SHAHEED DOOLAH DARYA KHAN
























سنڌ جي تاريخ ۾  ”سمن جو دور“ سياسي لحاظ کان سونهري دور ٿي گذريو آهي. سياست، عملداري، فوج، سپاهه، مدرسا، خانقاهون، مڪتب، ڪاروبار ۽ واپار، مطلب ته سنڌي ماڻهو هر لحاظ کان فوقيت رکندڙ هو. 1520ع ۾ سمن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سنڌي وري ڪڏهن به اهو اوج حاصل نه ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جي وڃايل اوج کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي سمن جي حڪومتي حاصلات تائين پهچي نه سگهيا!
بادشاهن ۽ سلطانن (سمن) کان سواءِ، ڄامن سمن جي آخري دور ۾ ٻه وڏا ڪردار پيدا ٿيا. مخدوم بلال ۽ دولهه دريا خان. ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، تمام وڏي اهميت وارا هئا. مخدوم بلال عالم، استاد ۽ صوفي هئڻ سان گڏ، وطن دوست انسان ٿي گذريو. دولهه دريا خان سياستدان، مدبر، سپهه سالار ۽ تعميرِ سنڌ جو روح روان هو. 1980ع ۾ هڪ مقالو ڇپيو. ان موجب دريا خان لاشاري بلوچ هو. منهنجو ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ 1987ع ۾ ڇپيو، تڏهن مون هن راءِ کي تسليم نه ڪيو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو. محض روايتن جي آڌار تي، ڪنهن جو حسب نسب طئه ڪرڻ، تحقيق جي تسليم شده اصولن جي خلاف هو.
ايندڙ ورقن ۾ ”دولهه دريا خان“ بابت مضمون ۽ مقالا سهيڙي پيش ڪيا پيا وڃن. هن مواد کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ دريا خان جي سوانح، ڪردار، دليري، دانائي ۽ وطن دوستيءَ تي مبني مواد کي پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي حصي ۾ سنڌ جي هن عظيم سپهه سالار جي حسب نسب بابت ٿيل بحث مباحثي کي گڏ ڪيو ويو آهي.
تاريخ قومن جي عظمت جو اهڃاڻ ۽ سڃاڻپ جو وڏو ذريعو آهي. تاريخ جي ڌنڌلي ٿيڻ سان قومون پنهنجي اهميت وڃائڻ شروع ڪنديون آهن. ٻه چار سال ٿيا ته آمريڪا ۾ ايران بابت هڪ فلم نمائش لاءِ پيش ٿي. تڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ ايراني باشندن فلم خلاف مظاهرا ڪيا ته، هن ۾ ايران جي تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ جاپان سرڪار فيصلو ڪيو ته، ٻي عالمگير جنگ ۾ هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا پاران استعمال ڪيل ايٽم بم وارو سبق نصاب مان خارج ڪيو وڃي. ٻنهي شهرن جي عوام ان فيصلي تي احتجاج ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته، اها اسان جي تاريخ آهي ان کي گم ٿيڻ نه ڏينداسين.
ليڪن هتي وڏي دانائيءَ سان گڏجي تاريخ سان به ساڳيو حشر ڪيو پيو وڃي. مهر ڳڙهه لاءِ سڄي دنيا چوي ٿي ته اها سنڌو تهذيب  جو اوائلي اهڃاڻ آهي. ننڍي کنڊ جو پهريون تحريري ماخذ ”چچ نامي“ ٻُڌائي ٿو ته راجا چچ مڪران ۽ ڪشمير تائين حڪمراني ڪئي. هاڻي ان تاريخ کي به گم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ٿي وئي آهي. خود باقي بچي ويل سنڌ (عظيم سنڌ مان) اندر به سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي حاڪمن جي آثارن کي مليا ميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان عمل تي جيترو ارمان ڪجي اهو گهٽ آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ خاص ڪري پنهنجن سورمن بابت جاري روش ٿي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏک بلڪ طنزيه انداز ۾ لکيو ته:
”دولهه دريا خان جي ورسيءَ جو ٺيڪو ته صرف بهاول خان انڙ ئي کنيو آهي، ۽ هاڻ ته ان جا وارث لاشاري ٻروچ ساماڻا آهن، ۽ دعويٰ ٿا ڪن ته دولهه دريا خان لاشاري هو (ثقافتي ورثو، ص 20، 1999ع)
هن کان اڳ آزاد قاضي صاحب ”شهيد مخدوم بلاول“ تي هڪ ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. هاڻ سمان دور جي ٻئي عظيم ڪردار
”دريا خان“ بابت دستياب سمورو مواد، مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪري رهيو آهي. پروفيسر قاضيءَ جو لکيل مقدمو، نهايت مدبرانه تحرير آهي. ان کي پروڙڻ ۽ پرجهڻ جي اشد ضرورت آهي. هن پورهيي لاءِ قاضي صاحب جس لهڻي. دريا خان جي بيٺڪ (اوطاق) بابت لکيل مضمون، اصل ۾ مون کي تازو مسٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙي اسلام آباد مان موڪلي ڏنو. اِهو مضمون پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. آخر ۾ ڌڻيءَ در التجا آهي ته، اسان کي تاريخ کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي سگهه ڏيئي ۽ حقيقتن توڙي سچاين کي قبول ڪرڻ جي توفيق بخشي!

غلام محمد لاکو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 700
Kitab Jo Nalo : SHAHEED DOOLAH DARYA KHAN

Compiled by: Dr. Azad Qazi
New Revised First Edition  © Roshni 2015
Pages : 240
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.250.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

SHAHEED SORIAH BADSHAH

KHAT’A AEEN KHAYAL

NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH