JAIL JEE DIARY
جنرل ضياءُالحق جيتري آئين جي بيحرمتي ڪئي، ان کي بار بار پنهنجي سهولت مطابق ترميم ڪيو، يا انجي تنسيخ ڪئي، اهڙي بيحيائيءَ سان ٽي ويءَ تي قانون ۽ آئين سان بيهودو مذاق ڪيو جو انسان جو ذهن ايتري شُتر بي مهاري ۽ طوطا چشميءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. روز C.M.L.A. ۽ صوبائي M.L.A جا آرڊر ۽ آرڊينس ڌڙا ڌڙ اچي رهيا هئا، جو وڪالت جو پيشو نهايت مشڪل ٿي پيو هو ۽ ڄڻ دل انگريز جي دؤر کي ساريندي هئي. جڏهن قانون کي ڪا ئي پائندگي هئي ۽ هينئن انڌ جي گهوڙي تي سوار نه هو. ابلاغ جي ذريعي مان اعتبار نڪري ويو هو ۽ جيل اندر يا جيل کان ٻاهر ماڻهو B.B.Cٻڌندا هئا ۽ رڳو ان جي خبرن تي اعتبار ڪندا هئا. آمريڪا جا رسالا، ٽائيم، نيوز وِيڪ وغيره ان وقت جنرل ضياء جا حمايتي هئا ڇو ته انوقت ڪميونزم جي ڀَـؤ کان آمريڪا ٽين دنيا جي باري ۾ بدترين فوجي آمريتون اتساهيندي هئي ۽ ويٽنام ۾ شڪست کان پوءِ ته ڄڻ ڇتي ٿي پئي هئي. پاڪستان جي باري ۾ ڪا به صحيح خبر نه ڏيندا هئا، روس جي رسالن تي پابندي هوندي هئي. پر اهي به هن راڪشس کي گهڻو ڪاوڙائڻ نه چاهيندا هئا، رفيق صفي ۽ بدر ابڙي جهڙا انسان ’هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي‘ جو مثال هئا ۽ جڏهن ڪاٺيون کپي ويون هيون ته باهه ۾ پنهنجا هڏ ڀڃي وجهندا هئا ته جئين دونهي دکيل رهي.
هن ڊائريءَ جي خوبي ئي ان جي داخليت آهي. لينن جي انٽيليجنس جي سربراهه زرزينسڪيءَ جي جيل جي ڊائري پڙهي، ماڻهو ڪو ئي تاريخي مواد حاصل ڪري ته ڪري باقي ادبي دستاويز جي حيثيت ۾ نهايت ئي بور ڊائري آهي. آرٿر ڪوئلسر لزبن ۾ فرانڪو جي قيد ۾ رهي جا ڊائري لکي سا ڪجهه وڌيڪ دلچسپ آهي پر ان ۾ به زياده تر خارجيت آهي. بدر ابڙي جي ڊائري انڪري نهايت دلچسپ آهي جو ان ۾ گهڻو ڪري هڪ حساس اديب جا پنهنجا پهرين جيل جا تاثرات آهن، جن جو نهايت موثر بيان ٿيل آهي. مون لينن گراڊ ۾ اهو جيل خانو به ڏٺو جتي زار جي زماني ۾ لينن جي ڀاءُ کي ۽ گورڪي ۽ ٻين انقلابين کي رکيو ويو هو، پر ان معاملي ۾ ضياء جي ڀيٽ ۾ زار بدرجها بهتر هئو ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪنهن تشدد پسند زار تي ناڪام ئي سهي، حملو ته ڪيو، پر ضياء تي اهڙو حملو به نه ڪيو ويو ۽ جي ڪا ئي سازش ٿي ته اها دٻائي وئي ۽ ان جا صحيح تفصيل عوام جي ڌيان تي نه آندا ويا، سارو معاملو ڪنهن ازلي دهشتگرد حل ڪيو، نه ته اڃا تائين اسان ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبا اچون ها. معلوم نه آهي ته هيءَ حڪومت ضياء جي دور تي هڪ وائيٽ پيپر ڇو نٿي شايع ڪري؟ ڪيستائين ضياء جا حواري اقتدار جون ڪرسيون والاري ويهندا؟ ايڪهين صدي اچي رهي آهي، انسان ڪائنات کي تسخير ڪندا ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتا آهن. هاڻي اها فوجي آمرن جي ڌئونس ۽ ڌانڌلي ختم ڪئي وڃي. مان ڀانيان ٿو ته بڪونن ڪنهن حد تائين صحيح هئو ۽ اقتدار جي هوس دولت جي هوس کان بُري آهي ۽ انسان جي جبلت ۾ وڌيڪ شامل آهي.
مان هاڻي سمجهي سگهيو آهي ته جمال ابڙو رٽائرمينٽ کانپوءِ فرصت ۾ ڇو نٿو لکي، دراصل جي منهنجو ڪو ئي پُٽ بدر جهڙو لکي سگهي ها ته مان به لکڻ ڇڏي ڏيان ها ۽ هن جي تخليق تي قناعت ڪريان ها.
شيخ اياز
5 فيبروري 1990
Book No . 666
Kitab Jo Nalo : JAIL JEE DIARY
By : Badar Abro
First Edition 1990
Second Edition © Roshni 2014
Pages : 255
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs.300.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔
—




































Comments
Post a Comment