ڳنڍجڻ ۾ بلاشڪ ته ’بيوس‘
۽ ’دلگير‘ جي شعرن ڪافي مدد ڪئي هئي، پر اياز ان تعلق ۾ اڳتي هلي جيڪا شعوري ۽ جذباتي شدت پيدا ڪئي ۽ خاص طور ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان پوءِ واري شاعريءَ ۾ جنهن حسن سان نڀائي ڏيکاريو، تنهن کي ’بيوس‘ ۽ ’دلگير‘ جي ڪيل ابتدا کي انتها تي پهچڻ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. اياز ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر محمد ابراهيم جويي صاحب کي لکيل هڪ خط ۾ چوي ٿو:”مون کي سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته، هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ختم ٿي ويو، جڏهن ’ناسخ‘ ۽ ’انشا‘ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي.“
اياز جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جي سفر ڪهاڻيءَ کي پڙهجي ٿو، ته لڳي ٿو، هو هڪ ڳوڙهي بي چيني ۽ اُٿل پٿل مان گذرندو رهيو آهي. اها بي چيني ۽ بي قراري، هُن جي روح جو پرتوو ٿي محسوس ٿئي، جنهن ۾ مزاحمت ۽ بغاوت ائين ڀريل آهي، جيئن هوا ۾ خوشبو يا گوليءَ ۾ بارود ڀريل ٿيندو آهي. هن جي ڏات توڙي ذات، ٻيئي، هر دور ۾ بغاوت جي تمثيل رهيون. جيڪڏهن هڪ ليکڪ طور اياز کي فقط ڪنهن هڪ لفظ سان شناخت ڪرڻو پوي، ته مان هُن کي ”هڪ باغي ليکڪ“ سڏڻ پسند ڪندس. ڇاڪاڻ ته پنهنجي ابتدا کان آخر تائين، هُو پنهنجي تخليق، سوچ، نڪته نظر، فڪر توڙي عمل ۾ هڪ مڪمل، ڪميٽيڊ ۽ ڀرپور باغي هو. سندس پهريون ئي ڪتاب ”سفيد وحشي“ باغي منڊل ڪراچيءَ پاران ڇپيو، جنهن جي ابتدا ۾ هن جيڪو ڪجهه لکيو، سو ”لوڪ وهي لهوارو، تون اوچو وهه اوڀار!“ جو مثال ٿو پيش ڪري. ”سفيد وحشي“ اپريل 1947ع ۾ ڇپيو هو ۽ پاڪستان ۽ هندستان آگسٽ ۾ الڳ الڳ ملڪن جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي بظاهر آزاد ملڪن طور اڀري سامهون آيا هئا. اياز لکي ٿو:
”مان نه پاڪستاني آهيان، نه اکنڊ هندستاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساهتيه جي جهُوني، يَڪ رنگه تصور جو قايل، نه ڍؤنگي ترقي پسندن جي جنسي (Sexual) اگهاڙپ جو مشتاق. منهنجي راهه الڳه آهي، منهنجو سياسي ۽ سماجي تصور علحدو آهي. منهنجا خيال ۽ احساس، امنگ ۽ اُڌما هر ڪنهن رڪاوٽ کي ٺڪرائيندا، پنهنجو رستو تلاش ڪندا آهن، ۽ جي اها نه هٽندي آهي، ته منهنجي بغاوت ٻه رَتيون زور ٿي ويندي آهي – پوءِ اها رڪاوٽ سماج هجي يا سياسي طاقت، مذهب هجي يا رسمون روايتون، ترقي پسند يا غير ترقي پسند.“
آگسٽ 1947ع ۾ ”اڳتي قدم“ جي پهرئين ئي پرچي ۾، هن پنهنجي ڪتاب ”سفيد وحشيءَ“ جو جيڪو اشتهار ڇپيو آهي، سو هن ريت آهي:
”پڙهو!
سنڌ جي باغي اديب شيخ اياز جون ڪهاڻيون
سفيد وحشي!“
”اڳتي قدم“ جي ٽئين شماري ۾ (آگسٽ 1947ع) هن ”رولو ڪلب جي شاعر جو خط“ جي عنوان هيٺ لکيو:” ٻارن کي ته شاعر هميشه گلن سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن. خوبصورت، دلڪش گل، جن ڪڏهن به سرءُ جي سَٽ نه سَٺي آهي... گل هي ڪيئن ٿيندا- لِيڙ لِيڙ قميصون، چِيڙهه چِيڙهه چڳون، رِيڙهه پِيڙهه زندگي!..... هر عورت طوائف نه آهي، پر هر طوائف عورت آهي! ڪٿي آهي ان جي عصمت ۽ پاڪدامني، حيا! جيستائين اهڙين عورتن جو وجود آهي، تيستائين مان ڪنهن عورتن کي شرم ٻوٽيءَ سان ڀيٽي سگهندس...؟
توهان ئي چؤ ته، انهن احساسن هوندي، منهنجي شاعري سنڌ جي اڳئين شاعريءَ کان علحدي نه ٿيندي! مان خوبصورتي پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو، پر اول بدصورتي ته مٽايان! مان موسيقيت پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو، پر اول دک درد جون دانهون، بک بيماريءَ جون پڪارون ته وڃايان!
ان ڪري مون هن سماج، حڪومت، مذهبي، رسمي رواجي خيالن سان بغاوت جو اعلان ڪيو آهي. مان رزمي، بزمي، عشقي فشقي شاعر نه آهيان. مان هن سرشتي کي ڊانوان ڊول ڪرڻ چاهيان ٿو. هن زندگيءَ کي نئين سانچي ۾ پلٽڻ چاهيان ٿو.“- ۽ خط جي آخر ۾ هن پنهنجو تعارف، هنن لفظن سان ڪرائڻ پسند ڪيو آهي:
”اوهان جو
باغي شاعر-“
اياز جو هڪ فنڪار طور، هڪ شخص طور ۽ هڪ رويي طور ان کان بهتر تعارف ٿي به نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور جي هر برائيءَ سان علي الاعلان بغاوت واري هئي ۽ اها ڪڏهن به ختم نه ٿي. اها فقط پنهنجا ٽارگيٽ ۽ محرڪ بدلائيندي رهي. ڪڏهن مذهب هن جي زَد ۾ آيو، ته ڪڏهن تصوف، ڪڏهن اشتراڪيت کي چئلينج ڪيائين ته ڪڏهن هر قسم جي کوکلي سياست کي، ڪڏهن دهشت ۽ تشدد پسند روين کي نشانو بڻايائين، ته ڪڏهن اهنسا کي. حڪومتن، حڪمرانن، آزاديون سلب ڪندڙن، راءِ جي اظهار کي گوليءَ سان خاموش ڪرائيندڙن ۽ مقدس نالن ۾ ماڻهن کي ڪچلي، چيڀاٽي زندگيءَ جي سرحدن مان پري ڌڪيندڙ سمورين ڌرين خلاف هن جو قلم هڪ لاڳيتي مزاحمتي ويڙهه وڙهندو رهيو- ۽ هن پنهنجي شعر لاءِ جيڪا ”انوکيءَ ڏات“ واري تمثيل استعمال ڪئي هئي، تنهن جو اصل جوهر به اهو ئي هو. سندس شعر توڙي رويو، بغاوت جي جذبي ۾ ڳوهيل ۽ ڳنڌيل هو. ان معاملي ۾ هو سنئون سڌو سچل کان متاثر هو، جنهن جي شعر جو مُک محرڪ به بغاوت هُئي، ته مذهب ۽ مسلڪ به بغاوت هو. بغاوت ئي هُن جو عشق هُئي ۽ بغاوت ئي هن جي شعر جو جوهر هُئي. نه فقط ترقي پسند، قومپرستي ۽ وطن دوستيءَ جي اثر هيٺ لکيل شاعريءَ ۾ اهو عنصر حاوي آهي، بلڪ رومانوي شاعريءَ ۾ به هن جو تخليقي وجدان غير معمولي حد تائين باغيانه تصورن جي چوگرد گهمندي نظر اچي ٿو.
ڪنهن به انسان جو گدازِ دل
هر خدا جي ڪلام کان بهتر!
....
ڪير هن حال جو سبب آهي،
ڪاٿي آهي، جي تنهنجو رب آهي؟
نعمتون بي حساب، سانڍي رک
منهنجي مانيءَ ڳڀو طلب آهي!
...
تن تي افسردگي وسي ٿي اياز،
جي خداءِ بهار هوندا هئا!
...
هن زمين کان وڌيڪ سهڻو آ،
زاهدا! ڏَس ته آسمان ڪوئي!
...
راز جيڪو ڪنهن پيمبر حل نه ڪيو،
اي پرهه! تنهنجا پکي سمجهائي ويا!
....
ڪفر ۾ آ بُوءِ گل، رنگِ حنا،
هر نفي مون لئه پرينءَ جو پُور آ.
....
حسرتِ اقرار منهنجي اي پرين!
ڪنهن نه جاچي جرئت انڪار ۾.
