SINDH JO SHAH
هن ڪتاب ۾ بدر ابڙي، سنڌ ۽ شاهه جا بيت ڪيترن اهڙن پهلوئن تي قلم کنيو آهي، جن تي اڳ ۾ ڪنهن به ڪونه لکيو آهي ۽ ٻين ڪن موضوعن تي جيڪڏهن اڳ ۾ لکيو به ويو آهي ته بدر انهن تي هڪ بلڪل مختلف نقطه نگاهه سان لکيو آهي... جيئن شاهه جي دور جي سنڌ جي تاريخي پس منظر تي سورلي به لکيو آهي، پر ان ۾ هڪ يورپي يا هڪ انگريز جو نقطه نظر آهي، جيڪو اتفاق سان ان وقت سنڌ تي حڪومت ڪندڙن جو ذات ڀائي هو، ان ڪري غيرارادي طور ئي سهي، هو انگريزن جي حڪومت کي جواز ڏيڻ لاءِ انهن کان اڳواڻن مڪاني حڪمرانن جي تعريف نه ڪري سگھيو ۽ انهن پاران کنيل ڪيترن مثبت قدمن کي نظر انداز ڪري ويو، ۽ ٻئي طرف انگريزن جي طريقي ۽ طرزِ حڪومت کي سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح ساراهي ويو جڏهن ته بدر تمام گھڻين تاريخي ثابتين ۽ حوالن سان سنڌ جي تاريخ کي گھڻي قدر غير جانبداريءَ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پهلو سورلي ڇهي نه سگھيو، اهو پڻ هن پڌرو ڪيو آهي. يعني، يورپي لوڪن هٿان سنڌ جو اقتصادي گھيراءُ...۽ شاهه جي بيتن ۾ موجود اهڃاڻن ذريعي ڪيتريون لڪل ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن. سنڌ جي اقتصادي حالتن بابت هن سر سامونڊي، سر سريراڳ، سرڪاپائتيءَ منجهان ڪيترائي نتيجا ڪڍيا آهن ۽ سر کاهوڙي جي پس منظر ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ ۽ شاهه عنايت جي شهادت بابت ڪيترائي اهم پهلو ظاهر ڪيا آهن. ڀٽائيءَ جو کاهوڙي تحريڪ سان ڪهڙو ۽ ڪيترو واسطو هو، ان بابت هو پنهنجو نقطه نظر به پيش ڪري ٿو ۽ اهو خيال پيش ڪري ٿو ته ڀٽائي شعوري حدن ۾ شاهه عنايت کان پوئتي ڪو نه هو، البت عملي طرح شاهه عنايت وڌيڪ متحرڪ هو. هو ڪيترن ئي حوالن ذريعي ٻنهي کي هم خيال ۽ شعوري ساٿي ثابت ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ بدر ابڙي جوڳين ۽ ڪاپڙين سان ڀٽائيءَ جي سنگت بابت به هڪ بيحد نرالو ۽ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي بيتن ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڀٽائيءَ جو انهن سان ڪهڙي قسم جو رشتو هو!
منهنجي ذاتي راءِ ۾ هن ڪتاب جو سڀ کان اهم موضوع آهي، رسالي جي ماڳن مڪانن بابت اکين ڏٺي احوال جي صورت ۾ اڳيان آندل تحقيق ۽ سندس مختلف ڪردارن ۽ سورمن بابت تاريخي حوالا!
شاهه جي سورمين بابت ڀنڀاڻيءَ جي ڪتاب ”شاهه جون سورميون“
کان وٺي خود منهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ تائين گھڻ ئي حقيقتون پڌريون ڪيون ويون آهن ۽ بدر ابڙي به انهن جا پيرا کنيا آهن، پر شاهه جي سورمن يا مرد ڪردارن بابت ڪنهن هڪ اڌ مضمون کانسواءِ گھڻو ڪونه لکيو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ بدر ابڙي باقاعدي تحقيق ڪري تاريخي حوالن سان شاهه صاحب جي سورمن کي پيش ڪيو آهي، جن مان لاکو ڦلاڻي، جسوڌڻ، سپڙڄام، بدماڻي پنرو، ڄام تماچي، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل وغيره تي تفصيل سان لکيو اٿس.
هن ڪتاب پڙهڻ سان جيئن جيئن ماڻهو اڳئي وڌي ٿو تيئن تيئن بدر جي تنقيدي ۽ تحقيقي صلاحيت سان گڏ تحرير جي خوبي جو پڻ قائل ٿيندو وڃي ۽ اهو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته هن وٽ تخليقي قوت جي ڪا به ڪمي ڪانهي.
Book No . 683
Kitab Jo Nalo : SINDH JO SHAH
By : Badar Abro
First Edition Shah Latif Chair 2000
New Revised Edition © Roshni 2014
Pages : 432
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs.500.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔
—


































Comments
Post a Comment