....
محبت اياز آهه زنجير، تنهن کان
چڱي آهه آزادگي تنهنجي منهنجي!
....
بغاوت ڪئي آ مون دير و حرم سان،
جهڪايان ڪٿي مان جبين، تون ڪٿي آن!
ترقي پسندن عام طور غزل کي هڪ صنف طور گهربل اهميت نه ڏني آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو خاص طور اردوءَ ۾ ڏسبو ته، فراق گورکپوريءَ کي ڇڏي، اڪثر وڏا ترقي پسند شاعر جهڙوڪ فيض، مخدوم، جوش، سردار، مجاز، قاسمي، سڀ جا سڀ نظم کي اظهار جو ذريعو بڻائيندي نظر ايندا. اياز غزل سميت ڪنهن به گهاڙيٽي سان نفرت نه ڪئي. هن پهرئين دور جي ٻيءَ وک ۾، ڪجهه اردو شاعرن جي صحبت ۽ سنگت ملڻ سبب، ٻوليءَ طرف نج پڻي واري روش کي ترڪ ڪري، جڏهن روايتي فارسي انداز ۾ غزل لکڻ شروع ڪيا، تڏهن به هن انهن ۾ روايتي موضوعن کي گهٽ ئي ڇهيو- ۽ اهڙا اهڙا معاملا، سوال ۽ مضمون کڻي آيو، جيڪي کانئس اڳ ممنوع ٿيل ميوي مثل رهيا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ” ڀؤنر ڀري آڪاس“ کي رائيٽرس گلڊ جي ايوارڊ ملڻ باوجود ضبطگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
جيتوڻيڪ اياز جي بغاوت هر دور ۾ مختلف صورتون اختيار ڪندي رهي آهي، پر پنهنجي ابتدائي زماني ۾ اها هڪ انقلابيءَ جي بغاوت محسوس ٿئي ٿي، جنهن وٽ پنهنجي سماج ۽ ان جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ٻيو ۽ متبادل نظام آهي. هن وٽ اهو نظام نهايت چٽو ۽ واضح نموني ڏسي سگهجي ٿو. ”اڳتي قدم“ جي شمارن ۾ اياز هڪ سلسلو لکندو هيو، ”سوچو ۽ بغاوت ڪريو.“ ان عنوان هيٺ هو آگسٽ 1947ع جي پهرئين ئي شماري ۾ لکي ٿو:
”هن سماج جي سيني ۾ سوين ناسور آهن. جتي ڇُهجيس، اتي پيو ڏکي! ڇا اسلام انهن جي به ڪا جراحت ڪري ٿو؟ ڇا اسلام امير غريب، اوچ نيچ جو تفاوت مٽائڻ چاهي ٿو؟ جي ها ته اچو ته ان ارادي جي تڪميل لاءِ لڙون. جي نه، ته چونڊيو- اسلام يا سوشلزم؟“
ايئن هُو نه فقط پنهنجي زماني جي هڪ نظام ۽ اسٽيٽسڪو کي چئلينج ٿو ڪري، پر گڏوگڏ هڪ نئين نظام لاءِ سوچڻ جي به ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا ان وقت هن جي خيال مطابق سماجي ناسورن جي جراحت جي اهل هئي. هن جي اها سوچ سندس ان دور جي شاعريءَ ۾ به چٽي ۽ واضح آهي. 1946ع ڌاري مقبول ٿيل هن جو مشهور گيت اهڙي انقلابي بغاوت جو اولين مثال آهي:
ڊاهه هن سماج کي
لوڏ سامراج کي
آڻ ڪو نئون نظام
جو چڱو چئي عوام
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ...
پنهنجي اهڙي شاعريءَ جي حوالي سان ”اڳتي قدم“ رسالي ۾ اياز لکيو: ”هي گيت عوام جي جهنڊي سان لهرائيندا، انقلاب جي نعري جوآڌرڀاءُ ڪندا... جيئن زمين آسمان گونجي اٿي، هيءُ بي اتفاقيءَ، بد انتظاميءَ جي دنيا لڏي وڃي ۽ زلزلي ۽ ظلمات مان نئين دور جي پرڀات نچندي اچي ۽ دنيا تي پنهنجا سِيتل ڪرڻا ڦهلائي! ۽ پوءِ مان پنهنجا نفيس جذبا ۽ لطيف احساس چٽيندس ۽ اهڙو لفظن جو خوبصورت جهان اڏيندس، جو خدا جو بهشت به اُن اڳيان هر هر جُهڪي سلام ڪندو.“
اياز جي سنڌي ڪلام جو پهريون مجموعو ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ 1962ع ۾ شايع ٿيو ۽ وقت جي سرڪار ان کي ٻن سالن کان پوءِ 1964ع ۾ ضبط ڪيو. ايئن ئي سندس شاعريءَ جي ٻئين مجموعي ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ سنڌي نثر ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ سندس غير معمولي خطن تي ٻڌل مجموعي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ تي 1968ع ۾ بندش وڌي وئي. اياز 1947ع ۾ ”اڳتي قدم“ کي لکيل پنهنجي خط ۾ اڳواٽ ئي ٻڌائي چڪو هو،”ته چيو وڃي ٿو ته منهنجن بغاوتي ترانن تي حڪومت بندش وجهندي. جي ائين آهي ته توهين پنهنجي رسالي رستي آواز اٿاري، منهنجي مدد ڪجو.“ اياز جو اهو خدشو صحيح ثابت ٿيو، ۽ ائين هن جي بغاوت به نئين کان نئون رنگ اختيار ڪندي رهي، ته مقدمن، الزامن، بُهتانن ۽ فتوائن جون بارشون به ٿينديون رهيون. اياز کي نه ڪفر جي فتوائن ڪنبايو، نه الحاد جي الزامن، نه دشمنن جون سازشون کيس جهڪائي سگهيون، نه دوستن جون بيوفايون. هُن سمورا وار پنهنجي سيني تي سَٺا، جيل ڪاٽيا ۽ شهر بدريون ڏٺيون- پر پنهنجيءَ بغاوت ۽ مزاحمت جي آواز کي جهيڻو ٿيڻ نه ڏنو. هن جي ڏات جي ڏيئي جي وَٽ ويئي تهائين اُڀي ۽ اُونچي ٿيندي، جنهن جي روشنيءَ ۽ اُهاءَ منجهان هڪ نئين، جرڪندڙ ۽ صاف شفاف سنڌ جي صورت ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي.
اياز جنهن زماني ۾ اک کولي، اها گهڻو ڪري ته، هڪ واضح لڪير تحت ماڻهن جي ٻن گروهن ۾ ورهايل هُئي. هڪڙا اُهي هئا، جيڪي، چاهيندي نه چاهيندي، ڪنهن نه ڪنهن جنگ جو حصو هُئا ۽ کين ايتري به خبر هئي ته، هو ڪنهن جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ۽ جن سان وڙهي رهيا آهن، تن جو ڏوهه ڪهڙو آهي. اها صورتحال عالم کان وٺي علائقي تائين، جيئن جو تيئن موجود هئي. ٻن عالمي جنگين جي وچ واري زماني ۾، جڏهن اڌ دنيا چند ملڪن جي غلاميءَ هيٺ تڳي رهي هئي ۽ هر هنڌ ڪي ڇڙوڇڙ، ڪمزور، ته ڪٿي منظم ۽ سگهاريون آزاديءَ جون تحريڪون پيدا ٿي چڪيون هيون. هند ۾ به هڪ پاسي گانڌيءَ جي سوراج پارٽي، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻيون ڌريون منظر تي هيون ته، ٻئي طرف ڪرتار سنگهه ۽ سبحان سنگهه وارن جي هٿيار بند ويڙهه ڪندڙ غدر پارٽي، ڀڳت سنگهه وارن جي هندستان سوشلسٽ ريپبلڪ آرمي، سڀاش چندر بوس جي انڊين نيشنل آرمي ۽ سنڌ ۾ پير صبغت الله شاهه جي حُر تحريڪ موجود هيُون. اياز ان سموري دور کي ڏٺو ته هڪ ٻار جي اک سان، پر ان کي محسوس پنهنجي ادراڪ جي اک سان ڪيو. اڳتي هلي، جڏهن ان سموري دور منجهان کيس پنهنجي لاءِ هيرو ۽ آئيڊيل طور ڪنهن شخص جي چونڊ ڪرڻي پئي، ته هن کي پنهنجي مزاج ۽ آئيڊيالاجيءَ جي ويجهو وري به هڪ باغي ۽ ويڙهاڪ شخص ئي نظر آيو، يعني ڀڳت سنگهه! جيتوڻيڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ هن 1971ع ڌاري سکر جيل ۾ رشيدڀٽيءَ سان قيد ڪاٽڻ دوران لکڻ شروع ڪيو هو ۽ 74-1973ع ڌاري اهو مڪمل ڪيو هُئائين، پر ڀڳت سنگهه هُن جي ذهن تي ابتدائي ڏينهن کان ئي حاوي هو. ڇاڪاڻ ته هن جي ڪردار ۾ تبديليءَ ۽ آزاديءَ لاءِ جيڪا اجهل ۽ بي قابو قسم جي تڙپ ۽ لُڇ پُڇ هُئي، سا خود اياز ۾ به هُئي. هُن به ڀڳت سنگهه وانگر سڀ ڪجهه ڊاهي، ڊانوان ڊول ڪرڻ ٿي چاهيو:
آ ڪيڏي برف هماله تي،
ڪيئن چئجي سا ڪنهن وقت رِجي!
او شال! گهٽا گهنگهور اُٿي،
۽ اُڀري زوران زور اُٿي،
او شال! تکا طوفان اَچن
۽ ڌول گِريءَ کي ڌڌڪائن،
۽ گوري شنڪر کي گهائن
۽ ڇوهه ڇِپن کي ڪيرائن
۽ ڦرندي ڦرندي ڦيرائن
ڪنهن وقت اڻاسيءَ ڌرتيءَ کي
هن ڀوريءَ ناسيءَ ڌرتيءَ کي،
۽ اُن جا سارا ٿاڪ ٿڏي
شل تارن تائين برف اُڏي.
۽ ساري ڌرتي ڌونڌاڙي
هي جهُونا وڻ سڀ جهونجهاڙي
شل آکيرن جي اوٽ ڊهي
۽ ڪهه ۾ هرڪو جيءُ ڪهي!
هي گهاگهرا، گنڊڪ، ڀاڳ متي،
۽ گنگا، جمنا، سرسوتي،
سڀ جيسين تارئون تار وهن
۽ گرجي ساگر طرف ڪَهن،
۽ جيسين هيڏي برف رجي،
اڄ تيسين ڪو طوفان ٿِجي!
طوفان ضروري آ يارو!
گهمسان ضروري آ يارو!
ائين ئي هُو سڀاش چندر بوس کان به گهڻو متاثر هو، جنهن انڊين نيشنل آرمي ٺاهي هئي ۽ آزاديءَ لاءِ هٿياربند ويڙهه جو قائل هو. جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ ايازکي دهشت پسند سوچ رکندر سمورين تحريڪن سان نفرت هُئي ۽ هُو گانڌيءَجي اهنسا واري نظريي کان سخت متاثر هو، پر پوءِ به هُن کي اهي باغي ڪردار اُتساهيندا رهيا.
پنهنجيءَ آتم ڪٿا جي ٽئين ڀاڱي ۾ هو لکي ٿو: ”مون کي تشدد ۽ فاشزم لاءِ نفرت آهي، پر جي بوس جپان سان معقول سمجهوتو ڪري سگهي ها، ته انڊين نيشنل آرمي اقتدار ۾ اچي ها ۽ هن ڳڙ ڳڙ ڌاڻي واري فضا ۽ مونجهاري مان جان ڇُٽي پئي ها. فاشزم هونئن به اچي ها ۽ هيئن به آئي.“
ڪتاب جي ساڳئي ئي صفحي تي هو لکي ٿو: ”ڪيئن چئجي ته بوس هوائي حادثي ۾ نه ماريو وڃي ها، ته برصغير انڊين نيشنل آرميءَ جي هٿ ۾ اچي ها ۽ برصغير جي تقدير ٻي هجي ها. آخر بوس پاڻ ته فاشسٽ نه هو!“
آخري وقتن ۾ جيتوڻيڪ هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم جو سخت مخالف ٿي چڪو هو، پر ان جو مکيه سبب اسٽالن جون پاليسيون ۽ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اظهار جي آزاديءَ ۽ شخصي آزادين تي زنجير وجهڻ وارو رويو هو، جنهن متعلق هن تمام گهڻو ادب پڙهيو هو. تڏهن به کيس سوشلزم ۾ چڱن پاسن ۽ حاصلاتن سان آخر تائين محبت هئي، ۽ هو رکي رکي انهن جي ساراهه به ڪندو رهيو.” جي فرض ڪجي ته، جن صحافين، تاريخ نويسن ۽ فلسفي جي تجزيي دانن ۽ ايس ايس آر جي تالان والان ٿي وڃڻ کي تاريخ جو انت سمجهيو، سي صحيح ها، ته تڏهن به ان چوڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته هن ڪيترن ئي ملڪن جي پٺتي پيل زرعي زندگيءَ کي اُتساهيو ۽ ان ڏس ۾ رفتار وڌائڻ (Accelerator) وارو ڪم ڏنو.“
’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جي صفحي 726 تي هو لکي ٿو:”نٽشي ان لاءِ خودڪشي ڪئي، ڇو ته هن کي زندگيءَ ۾ معنيٰ نظر نه آئي. يوناني فلسفي زينو (Zeno) سڄي زندگي آپگهات لاءِ ماڻهن کي چوندو رهيو، ڇاڪاڻ جو ’نجات جو ذريعو فقط اهو ئي هو‘. مٿيون اختصار مون اوشوءَ جي ڪنهن ڪتاب مان ڏنو آهي. سچ ته مان به فقط ڪورٽن، بار رُومن ۽ رپورٽن جي مطالعي ۾ سارو وقت وڃايان ها، ته منهنجي ڪيفيت به اُنهيءَ نوجوان (ڪاميو جي ناول جي هيرو) جهڙي هجي ها، جنهن بي سبب خون ڪيو هو، پر شراب نوشيءَ، شاعريءَ، وڪالت ۽ مصروفيت ۽ ڪميونزم سان وابستگيءَ مون کي بچائي ورتو.“
اياز پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا ۾ ئي جنهن سوچ يا آئيڊيالاجيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو، سا اشتراڪي يا سوشلسٽ فڪر تي ٻڌل هئي. ان دور ۾ ائين ٿيڻ عين فطري به هو. ڇاڪاڻ ته اياز جي باغيانه ۽ انقلابي طبيعت کي هڪ اهڙي ئي آئيڊيالاجي يا فڪرمتاثر ڪري پئي سگهيو، جنهن وٽ غلاميءَ ۽ ڏاڍ خلاف ويڙهه جو نصاب ئي نه عملي دستور به هجي. جنهن جا خواب آسمان لتاڙيندا هجن ۽ سمورن زمانن تي حڪمرانيءَ جا قائل هجن. اياز خود به پنهنجن تصورن ۽ تخيلن ۾ زمينن ۽ زمانن تي حڪمراني ڪري رهيو هو ۽ هن جو ڪلام سموريءَ ڪائنات کي پنهنجي گهيري ۾ آڻڻ لڳو هو. شايد اهو ئي سبب هجي، جو هُو ايم اين راءِ جي ريڊيڪل پارٽيءَ جو ميمبر به ٿيو ته 1946ع واري اليڪشن ۾ سندس پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ ڪامريڊ عبدالغفور جي ورڪ لاءِ عمرڪوٽ به ويو ۽ هڪ مهيني تائين ٿر جي ڀٽن ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين سان رُلندو رهيو. نعري بازيءَ جي الزام هيٺ آيل سندس مشهور گيت ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ ان ئي زماني جو لکيل آهي.
اياز ريڊيڪل پارٽيءَ سان وابستگيءَ دوران ڪافي سرگرم رهيو ۽ انگريز حاڪمن خلاف هندستان ۾ هلندڙ هر قسم جي باغيانه ۽ احتجاجي تحريڪن سان سڌي يا اڻ سڌي نموني لاڳاپيل رهيو. ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جو هڪ جٿو ڪافي سرگرم هيو. سوڀي گيانچنداڻي ۽ اسلم رحيل مرزا ”سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما“ ۾ لکيو آهي:
” 1946ع ۾ جڏهن هندستاني بحري ٻيڙي واري بغاوت عمل ۾ آئي، ته پارٽيءَ جي رهنمائيءَ ۾ هن گروپ جون سرگرميون ڪراچيءَ جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي ٻين ڪئين مزدور ڪارڪنن سان ملي، وڌي ويون ۽ برطانوي سامراج جي غلامي، محڪوميءَ ۽ آفيسر شاهيءَ خلاف بحري ٻيڙي جي ملاحن جي حمايت ۾ سڄي ڪراچيءَ ۾ هڪ طوفاني جوش ۽ ولولي وارو ماحول پيدا ٿي ويو. مظاهرن، جلسن جلوسن ۽ هڙتالن جي هڪ اڻ کٽ سلسلي ڪراچيءَ کان سواءِ هندستان جي ٻين بندرگاهي شهرن بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس کي به پنهنجي گهيري ۾ ڪري ورتو. اياز به ان سموري عرصي ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ انهن انقلابي سرگرمين ۾ شامل رهيو... اياز جهازي ملاحن جي برطانوي حڪومت خلاف ملڪ گير بغاوت واري صورتحال ۽ واقعن کان متاثر ٿي ڪجهه نظم ۽ افسانه به لکيا. ”سفيد وحشي“ نالي ڪتاب ۾ ان ئي عنوان هيٺ شامل افسانو به ان ئي باغي فضا جي پيداوار آهي.“
اياز جي ابتدائي زندگي جنهن قسم جي سياسي ماحول ۾ اُسري نسري ۽ نظرين ۽ ڪردارن سان وابستگيءَ ۾ گذري، انهن جو مٿس سڄي زندگي اثر رهيو. جيتوڻيڪ اياز جي سموري تخليقي، علمي، سياسي ۽ فڪري سفر تي نگاهه وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته، هُن هڪ اشتراڪيءَ طور پنهنجي فڪري زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي ۽ پوءِ ترقي پسند، وطن دوست، قوم پرست، جمهوريت پسند، اسلامي فڪر جي مثبت پهلوئن جي حامي ۽ آخر ۾ هڪ اهنسا وادي ۽ صوفيءَ طور پنهنجو سفر پڄاڻيءَ تي پهچايو- پر ٿلهي ليکي، هُو انهن مان هر هڪ فڪر ۽ نظريي جي ڪمزورين ۽ خرابين تي چوٽون ڪندڙ ۽ هر قسم جي جبر، ڏاڍ، فاشزم ۽ راءِ جي اظهار کي چيڀاٽڻ جو سخت مخالف رهيو.
اهڙي لاڳيتي تبديليءَ جا بلاشڪ ته ڪي منفي پاسا به ٿين ٿا، پراهڙي تبديلي هڪ دانشور، اديب ۽ ذهين ماڻهوءَ جي زنده هجڻ جي نشاني به آهي. اهو بدلاءُ ۽ سوچ جو تحرڪ ئي زندگيءَ جي سفر کي اڳتي وٺي هلڻ جو ڪم ڪري ٿو.
اياز ۾ انڪار ڪرڻ جي بي پناهه قوت ۽ جرئت هئي. هن هائوڪار بجاءِ انڪار جو ڪنڊن ۽ ڪاون ڀريو رتوڇاڻ ڪندڙ رستو پاڻ ئي چونڊيو هو، ڇاڪاڻ ته هُن جي پڙهڻ ۽ لاڳيتي پڙهڻ، هُن کي سيکاريو هو، ته جيڪي ماڻهو انڪار نه ڪري سگهندا آهن، انهن جي هائوڪار کي به ڪا معنيٰ نه ٿيندي آهي. هُن جي شخصي ۽ فڪري تضادن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر هُن جي ذات ۽ ڏات ٻنهي ۾ بغاوت ۽ ويڙهه کائي سگهڻ جي جيڪا صلاحيت هُئي، سا هُن جي پوري دؤر ۾ ڪنهن وٽ به نه هُئي. بنگال خلاف هلندڙ آپريشن دوران، جڏهن فيض سميت اردوءَ جا اڪثر وڏا اديب ”غالب ڪي دربارِ آم“ نالي رٿيل پروگرام ۾ سرڪار پاران انبن جون دعوتون کائي رهيا هئا، تڏهن جي ايم سيد، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ سنڌ جا ٻيا روشن خيال اديب، عالم ۽ فنڪار جيلن ۾ قيد ڪاٽي رهيا هئا. ساڳيءَ ريت اياز سڄي ننڍي کنڊ جو واحد شاعر هو، جنهن ”هي سنگرام، سامهون آ نارايڻ شيام، هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان، هن کي گولي ڪيئن هڻان مان“- چئي، 65ع واريءَ جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان ٿيندڙ انساني قتلِ عام تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو. اياز ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ بنگال خلاف ٿيل آپريشن وارن ڏينهن ۾ پنهنجي جيل جي يادگيرين مان هڪ يادگيري هيءَ به لکي آهي:
”رات ريڊيو تي ’غالب ڪي دربارِ آم‘ پروگرام ٻڌي رهيا هياسين. ’فيض‘ جي صدارت ۾ ڪيترا ئي شاعر ۽ اديب ’غالب‘ تي ۽ هن جي انبن سان رغبت تي شعر ۽ مضمون پڙهي رهيا هئا. هنن لاءِ انبن جي دعوت به ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جا قسمين قسمين انب آندا ويا هئا. جنهن وقت هو انب چُوسي رهيا هئا، ان وقت اوڀر پاڪستان جا لکين ماڻهو- ڳڀرو، ٻار، ٻڍا ۽ زالون- سرحد ٽپي، هندستان وڃي چڪا هئا، ۽ لکين ماڻهو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي، هِت هُت ڀٽڪي رهيا هئا. مون اُن وقت ٿڌو ساهه ڀري سوچيو هو ته،’شاعر به ذلت جي تري ۾ ائين ئي ڪري سگهن ٿا، جيئن ٻيا ماڻهو! تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي جڏهن کوٽي ۽ کري جي پرک ٿيندي، تڏهن هي چلڪڻا سِڪا ڪوڏيءَ جي ملهه به نه ويندا.“
بنگال سانحي تي سنڌ جي اديبن جو رد عمل ڏسڻو هجي، ته علي بابا جي ڪهاڻي ”مڌرگاڊيس“ ڏسڻ گهرجي. ان سانحي تي اهڙي ڪهاڻي خود بنگاليءَ ۾ به ورلي لکي وئي هوندي. اها ڪهاڻي سنڌي ماڻهن جي انسانيت پسندي ۽ هڪ باوقار قوم طور ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
جيتوڻيڪ آخر۾ اياز ”تصوف کي انسان جي آخري نجات“ ۽
”جدلياتي ماديت جو نعم البدل“ سڏيندو رهيو، پر هن کي انقلابي باغي ۽ ويڙهو قسم جا ڪردار تڏهن به ساڳئي انداز ۾ انسپائر ڪندا رهيا. آخري دور جي شاعريءَ ۾ هُن شعوري طور تي اهڙن ڪردارن کي ڳائڻ کان پاسو ڪيو، پر نفسياتي ۽ ذهني طور هن لاءِ اهڙا ڪردار ئي افسانوي حيثيت جا مالڪ ۽ هيرو هُئا. مثال طور آتم ڪٿا جي آخري ڀاڱي ۾ هُو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهڙي ڪردار کي جهڙيءَ ريت پيش ٿو ڪري، تنهن مان به هن جي ذهني رغبت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ جڏهن ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿيا ۽ پراڻي سکر ۾اياز جو گهر خطري هيٺ هو، تڏهن پيرل ڀنڀري نالي هڪ شخص اياز جو پهريدار ٿي اچي وٽس ترسيو هيو. پيرل ڀنڀرو ڳڙهي ياسين جو ڀنڀرو هو، جنهن کي اياز خون جي هڪ ڪيس مان آزاد ڪرايو هو. اياز پيرل جي زباني سندس ذڪر هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
”مان تنهنجي گهر رهندس، تولاءِ ماني پچائيندس، ۽ توتي پهرو ڏيندس.“ پوءِ آهستي پڇيائين: ”ڪارتوس، اٿئي؟“ مون هن کي جواب ڏنو: ”پنجاهه کن ته آهن.“
”بس، بس، بس...“ پيرل چيو. ”مان اڪيلو پراڻو سکر اُڏائي ڏيندوسانءِ! هيءَ ڪهاڙي، جا سج وانگر چمڪي ٿي، اُن سان به پنجاهه سِر ته اُڏائي سگهندو آهيان.“ (
اياز هن سان اهڙي گفتگوءَ کان اڳ لکي ٿو: ”مون کي مڙس ماڻهو وڻندا هئا، پيرل ڀنڀرو سورهيه، مهل وارو، ٿورائتو، ۽ وير وَٺو هو. ويڙهه ۾ هُو وڻ وڄائي ڇڏيندو هو. هيڻي سان هيڻو ۽ ڏاڍي سان ڏاڍو هو.“
* اياز جي هيءَ شاعري فقط بغاوت، انقلاب، آزادي ۽ مزاحمت تائين محدود نه آهي بلڪه اها پنهنجي دامن ۾ زندگيءَ، فطرت ۽ فرد جي ذات جي ڪائنات جا هزارين اسرارن ڀريا پهلو، سوادَ ۽ خوبصورتيون سمايو ويٺي آهي. هيءَ زندگيءَ سان ڀرپور ۽ زندگيءَ جي بچاءَ جي شاعري آهي، جنهن تي ايندڙ ڪيئي زمانا ناز ڪندا رهندا.
هن ڪتاب ۾ اياز جا منظوم ناٽڪ، جهڙوڪ: دودي سومري جو موت ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي وغيره ڄاڻي واڻي شامل نه ڪيا ويا آهن، ڇو ته انهن کي اياز جي صنف وار سهيڙ واري سلسلي ۾ الڳ شايع ڪيو ويندو.
- اسحاق سميجو
https://www.facebook.com/RoshniPublication
Book No . 699
Kitab Jo Nalo : GAAI INQALAB GAAI
Poet: Shaikh Ayaz
Compiled by: Ishaq Samejo
First Edition © Roshni 2015
Pages : 800
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs.700.00
Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔














































Comments
Post a Comment